BRICS 2026: عالمي نظام ۾ هندستان جو نئون سفارتي امتحان
نئين دهليءَ ۾، هندستان نئين عالمي نظام جي شڪل کي پرکي رهيو آهي
يارھن اصل ميمبرن ۽ ڀائيوار ملڪن جي وڌندڙ حلقي سان اھو اتحاد اڀرندڙ معيشتن جي هڪ ڪلب طور پنهنجي اصل سڃاڻپ کان اڳتي نڪري چڪو آهي. نئين دهليءَ ۾ 2026 واري سربراھي اجلاس ۾ وڏو سوال اهو هو ته ڇا ڏينهون ڏينهن وڌيڪ پکڙجندڙ اتحاد پنهنجي وڌندڙ اقتصادي ۽ سياسي وزن کي اثر ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو؟

گُنجيت سِرا، انڊيا
سيپٽمبر جي چند ڏينهن لاءِ، نئين دهلي هڪ اهڙي دنيا جي سفارتي ملاقاتن جو ميدان بڻجي وئي جنهن کي صاف نموني ترتيب ڏيڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. 18هين BRICS اجلاس يارھن اصل ميمبرن برازيل، روس، هندستان، چين، ڏکڻ آفريڪا، مصر، اٿوپيا، ايران، متحده عرب امارات، سعودي عرب ۽ انڊونيشيا سميت وسيع ٿيل گروپ پارٽنر ملڪن جي اڳواڻن کي هڪ اهڙي وقت ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪيو، جڏهن بين الاقوامي نظام هڪ ئي وقت ڪيترن ئي پاسن کان دٻاءَ هيٺ آهي. يوڪرين ۾ جنگ روس کي مغرب کان الڳ ڪرڻ جو عمل جاري رکيو آهي، اولهه ايشيا واري تڪرار هڪ اڳ ئي نازڪ خطي کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ آمريڪا ۽ چين بين الاقوامي حڪمت عمليءَ جي مقابلي ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته واپار، ٽيڪنالاجي، ماليات ۽ سپلاءِ چينز ڏينهون ڏينهن جيو پوليٽيڪل طاقت جا هٿيار بڻجي چڪا آهن.
هندستان لاءِ، نئين دهليءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم شايد چيني صدر شِي جن پنگ جي موجودگي ھئي، جيڪو ستن سالن ۾ پهريون ڀيرو هندستان آيو هو. سندس واپسي 2020 واري گلوَان واديءَ واري جھڙپ کانپوءِ ٿي، جنهن هندستان-چين تعلقات کي تبديل ڪري ڇڏيو هو، ۽ چٽاڀيٽي ۽ سھڪار تي ٻڌل هڪ پيچيده ڀائيواريءَ کي فوجي دستن جي مقرري، سفارتي بي اعتمادي ۽ حڪمت عمليءَ جي شڪي ماحول ۾ بدلائي ڇڏيو هو. ٻنهي ملڪن سالن تائين ايل او سي (Line of Actual Control) وٽ صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جڏهن ته سياسي لاڳاپا محدود رهيا. تنهن ڪري شِي جو ٻيهر وزير اعظم نريندر موديءَ سان ميز تي ويھڻ سفارتي ري سيٽ کان وڌيڪ محتاط ۽ شايد وڌيڪ نتيجي خيز شئي جي نمائندگي ڪري ٿو. اها رقابت کي ضابطي هيٺ آڻڻ جي هڪ ڪوشش هئي.
اجلاس جي موقعي تي مودي-شِي ملاقات کي ان لاءِ غور سان ڏٺو ويو تهڏسجي تہ اها ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي مستقبل بابت ڇا ٿي ظاهر ڪري. ٻنهي طرفن جي لھجي مان اها مڃتا ظاهر ٿي ته ڪوبه ملڪ مسلسل خراب ٿيندڙ لاڳاپن جو بار نٿو کڻي سگهي. چين پنهنجي خارجي ماحول ۾ وڌيڪ استحڪام چاهي ٿو جڏهن ته هو واشنگٽن سان ڇڪتاڻ، واپار ۽ سپلاءِ چينز بابت غير يقيني صورتحال ۽ ڪيترن ئي خطن ۾ بدامنيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٻئي طرف، هندستان جي به اهڙي ڪائي خواھش ناهي ته پنهنجي سڀ کان وڏي پاڙيسريءَ سان لاڳاپا مڪمل طور تي برف وانگر ڄميل رهن، خاص طور تي تڏهن جڏهن نئين دهلي پنهنجي پاڻ کي هڪ وڌيڪ ٽڪراءَ واري دنيا ۾ هڪ آزاد قطب جي طور تي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
سفارتڪاري صرف ڊرامائي اعلانن ذريعي اڳتي نہ وڌندي آهي. اها سربراهن جي ملاقاتن، فوجي رابطا کليل رهڻ، واپار جاري رهڻ ۽ اختلافن کي بحران بنجڻ کان اڳ ئي بند ٻڌڻ سان اڳتي وڌندي آھي. موجودہ وقت هندستان ۽ چين بہ انھيءَ موڙ تي آھن. سندن مقصد چٽاڀيٽيءَ کي ختم ڪرڻ ناهي پر ان کي ايترو قابلِ فهم ۽ ضابطي هيٺ آڻڻ آهي جو اهو بار بار ٽڪراءَ جو روپ اختيار نہ ڪري.
