Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڇا پاڪستان ۾ ’جنريشن زيڊ‘ جو ڪو وجود آهي؟ اها غير فعال يا خاموش ڇو آھي؟

جنريشن زيڊ صرف سوشل ميڊيا تي هڪ متحرڪ قوت آهي. رستن تي نڪرڻ لاءِ وٽن نه ڪو ادارتي تحفظ آهي ۽ نه ئي ڪو خطرو کڻڻ جو شوق؛ سندن باقي توانائيءَ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ چٽ ڪري ڇڏيو آهي جيڪا بھتر مستقبل لاءِ ٻاھرين ملڪن ڏانھن ٿي رھي آھي.

ليکڪ: نصير اعجاز

گذريل ڪجهه سالن دوران، جڏهن مان نيپال، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ ’جنريشن زيڊ‘ (Gen-Z) جي تحريڪن جو مشاهدو ڪري رهيو هوس، ته مون کي ملڪ جي خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ به اهڙي ئي ڪنهن بغاوت جي اميد هئي. پر، حيرت انگيز طور تي، هتي ڪجهه به نه ٿيو. ان ڳالهه منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال پيدا ڪيو: ڇا پاڪستان ۾ ’جنريشن زيڊ‘ جو ڪو وجود آهي به يا نہ؟ جواب مليو ته ها، بلڪل آهي. پوءِ اهي غير فعال يا خاموش ڇو آهن، ۽ ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

مون انهن سببن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان ۾ نوجوانن جي هڪ وڏي اڪثريت آهي. ملڪ جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي آهي. پر، نظر ڊوڙائجي ٿي ۽ جائزو وٺجي ٿو، ته 1960ع واري ڏهاڪي جي تاريخي، شاگردن جي اڳواڻي ۾ هلندڙ تحريڪن يا عالمي سطح تي ڏٺل ’جنريشن زيڊ‘ جي وڏين بغاوتن جي ڀيٽ ۾ کين “غير فعال”محسوس ڪجي ٿو.

حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي جنريشن زيڊ غير فعال ناهي؛ بلڪه انهن جي توانائيءَ کي هڪ منظم طريقي سان دٻايو ويو آهي، ان جو رخ موڙيو ويو آهي، ۽ مختلف حرفتن ذريعي کين ورهايو ويو آهي. گذريل نسلن جي برعڪس، جيڪي رستن تي نڪري ايندا هئا، پاڪستان جي جنريشن زيڊ هڪ ڊجيٽل ذيلي ثقافت (digital subculture) آهي. اهي تمام گهڻو سرگرم آهن، پر سندن جنگ جو ميدان آن لائن آهي. هنن روايتي ميڊيا جي سينسرشپ کان بچڻ لاءِ ميمز (memes)، طنز ۽ ايلگورٿم جي بنياد تي هلندڙ رجحانن (trends) ذريعي سياسي رابطي کي نئين شڪل ڏني آهي.

جڏهن هيءَ ڊجيٽل توانائي رستن تي نڪتي، خاص طور تي 2022ع کان پوءِ جي سياسي تبديلين ۽ فيبروري 2024ع جي چونڊن جي موقعي تي، ته رياست ان جو جواب هڪ بي مثال ۽ هاءِ ٽيڪ (تيز ترين ٽيڪنالاجي واري) ڪريڪ ڊائون ذريعي ڏنو. رياست جي جوابي حڪمت عمليءَ جسماني طور تي احتجاج ڪرڻ جي روايتي طريقن کي ڪاميابيءَ سان ختم ڪري ڇڏيو.

بار بار انٽرنيٽ بند ڪري، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي رفتار سست ڪري، ۽ جديد فائر والز لڳائي، رياست سڌي طرح جنريشن زيڊ جي تنظيمي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو. احتجاج مخالف سخت قدمن، وڏي پيماني تي گرفتارين، ۽ هر پاسي پکڙيل نگرانيءَ جو مطلب اهو آهي ته اڄ ڪنهن گهٽيءَ يا رستي جي ڪنڊ تي بيهڻ سان توهان جي مستقبل جي برباد ٿيڻ جو خطرو ان کان گهڻو وڌيڪ آهي، جيڪو ڏهاڪا اڳ هوندو هو. ان نسل لاءِ، جيڪو اڳ ئي شديد دٻاءُ جو شڪار آهي، خاموشي پنهنجي بچاءُ جي هڪ باشعور حڪمت عملي بڻجي چڪي آهي.

جنھن مُلڪ ۾ آسمان کي ڇهندڙ مهانگائي، ڪاروبار بڻيل  بڻيل تعليمي نظام جيڪو هاڻي روزگار جي ضمانت نٿو ڏئي، ۽ محنت ۽ ان جي ثمر جي وچ ۾ هڪ وڏو اڻبرابريءَ وارو فاصلو هجي، ته اُتي نوجوان آباديءَ وٽ عام طور تي ٻه ئي رستا هوندا آهن: آواز اٿارڻ (احتجاج) يا ٻاهر نڪري وڃڻ (ملڪ مان لڏپلاڻ).

