Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

 سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پاران گلوبل ريسرچ ڪانگريس ڪوٺائڻ جو فيصلو

17 ۽ 18 ڊسمبر 2025 تي ٻن ڏينهن واري ٽين گلوبل ريسرچ ڪانگريس سان گڏ ڇهه بين الاقوامي ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون وينديون

ڪراچي

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ 17-18 ڊسمبر 2025 تي ٻن ڏينهن واري ٽين ”ايس ايم آءِ يو گلوبل ريسرچ ڪانگريس-25“ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. انھيءَ سان گڏ ڇهه بين الاقوامي ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون وينديون.

ان سلسلي ۾ ٽين گلوبل ريسرچ ڪانگريس جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس اربع تي يونيورسٽيءَ جي ڪانفرنس روم ۾ ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪانگريس ۾ قومي ۽ بين الاقوامي اسڪالرن کي تحقيقي مقالا پڙهڻ جي دعوت ڏني ويندي. وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽيءَ جون سڀئي تعليمي فيڪلٽيون ڪانگريس جي ٻن ڏينهن دوران الڳ الڳ بين الاقوامي ڪانفرنسون منعقد ڪنديون.

ايگزيڪيوٽو ڪائونسل اهو به فيصلو ڪيو ته ڊپارٽمينٽل ڪميٽيون ٺاهيون وينديون ۽ قومي ۽ بين الاقوامي اسڪالرس کان سندن تحقيقي پيپر گهرايا ويندا.

ٽين عالمي ريسرچ ڪانگريس جي تياريءَ لاءِ سي اِي سي ميمبرن کي مختلف ڪم پڻ سونپيا ويا. اجلاس ۾ ڊاڪٽر منصور احمد کهڙو، ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان، ڊاڪٽر اسٽيفن جان، آصف حسين سمون، محترمه قرة العين نذير احمد، عبدالوحيد جتوئي، ياسر شوڪت، آصف غفار ۽ انور ابڙو شرڪت ڪئي. 

بعد ۾ سي اِي سي جي ميمبرن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ سان گڏجاڻي ڪئي. (پريس رليز)

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button