اهو ئي نقطو آهي جتي BRICS وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو. هي انهن چند بين الاقوامي فورمز مان هڪ آهي جتي هندستان ۽ چين وٽ هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ ويھڻ جو هڪ مضبوط سبب موجود آهي. عالمي نظام بابت هڪجهڙائي رکن يا نه، پر انهن کي ان جي ڪجھ ادارن تي تعاون ڪرڻو پوي ٿو. انهن کي حڪمت عملي طور هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر اها سڃاڻپ ضروري آهي ته اهڙا علائقا آهن جتي انهن جا مفاد هڪ ٻئي سان ملن ٿا.
ان لحاظ کان، BRICS هڪ اهڙو موقعوآھي جيڪو ورلي ئي ملي ٿو: ملڪن لاءِ هڪ ٻئي سان پنهنجا سڀ اختلاف حل ڪرڻ کان سواءِ به گڏجي ڪم ڪرڻ جو هڪ طريقو.
هڪ تمام مختلف BRICS
جنهن تنظيم جي ڇانو هيٺ شِي ۽ مودي مليا، اها ان BRICS کان بلڪل مختلف آهي جيڪا شروع ۾ برازيل، روس، هندستان ۽ چين جي نالن مان ٺهيل هڪ مختصر لفظ (Acronym) طور اڀري هئي. ڏکڻ آفريڪا 2010 ۾ شامل ٿيو، جنهن کان پوءِ هڪ وڏي توسيع ٿي جنهن ۾ مصر، اٿوپيا، ايران، عرب امارات، سعودي عرب ۽ انڊونيشيا هن گروپ ۾ شامل ٿيا. نتيجي ۾ BRICS جاگرافيائي طور وسيع، اقتصادي طور تي وڌيڪ متنوع ۽ سياسي طور تي وڌيڪ پيچيده بڻجي چڪو آهي. ان جي طاقت پڻ ان ئي تنوع ۾ آهي، پر ان جي ڪمزوري پڻ ان ۾ ئي آهي. اهي ملڪ هڪ سياسي نظام، سيڪيورٽي ڍانچو يا هڪ ئي جيو پوليٽيڪل نظريو نٿا رکن. ڪجهه واشنگٽن سان ويجها لاڳاپا رکن ٿا، جڏهن ته ٻيا آمريڪي طاقت کي وڏي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ڪجهه مغربي مارڪيٽن ۽ ادارن تي ڀاڙين ٿا، جڏهن ته ٻيا في الحال متبادل ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. روس، چين، يورپ ۽ آمريڪا سان انهن جا لاڳاپا مختلف آهن. هندستان ۽ چين شايد ان تضاد جو سڀ کان واضح مثال آهن.
اهي حڪمت عمليءَ جا حريف آهن پر اهي BRICS ۾ شراڪتدار پڻ آهن.
ان تضاد کي گڏ کڻي هلڻ جي صلاحيت ئي تنظيم کي ان جو خاص ڪردار ڏئي ٿي. BRICS ڪو فوجي اتحاد، سياسي يونين يا روايتي اقتصادي بلاڪ ناهي. هي هڪ اهڙو پليٽ فارم بنجي رهيو آهي جنهن ذريعي بين الاقوامي نظام تي اختلاف رکندڙ ملڪ اهو طئہ ڪري سگهن ٿا ته ان تي انهن جو ڪيترو اثر رسوخ هئڻ گهرجي. اهو فرق بنيادي آهي. پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر هن اجلاس کي “انتهائي قطب نما دنيا” ۽ اولهه ايشيا ۾ تڪرار جي باوجود “اتفاقِ راءِ” پيدا ڪرڻ واري پليٽ فارم طور بيان ڪيو.
