Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

دوست ۽ دوستيءَ جا معيار حضرت علي عليہ السلام جي نظر ۾

حضرت علي عليه السلام جي قولن، خطن ۽ خُطبن جي مجموعي نهج البلاغه ۾ سندن هڪ خطبو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته هن دنيا ۾ هر ڪوئي سچو دوست ڳوليندو آهي پر پاڻ اهو ٿيڻ جي تڪليف برداشت ناهي ڪندو

سچي دوست جي متلاشين لاءِ ان کان وڌيڪ رهبري ڪا ٻي نه ٿي سگهي ٿي ڇو ته جيڪڏهن سچي دوستي جي ڳولا ڪندڙ پاڻ سچو ٿي پوي ته هن دنيا ۽ هر ماڻهو کي سچو ٿيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن دنيا جو هر ماڻهو سچو ۽ سٺو بڻجي وڃي ته انسان جي تلاش ئي ختم ٿي وڃي ۽ هر طرف سٺائي ۽ سچائي جو آغاز ٿي پوي

مُشتاق ٽانوري

دنيا ۾ اڀرندڙ سج سان شروع ٿيندڙ هر ڏينهن پنهنجي پنهنجي اهميت رکي ٿو، ڪي ڏينهن ڪنهن شخصيت جي نسبت جي ڪري سڃاتا ويندا آهن ۽ ڪي شخصيتون ڏينهن جي حوالي سان ياد ڪيون وينديون آهن. اڄ 21  رمضان جو ڏينهن آهي ان ڏينهن کي سڄي دنيا جا شعور رکندڙ ماڻهو ان شخصيت جي حوالي سان ياد ڪندا آهن جنهن شخصيت زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجي ڏاهپ، سياڻپ ۽ ڪمال جا اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. دنيا جي تاريخ کي کڻي ڏسبو ته تمام گهٽ شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن کي زندگي جي سڀني شعبن ۾ ڪمال حاصل هجي. جڏهن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪمال رکندڙ شخصيتن جي فهرست ٺاهي ويندي ته هن شخصيت کي ڪنهن به ريت وساري يا ان کان ڪنڌ ڦيرائي نٿو سگهجي. 21 رمضان دنيا جي ان عظيم مفڪر، فلاسافر ۽ دنيا جي رهبري ڪندڙ امام جي شهادت جو ڏينهن آهي جنهن کي عرب جي صحرائن ۾ علي ابن ابو طالب جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

علي ابن ابو طالب هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن کي دنيا جي هر تهذيب ۽ دنيا جي هر سماج پنهنجو هيرو سمجهيو آهي. تمام گهٽ شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جيڪي هر تهذيب ۽ هر سماج جو حصو بڻجي وينديون آهن ۽ هر تهذيب ۽ هر سماج ۾ انهن جي لاءِ پنهنجائپ محسوس ڪئي ويندي آهي. علي ابن ابو طالب اهڙي ئي شخصيت آهي جنهن کي عرب کان وٺي عجم جي هر ماڻهو پنهنجو سمجهيو. زندگيءَ جو شايد ئي ڪو اهڙو شعبو هجي جنهن بابت دنيا جي هن عظيم مفڪر علي ابن ابو طالب جو فرمان يا قول موجود نه هجي. ٻين سڀني موضوعن کي ڇڏي دنيا جي هر ماڻهو جي ضرورت واري موضوع دوست کي حضرت علي عليه السلام جي قولن جي روشني ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

دنيا جي نفسا نفسي واري دؤر ۾ هر ماڻهو متلاشي آهي، ان ماڻهو جو جنهن سان هي پنهنجي جيءَ جون سڀ ڳالهيون اوري سگهي، هر ماڻهو جي دل ۾ اها آس هوندي آهي ته هن کي ڪو وفادار، ڪو پُرخلوص ۽ سچو ماڻهو ملي. ماڻهن جي زندگي جو سڄو سفر ان ڳولا ۾ گذري ٿو ۽ اهو سفر ختم ٿئي ٿو ته شڪايتن ۽ گلائن تي سڄي عمر جي ڳولا بعد به آخر ماڻهو ناڪام ڇو ٿو وڃي. آخر ڇو ماڻهو پنهنجو هدف سچو دوست ماڻي نٿو سگهي. ڇو هر دوستي جي پڄاڻي شڪايتن ۽ گلائن تي وڃي ٿئي ٿي.

دنيا جي عظيم ترين مفڪر حضرت علي عليه السلام جي قول جي روشني ۾ ڏسجي ته ڪنهن حد تائين اسان کي ان سوال جو جواب ملي ويندو. حضرت علي عليه السلام جي قولن، خطن ۽ خُطبن جي مجموعي نهج البلاغه ۾ سندن هڪ خطبو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته هن دنيا ۾ هر ڪوئي سچو دوست ڳوليندو آهي پر پاڻ اهو ٿيڻ جي تڪليف برداشت ناهي ڪندو. سچي دوست جي متلاشين لاءِ ان کان وڌيڪ رهبري ڪا ٻي نه ٿي سگهي ٿي ڇو ته جيڪڏهن سچي دوستي جي ڳولا ڪندڙ پاڻ سچو ٿي پوي ته هن دنيا ۽ هر ماڻهو کي سچو ٿيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن دنيا جو هر ماڻهو سچو ۽ سٺو بڻجي وڃي ته انسان جي تلاش ئي ختم ٿي وڃي ۽ هر طرف سٺائي ۽ سچائي جو آغاز ٿي پوي. اصل ۾ سڀڪجهه انسان پاڻ ئي آهي جيڪڏهن انسان پاڻ ئي پنهنجي پوتاميل ڪندو تڏهن ئي معاشري ۾ بهتري جي سفر جو آغاز ٿيندو.