تازي سروي مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڪستان جا 67 سيڪڙو نوجوان ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا. نتيجي طور، پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ ۾ انساني وسيلن جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ human capital flight/brain drain جي دور مان گذري رهيو آهي. بيورو آف ايميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائمينٽ جي تازي انگن اکرن موجب، 2022ع کان 2025ع جي آخر تائين 2.9 ملين (29 لک) کان وڌيڪ پاڪستاني ملڪ ڇڏي ويا.

ان وڏي پيماني تي ٿيندڙ لڏپلاڻ جو اندازو تازن انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو. سال 2024ع ۾، ڪل 727,381 ماڻهن ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار حاصل ڪيو. اهو انگ 2025ع ۾ وڌي 763,526 تائين پهچي ويو. صرف 2025ع ۾ ملڪ 5,946 انجنيئرن، 5,659 اڪائونٽنٽن، 3,795 ڊاڪٽرن، 1,725 استادن، 1,640 نرسن، ۽ 12,700 کان وڌيڪ آئي ٽي (IT) جي ماهرن کان محروم ٿي ويو. ان کان علاوه، انگ اکر ڏيکارين ٿا ته موجوده سال جي پهرين چئن مھينن دوران 250,000 پاڪستاني قانوني طور ملڪ ڇڏي ويا. پاڪستان جي يونيورسٽين مان ساليانو پاس آئوٽ ٿيندڙ گريجوئيٽس جو تقريبن 6 سيڪڙو پنهنجي ڊگري مڪمل ڪندي ئي ملڪ مان نڪرڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي رهيو آهي، جڏهن ته هزارين ٻيا نجي ذريعن، اسٽوڊنٽ ويزا، يا سڌي ريت بين الاقوامي نوڪرين ذريعي ٻاهر وڃي رهيا آهن.

انساني وسيلن جي هن لڏپلاڻ جو بنيادي سبب ملڪ ۾ وڏي عرصي کان جاري اندروني غير يقيني واري صورتحال آهي. مهنگائيءَ سبب وچولي طبقي جا پر ڪپجي ويا آهن، اجرتون (پگهارون) ساڳي هنڌ بيهجي ويون آهن جڏهن ته زندگي گذارڻ جو خرچ آسمان کي ڇُھي رهيو آهي. عام نوجوان آباديءَ ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 30 سيڪڙو جي ويجهو آهي. هڪ قابل ڊاڪٽر يا آئي ٽي ماهر لاءِ، ملڪي پگهار جو ڍانچو عالمي مارڪيٽن جي ڀيٽ ۾ ڪا به حيثيت نٿو رکي، جنهن ڪري مقامي نوڪري معاشي طور تي ناڪافي بڻجي وڃي ٿي.

 انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن (IOM) توڙي ٻين آزاد اڀياسن جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته لڳ ڀڳ هر ڏهن مان چار پاڪستاني موقعو ملڻ تي ملڪ ڇڏي ويندا. نوجوان پروفيشنلز پنهنجو بنيادي سبب رڳو فوري مالي فائدو نه، پر رياستي نظام مان سخت مايوسي، غير مستقل عوامي پاليسيون، ۽ ميرٽ (لياقت) ۽ سماجي انصاف جو نه هجڻ ڏسين ٿا.

اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ اولهه جي ملڪن ۽ نار وارين رياستن ۾ پوڙھن ماڻھن جي وڌندڙ آبادي ۽ تيزيءَ سان ٿيندڙ ڊجيٽلائيزيشن سبب قابل ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي وڏي گهرج پيدا ٿي وئي آهي. اولهه وارا ملڪ مستقل رهائش (PR) جا آسان رستا فراهم ڪري رهيا آهن، جيڪي هڪ اهڙو متبادل پيش ڪن ٿا جيڪو تحفظ، صحت جي سھولت، ۽ هڪ بهتر مستقبل جي ضمانت ڏئي ٿو. اهي شيون جيڪي ملڪ جو موجوده ماحول فراهم ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهيو آهي.

انھن انگ اکرن سان مون کي پنهنجي انهن سوالن جا جواب ملي ويا ته جنريشن زيڊ غير فعال ۽ خاموش ڇو نظر اچي ٿي. اهي سوشل ميڊيا تي هڪ متحرڪ قوت آهن پر رستن تي نڪرڻ لاءِ انهن وٽ نه ڪو ادارتي تحفظ آهي ۽ نه ئي ڪو خطرو کڻڻ جو شوق؛ ان سان گڏوگڏ، سندن باقي توانائيءَ کي تاريخ جي هن سڀ کان وڏي لڏپلاڻ چٽ ڪري ڇڏيو آهي.

______________

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN  جي انگريزي سروس جي ٿورن سان. ترجمو: جيمناءِ

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button