هندستان پنهنجي BRICS صدرات کي هڪ اهڙي موقف کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي جيڪو ان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو مرڪزي نقطو بڻجي چڪو آهي: گلوبل سائوٿ (Global South) کي هاڻي اهڙن ملڪن جي مجموعي طور نه ڏسڻ گهرجي جن کي قائم ٿيل طاقتون صرف تڏهن ٻڌن جڏهن انهن لاءِ سهولت هجي. اهو مقصد صرف نمائندگي جو ناهي، پر اختيار ۽ خود مختياري جو آهي.
آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) کي ضابطي ۾ آڻيندڙ قانون ڪير ٺاهي ٿو؟ سرمائي تائين رسائي ڪير ڪنٽرول ڪري ٿو؟ آبهوا جي موافقت (Climate Adaptation) جو خرچ ڪير کڻندو؟ غذائي ۽ توانائي جون سپلائيز ڪيتريون محفوظ آهن؟ جڏهن جيو پوليٽيڪل تڪرار تجارتي رستا، مالياتي نظام يا سپلاءِ چينز کي متاثر ڪن ٿا ته ترقي پذير معيشتن سان ڇا ٿئي ٿو؟
اهي اھڙا سوال آهن جيڪي روايتي طاقتور مرڪزن کان دُور ملڪن جي اقتصادي ۽ سياسي مستقبل جو تعين ڪن ٿا.
هندستان چاهي ٿو ته انهن سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ انهن ملڪن جو وڏو ڪردار هجي.
BRICS نئين دهليءَ کي انهن پليٽ فارمن مان هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو جنهن ذريعي هو اهو موقف پيش ڪري سگهي ٿو.

محتاط طريقي سان جوڙيل اتفاقِ راءِ
نئين دهلي اجلاس جي سڀ کان اهم حاصلات شايد اها هئي جيڪا BRICS نہ چوڻ جو فيصلو ڪيو. 11 ميمبرن وارو بلاڪ ايران ۽ يوڪرين جي جنگين تي سخت اختلافن جي باوجود گڏيل پڌرنامو منظور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر اهو سفارتي عام فھمي واري ٻوليءَ ذريعي ڪيو ويو. ايران واري تڪرار تي، پڌرنامي ۾ اولهه ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي “گھري تشويش” جو اظهار ڪيو ويو ۽ “انتهائي ضبط” جي اپيل ڪئي وئي، پر آمريڪا، اسرائيل، ايران يا نار جي ملڪن جو نالو وٺڻ کان پاسو ڪيو ويو. اها ڪائي اتفاقي ڀل نه هئي. ايران BRICS جو ميمبر آهي، ايئن ئي عرب امارات پڻ آهي، جيڪو تڪرار جي مخالف پاسي موجود رهيو آهي. ذميداري مڙهڻ وارو سخت بيان ان محتاط طريقي سان جوڙيل اتفاقِ راءِ کي قائم رکڻ وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏي ها.
هندستان جو انهن اختلافن جي باوجود پڌرنامو منظور ڪرائي وٺڻ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي پر اها BRICS جي حقيقي حدن کي پڻ ظاهر ڪري ٿي. اها تنظيم مختلف حڪمت عملي جا مفاد رکندڙ ملڪن کي هڪ ئي ميز تي تڏهن ئي ويهاري سگهي ٿي جڏهن ٻولي ايتري وسيع هجي جو انهن مان هر هڪ ان ۾ پنهنجو موقف ڏسي سگهي. ٻين لفظن ۾، اتفاقِ راءِ ممڪن آهي پر اڪثر پنهنجي مخصوص موقف جي قيمت تي.
گذريل سال جي پڌرنامي سان ڀيٽ نتيجي خيز هئي. 2025 ۾، BRICS ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي هئي. 2026 تائين، ٻوليءَ کي باقاعدي وڌيڪ عام ۽ محتاط بڻايو ويو، جيڪو تبديل ٿيل حالتن ۽ گروپ اندر وڌندڙ اختلافن کي ظاهر ڪري ٿو. مئي ۾، BRICS جي پرڏيهي وزيرن پاڻ ايران تڪرار تي گڏيل بيان تي اتفاق ڪرڻ ۾ ناڪام ويا هئا. تنهن ڪري نئين دهلي پڌرنامو انهن اختلافن جي خاتمي جي نہ پر هندستان جي ان صلاحيت جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن هڪ اهڙو فارمولا ڳولي ورتو جيڪو انهن سڀني کي گڏائي سگهي ٿو.