ان سان گڏوگڏ حضرت علي عليه السلام دنيا جي ماڻهن لاءِ دوست ۽ دشمن جا قسم پڻ بيان ڪيا آهن. پاڻ فرمائين ٿا ته دوست ٽن قسمن جا ٿين ٿا هڪ دوست، ٻيو دوست جو دوست، ٽيو دشمن جو دشمن ۽ وري دشمن به ٽن قسمن جا ٿين ٿا هڪ دشمن ٻيو دوست جو دشمن ۽ ٽيون دشمن جو دوست. دوست ۽ دوستي جي ان کان وڌيڪ بهتر وصف شايد ئي ڪو بيان ڪري سگهي. جيڪڏهن ان قول جي روشني ۾ ڏسجي ته اسان کي پنهنجي دوست ۽ پنهنجي دشمن جي بهتر نموني سان سڃاڻ ٿي پوندي. ان قول کي اڳتي وڌائيندي علي عليه السلام دوست ۽ دوستي جي وصف کي هيٺيئن ريت وڌيڪ سولو ڪري ٿو. دوست جا 3 قسم ٿين ٿا هڪ اهڙا دوست جن جو هجڻ غذا وانگر ضروري آهي ۽ ٻيا اهي دوست جيڪي دوا وانگر هوندا آهن ۽ انهن جي ضرورت بيماري وقت محسوس ٿيندي آهي ۽ ٽيان اهي دوست جيڪي بيماري جيان هوندا آهن اهي جڏهن ملندا آهن بيمار ڪري ويندا پر هوندا اسان جا دوست آهن. دوستن جي انهن قسمن کي ايڏي سولائي ۽ وڻندڙ انداز سان بيان ڪرڻ جو فن صرف علي عليه السلام وٽ ئي موجود آهي.

اسان جي معاشري ۾ اڪثر ماڻهو دوستن جا عيب ۽ غلطيون سرِ محفل بيان ڪندي نظر ايندا آهن. پر علي عليه السلام ان عمل کي غلط قرار ڏيندي فرمائي ٿو ته دوست ڪرڻ کان پهريان دل ۾ هڪ قبرستان ٺاهيو جنهن ۾ هن جون غلطيون ۽ عيب دفن ڪري سگهجن. سٺو دوست اهو آهي جيڪو روبرو بُرائي بيان ڪري تنقيد ڪري ۽ غيرموجودگي ۾ پنهنجي دوست جون خوبيون بيان ڪري. هي دنيا جتي انسان دولت ۽ مال جي معيار تي امير ۽ غريب سمجهيو وڃي ٿو، ان معيار کي علي عليه السلام رد ڪندي چوي ٿو ته توهين ڇا ٿا سمجهو غريب اهو آهي جنهن وٽ دولت ناهي، اهو به بلڪل غلط آهي غريب اهو آهي جنهن جو ڪو به دوست ناهي. هڪ پاسي علي عليه السلام ان ماڻهو کي امير ٿو سڏي جنهن وٽ دوست هجن ته ٻئي طرف ان جي ئي ابتڙ عجيب نظريو ڏيندي علي عليه السلام چوي ٿو ته لکين ماڻهن کي دوست بڻائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته هڪ اهڙو دوست ٺاهيو جيڪو اوهان جو ساٿ ان وقت ڏي جڏهن لکين ماڻهو توهان جا مخالف بڻجي وڃن.

علي عليه السلام دوست کي ماڻهو جو آئينو سمجهي ٿو، جڏهن کانئن پڇيو وڃي ٿو ته مولا ٻڌايو دوست ڀلو يا ڀاءُ ته پاڻ بنا دير جي جواب ڏنائون ته ڀلو ڀاءُ پر جيڪڏهن دوست هجي زندگي جي عظيم تعلق دوستي بابت دنيا جي هن عظيم شخص جا ڪيترائي نظريا ۽ قول مختلف ڪتابن ۾ پکڙيا پيا آهن. مان پنهنجي هنن وِيچارَن کي حضرت علي عليه السلام جي ان تاريخي آخري وصيت تي ختم ڪندس جيڪا پاڻ پنهنجي موڀي پٽ حضرت امام حسن مجتبيٰ کي لکت ۾ ڏني هئائون. نهج البلاغه ۾ اها وصيت ائين موجود آهي. دوست اگر ناراض ٿئي ته ان کي پرچائڻ وڃو، هو اگر منهن ڦيري ته ان طرف وڃو ٻئي طرف منهن ڦيري ته ٻئي طرف وڃو، بار بار وڃڻو پوي ته بار بار وڃو، دوست تعلق ٽوڙي توهان تعلق جوڙيو، هو قطع تعلقي ڪري ته توهان صلئه رحمي ڪيو، توهان هن سان اهو رويو رکو جيڪو هڪ غلام پنهنجي آقا سان رکندو آهي پر خبردار اهو رويو نااهل ۽ ڪم ظرف سان نه هجي ۽ پنهنجي دوست کان ايترو پري نه رهو جو اهو توهان کانسواءِ جيئڻ سکي وٺي.

___________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button