دا نانگ، ويٽنام ۾ ڪوريائي ٻوليءَ جي تعليم بابت سمپوزيم
ڪوريا ڪلچر فائونڊيشن پاران ڪوٺيل سمپوزيم جو موضوع ھو: آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دور ۾ ڪوريائي ٻوليءَ جي تعليم ۾ تبديلي: هم آهنگيءَ ۽ ترقيءَ لاءِ حڪمت عمليون

ليکڪ: سيوڪ-جائي ڪانگ
نائب صدر: ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن
دا نانگ، ويٽنام: ڪوريا ڪلچر فائونڊيشن KCF، چيئرمين ڪم جون-ئل پاران 24 جولاءِ 2026 تي ويٽنام جي ‘يونيورسٽي آف دا نانگ’ ۾ سمپوزيم ڪوٺاو ويو.
25 جولاءِ تائين جاري رندڙ هن ٻن ڏينهن واري تقريب جو عنوان “اي آءِ (AI) جي دور ۾ ڪوريائي ٻوليءَ جي تعليم ۾ تبديلي: هم آهنگيءَ ۽ ترقيءَ لاءِ حڪمت عمليون” هو.

اهو سمپوزيم KCF جي هڪ اهم شروعات، “آن لائين اسٽڊي گروپ فار نيڪسٽ جنريشن ڪوريئن لينگويج ايجوڪيٽرس ان ويٽنام” جو حصو آهي، جيڪو پرڏيهه ۾ ڪوريائي ٻوليءَ جي تعليم ۾ مدد ڪندو آهي. پنهنجي شروعات کان وٺي هن پروگرام ۾ مسلسل واڌارو ٿيو آهي جنهن ۾ 2024 ۾ 20 شرڪت ڪندڙن کان تعداد وڌي 2025 ۾ 30، ۽ هن ٽئين سالياني تقريب تائين اهي وڌي 50 تعليمي ماهرن تائين پهچي ويا آهن.

سمپوزيم جي شروعات کان اڳ، فائونڊيشن پاران ‘يونيورسٽي آف دا نانگ – يونيورسٽي آف فارين لينگويج اسٽڊيز’ (UD-UFLS) سان تعاون جي هڪ يادداشت (MOU) تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن سان ويٽنامي علمي ادارن سان شراڪتداري وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.
هن معاهدي تحت، ٻئي ادارا تعليمي تقريبن جي مدد، تعليمي اشاعتي منصوبن، ۽ ويٽنام ۾ ڪوريائي ٻوليءَ جي استادن جو هڪ ملڪي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.

افتتاحي تقريب ۾ 50 کان وڌيڪ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ KCF چيئرمين ڪم جون-ئل؛ ڊاڪٽر نگيوئن وان لانگ، ريڪٽر، UD-UFLS، وائيس ريڪٽرس، ۽ انٽرنيشنل ريليشنز آفيس جو سربراهه؛ ۽ ويٽنامي ڪوريئن لينگويج ايجوڪيٽرس ايسوسيئيشن جا 40 کان وڌيڪ ميمبر شامل هئا.
ريڪٽر نگيوئن وان لانگ جي ڀليڪار واري خطاب ۽ چيئرمين ڪم جون-ئل جي مبارڪبادي واري تقرير کانپوءِ، ويٽنام ۽ ڏکڻ ڪوريا جي محققن ڪوريائي ٻوليءَ جي تدريس ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) کي شامل ڪرڻ تي تفصيلي علمي بحث ڪيو.

هن سمپوزيم ۾ ٻوليءَ جي تعليم ۾ اي آءِ (AI) جي استعمال تي ٻڌل ڪيتريون ئي جديد تحقيقي آڇون شامل هيون.
فائونڊيشن چيئرمين ڪم چيو: “اهڙين يونيورسٽين سان تعاون ڪرڻ جيڪي عالمي ڏاهپ کي هٿي ڏين ٿيون ۽ اي آءِ (AI) دور جي تقاضائن موجب جديد تعليمي ماڊل جوڙين ٿيون، هڪ مضبوط شراڪتداري ثابت ٿيندي، جنهن سان ڪوريا ۽ ويٽنام وچ ۾ لساني ۽ ثقافتي ڏي-وٺ وڌيڪ گهري ٿيندي. جيئن ته چيٽ جي پي ٽي جهڙيون جديد AI ٽيڪنالاجيون ٻوليءَ جي تعليم جي طريقيڪار کي بنيادي طور تي تبديل ڪري رهيون آهن، اهڙي وقت ۾ اهو سمپوزيم ڪوريائي ٻوليءَ جي تعليم جي مستقبل لاءِ هڪ مضبوط سنگِ ميل ثابت ٿيندو.”

فائونڊيشن جو ارادو آهي ته هو ڪوريائي ٻولي ۽ ان جي الفابيٽ (هانگل) ذريعي ثقافتي سفارتڪاريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، جڏهن ته عالمي هاليئو (ڪوريئن ويو) ثقافت کي وڌيڪ مالامال ڪندو.
______________
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