ساڳي حڪمت عملي يوڪرين بابت ٻوليءَ ۾ به نظر آئي. پڌرنامي ۾ جنگ جو نالو وٺڻ کان سواءِ ڳالھين، مشاورت ۽ سفارتڪاريءَ ذريعي تڪرارن کي حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي، جڏهن ته اقوامِ متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل پاران منظوري کان سواءِ مڙهيل هڪطرفين پابندين تي تنقيد ڪئي وئي. روس لاءِ، جيڪو يوڪرين تي حملي کان پوءِ وسيع مغربي پابندين جو شڪار آهي، اها ٻولي واضح اهميت رکي ٿي. پر هندستان ۽ ڪجهه ٻين ميمبرن لاءِ، اها واٽ پيش ڪري ٿو جنهن سان هو دٻاءُ وارن هڪطرفن قدمن جي مخالفت ڪري سگهن ٿا پر روس جي جنگ واري ٻئي موقف سان مڪمل اتفاق به نہ ڪن.
پڌرنامي ۾ شهري ۽ پرامن ائٽمي تنصيبات جي تحفظ جي پڻ اپيل ڪئي وئي جيڪي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) جي ضابطن هيٺ ڪم ڪري رهيون آهن، اهڙي ٻولي جنهن کي ايراني ائٽمي تنصيبات تي حملن جي اشارتي تنقيد سمجهي سگهجي ٿو يعني بغير ڪنهن تي سڌي ذميداري وجهڻ جي. نتيجو هڪ اهڙو سفارتي دستاويز هو جيڪو انهن ڳالهين تي وڌيڪ ٻڌل هو جن کي اڻ چيو ڇڏي ڏنو ويو هو، بغير ان جي ته ڪهڙين ڳالهين تي اتفاق ٿيو هو. فلسطين جي مسئلي تي BRICS واضح موقف اختيار ڪيو، فلسطيني عوام جي جبري بي دخلي ۽ غصب ٿيل فلسطيني علائقن جي جاگرافي يا آباديءَ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جي سخت مخالفت ڪئي. ان غزه ۾ اسرائيل جي جنگ کي بند ڪرڻ، بغير ڪنهن رڪاوٽ جي امداد پهچائڻ، UNRWA جي حمايت ڪرڻ ۽ فلسطين کي اقوامِ متحده جي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته 1967 وارين حدن ۽ اوڀر يروشلم کي گاديءَ جو هنڌ مڃڻ سان گڏ آزاد فلسطيني رياست واري ٻہ رياستي حل جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
اهو تضاد اهم آهي. هي ظاهر ڪري ٿو ته BRICS اهڙيون سياسي پوزيشنون وٺڻ جي صلاحيت رکي ٿو جيڪي عام ڳالين کان اڳتي هجن جن ۾ ان جا ميمبر ڪافي گڏيل موقف ڳولي وٺن ٿا. وسيع ٿيل BRICS جي سياست کي سمجهڻ جو شايد هي سڀ کان واضح طريقو آهي. هي ملڪن جو اهڙو اتحاد ناهي جن جو گڏيل جيو پوليٽيڪل نظريو هجي، پر هي اهڙو اتحاد آهي جيڪو پنهنجي اختلافن جي وچ ۾ اتفاق وارا علائقا جوڙڻ سکي رهيو آهي.
ان ڪري ايران جنگ هڪ غير معمولي امتحان هئي. حقيقت اها آهي ته BRICS ان اختلاف جي باوجود قائم رهيو ۽ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو، اها اهم ڳالهه آهي. اها حقيقت به اهم آهي ته اهو بنيادي ذميداري نٿي مقرر ڪري سگهيو.
ٻئي ڳالهيون هڪ ئي وقت سچيون آهن ۽ اهو تضاد ان بنياد تي ئي قائم آهي ته BRICS ڇا بنجي رهيو آهي.
هندستان جو گلوبل سائوٿ واري قيادت جو لمحو
هندستان پنهنجي BRICS صدرات کي هڪ اهڙي موقف کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي جيڪو ان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو مرڪزي نقطو بڻجي چڪو آهي: گلوبل سائوٿ کي هاڻي اهڙن ملڪن جي مجموعي طور نه ڏسڻ گهرجي جن کي قائم ٿيل طاقتون صرف تڏهن ٻڌن جڏهن انهن لاءِ سهولت هجي. اهو مقصد صرف نمائندگي جو ناهي، پر اختيار ۽ خود مختياري جو آهي.
وزير اعظم نريندر مودي BRICS کي “بلوغت جي عروج” واري لمحي طور بيان ڪيو ۽ گلوبل سائوٿ کي چيو ته هو صرف “قانونن تي عمل ڪندڙ” بنجڻ جي بجاءِ “قانون ٺاهيندڙ” بڻجن. اها هڪ اهم رٿابندي آهي ڇو ته اها هندستان جي BRICS صدرات جي پويان وڏي مقصد کي ظاهر ڪري ٿي. نئين دهلي صرف ترقي پذير ملڪن کي بنيادي ميز تي وڌيڪ سيٽون ڏيڻ جي گهر نٿي ڪري، پر اهو بحث ڪري رهي آهي ته انهن کي اهو تعين ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ملڻ گهرجي ته اها ميز پاڻ ڪيئن تيار ڪئي وڃي.
چين وارو تضاد
بيجنگ گهڻي وقت کان اهڙي عالمي نظام جي حمايت ڪئي آهي جنهن تي آمريڪا ۽ مغربي ادارن جو غلبو گهٽ هجي. چين جي اقتصادي رسائي، سفارتي ڄار ۽ ترقي پذير دنيا ۾ وڌندڙ اثر رسوخ کيس ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏا وسيلو فراهم ڪن ٿا. هندستان به ان تشخص جو ڪجهه حصو مڃي ٿو.
تنهن هوندي به، هو چين جي پسنديده منزل سان مڪمل متفق ناهي.
نئين دهلي هڪ کليل ۽ گهڻ قطبي دنيا چاهي ٿي، پر اها نٿي چاهي ته آمريڪي غلبي جي جڳهه چيني غلبو وٺي وڃي. اها چاهي ٿي ته گلوبل سائوٿ کي وڌيڪ اختيارات ملن، پر اها نٿي چاهي ته اهي اختيارات بيجنگ جي جيو پوليٽيڪل مقصدن جو تسلسل بڻجي وڃن.
اها خاموش ڇڪتاڻ آهي جيڪا هندستان جي BRICS حڪمت عملي مان گذري رھي آھي. جيتوڻيڪ هندستان حڪمت عملي جي خود مختياري چاهي ٿو، پر هو حڪمت عملي جي تنهائي نٿو چاهي. هو چاهي ٿو ته واشنگٽن، ماسڪو، بيجنگ، يورپ، جپان ۽ ترقي پذير دنيا جي ملڪن سان هڪ ئي وقت ڪم ڪري سگهي، بغير ڪنهن هڪ ڪيمپ ۾ مڪمل طور تي شامل ٿيڻ جي. اهو ئي سبب مودي-شِي ملاقات کي خاص طور نتيجي خيز بڻائي ٿو.
هندستان ۽ چين کي چونڊيل علائقن ۾ تعاون ڪرڻ کان اڳ پنهنجي حڪمت عملي واري رقابت حل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. درحقيقت، ان رقابت جي پنهنجي ۽ حقيقي موجودگي ئي ان کي ضابطي ۾ آڻڻ جي طريقن کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿي. ان ڪري هندستان-چين لاڳاپا BRICS لاءِ پڻ هڪ بهترين مثال پيش ڪن ٿا يعني متفق ٿيڻ کان سواءِ تعاون، راضي نامي بنا لاڳاپا.
انھن سڀني شين جي اقتصاديات
BRICS بابت بحث هاڻي صرف سياسي علامت نگاري کان اڳتي نڪري اقتصادي طاقت جي سوال ڏانهن وڌي چڪو آهي. هن گروپ قومي ڪرنسين ۾ واپار کي وسيع ڪرڻ، متبادل ادائيگي واري نظام کي ترقي ڏيڻ ۽ مغرب جي غلبي واري مالياتي نظام تي انحصار کي گهٽائڻ جا رستا ڳوليا آهن. ان سان اها اڪثر اٽڪل آرائي ٿيندي رهي آهي ته ڇا BRICS هڪ گڏيل ڪرنسي ٺاهي سگهي ٿو جيڪا ڊالر کي چئلينج ڪري سگهي. حقيقت گھٽ ڊرامائي ۽ وڌيڪ دلچسپ آهي. ملڪن کي ڊالر تي دارومدار کي گهٽائڻ لاءِ ان کي مڪمل تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اهي ان سان گڏ متبادل نظام ٺاهي سگهن ٿا.
هندستان لاءِ، اهو فرق انتهائي اهم آهي. نئين دهلي مغربي معيشتن ۽ مالياتي مارڪيٽن سان گھڻو جڙيل آهي ۽ ان نظام کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪائي دلچسپي نٿي رکي جنهن مان ان جي پنهنجي اقتصادي ترقي به فائدي ۾ آهي.
ھندستان سنجھي ٿو اھا وڌيڪ تحرڪ واري جاءِ (Room to manoeuvre) آهي. جيڪڏهن واپار قومي ڪرنسين ۾ وڌيڪ آساني سان ٿي سگهي، جيڪڏهن متبادل ادائيگي وارا نظام وڌيڪ ڪارآمد بڻجي وڃن، ۽ جيڪڏهن ترقي پذير ملڪن کي جيو پوليٽيڪل مالياتي دٻاءُ کان وڌيڪ تحفظ ملي، ته انهن وٽ حڪمت عملي جا رستا کلي وڃن ٿا. تنهن ڪري مقصد ڊالر کي ختم ڪرڻ ناهي، پر اهو يقيني بڻائڻ آهي ته ڊالر ئي واحد اڪيلو ۽ اڻٽر اختيار نه رهي.
واپار جي سوال ان تضاد کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو. پڌرنامي ۾ هڪطرفي ٽئرف ۽ غير ٽئرف قدمن تي تنقيد ڪئي وئي جيڪي عالمي واپار کي متاثر ڪن ٿا ۽ اقوامِ متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي منظوريءَ بغير مڙهيل پابندين جي مخالفت ڪئي وئي. اها ٻولي خاص طور تي ان وقت اهم هئي جڏهن BRICS جي ڪيترن ئي ميمبرن، جن ۾ هندستان، چين ۽ روس شامل آهن، مختلف قسم جي آمريڪي ٽئرفن يا پابندين جو مثال سامھون آيو. پر پوءِ به، گروپ پنهنجي تنقيد کي واشنگٽن سان سڌي رستي واري ٽڪراءُ ۾ تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
آمريڪا جو نالو نه ورتو ويو. اها محتاط حڪمت عملي هندستان لاءِ فائديمند هئي. نئين دهليءَ جا آمريڪا سان گهرا ۽ وڌندڙ اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي لاڳاپا آهن ۽ هو BRICS کي آمريڪا مخالف اتحاد طور استعمال ڪرڻ جو بار نٿي کڻي سگهي. ساڳي ڳالهه، مختلف طريقي سان، ڪيترن ئي ٻين ميمبرن لاءِ به سچ آهي جن جون معيشتون مغربي مارڪيٽن سان گھري طرح جڙيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو مودي جو اهو ئي زور ڏيڻ ته BRICS ڪنهن جي به خلاف ناهي اهميت رکي ٿو. هندستان چاهي ٿو ته BRICS نئين جيو پوليٽيڪل بلاڪ ۾ تبديل ٿيڻ بغير، جيڪو بنيادي طور مغرب جي مخالفت ذريعي سڃاتو وڃي، موجوده بين الاقوامي نظام جي اڻبرابريءَ کي چئلينج ڪري.
اهو فرق بارِيڪ پر بنيادي آهي.
BRICS لاءِ، سڀ کان ڏکيو ڪم پڌرنامن کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. ان جي ساک جو تعين ان ڳالهه تي ٿيندو ته ڇا ان جي وڌندڙ ميمبرشپ واپار، ماليات، ٽيڪنالاجي ۽ ترقيءَ ۾ عملي تعميري تعاون پيدا ڪري سگهي ٿي، يا اها صرف موجوده نظام مان غير مطمئن ملڪن جو هڪ وڏو فورم بنجي رهجي ويندو.
هندستان لاءِ، هي اجلاس ان لاءِ حاصلات جي منزل کان وڌيڪ تعمير جو هڪ موقعو آهي. ان جو اثر ان ڳالهه تي ڀاڙيندو ته هو BRICS پاران جوڙيل جاءِ مان ڇا حاصل ڪري ٿو، ڇا هو نمائندگي کي پنھنجي مفاد لاءِ استعمال ۾، اتفاقِ راءِ کي تعاون ۾، ۽ پنهنجي وڌندڙ وزن کي عالمي معيشت کي موڙيندڙ ادارن ۾ هڪ وڌيڪ اثرائتي آواز ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو يا نه.
______________

گُنجيت سِرا انڊيا جي سينئر صحافي آھي
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



