مُھذب سماج جا غيرمُھذب رَويا: انسانيت ڪيئن زنده رهندي؟
اسان کي پنهنجي روزمره جي روين ۾ هڪ ننڍڙي تبديلي آڻڻي پوندي: ڳالهائڻ کان اڳ سوچون ته اسان جا لفظ سامهون واري جي دل تي ڪهڙو اثر ڇڏيندا، فيصلو ڪرڻ کان اڳ حقيقت سمجهون، ۽ ڪنهن جي خاموشيءَ کي ڪمزوري نه سمجهون. سماج تڏهن مهذب بڻجي ٿو، جڏهن طاقتور پنهنجي طاقت سان گڏ رحم به رکي، صاحبِ اختيار پنهنجي اختيار سان گڏ انصاف به ڪري، ۽ هر ماڻهو پنهنجي راءِ سان گڏ ٻئي جي عزت جو به خيال رکي.

حڪيم پريم چاندواڻي
زندگيءَ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به ملن ٿا، جيڪي ڪنهن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ ئي کيس ڏوهاري سمجهي وٺن ٿا. سندن لفظن ۾ سختي، روين ۾ بيحسي ۽ فيصلن ۾ بيواجبي هوندي آهي. هو شايد اهو وساري ويهن ٿا ته انسان جي دل ڪا پٿر جي تختي ناهي، جنهن تي هر وار جو نشان بي اثر رهي. دل به هڪ نازڪ جهان آهي، ان کي ڏنل تڪليف گهڻو وقت خاموش رهڻ باوجود اندر ئي اندر پنهنجو اثر ڇڏيندي آهي. جڏهن ظلم جي انتها ٿئي ٿي، تڏهن اهڙا شعر تخليق ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته ظلم سهڻ جي به هڪ حد هوندي آهي۔
بيواجبيءَ جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته اها رڳو هڪ ماڻهوءَ کي نه ٿي ستائي، پر انساني رشتن جي اعتماد کي به زخمي ڪري ٿي. جتي انصاف بدران ذاتي پسند، انا يا ضد حڪمراني ڪرڻ لڳي، اتي محبت آهستي آهستي پوئتي هٽي وڃي ٿي. ماڻهو ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ، فيصلو ڪرڻ کان اڳ سمجهڻ ۽ الزام ڏيڻ کان اڳ حقيقت معلوم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا. نتيجي ۾ هڪ معمولي ڳالهه به دلين جي وچ ۾ اهڙي وڇوٽي پيدا ڪري ٿي، جنهن کي سالن جا تعلق به ختم نٿا ڪري سگهن.
درد ڏيڻ لاءِ هميشه وڏو ظلم ضروري ناهي، ڪڏهن هڪ بي وقتو لفظ، ڪنهن جي عزت کي نظرانداز ڪرڻ، بنا سبب شڪ ڪرڻ يا ڪنهن جي مجبوريءَ تي چٿر ڪرڻ به دل کي گهرو زخم ڏئي ويندا آهن. افسوس اهو آهي ته جسم جي زخم لاءِ ماڻهو دوا ڳولين ٿا، پر دل جي زخمن لاءِ اڪثر ڪو احساس ئي نٿا رکن. لفظن جا زخم نظر نٿا اچن، پر انهن جي تڪليف ڪڏهن ڪڏهن ظاهري زخمن کان وڌيڪ اذيت ڏيندڙ گهري ۽ ڊگهي هوندي آهي.
سماج تڏهن مهذب بڻجي ٿو، جڏهن طاقتور پنهنجي طاقت سان گڏ رحم به رکي، صاحبِ اختيار پنهنجي اختيار سان گڏ انصاف به ڪري، ۽ هر ماڻهو پنهنجي راءِ سان گڏ ٻئي جي عزت جو به خيال رکي. اختلاف فطري آهي، پر بيواجبي فطري حق ناهي. ڪنهن سان اختلاف رکڻ انسان جو حق آهي، پر ڪنهن کي بي سبب تڪليف ڏيڻ ڪنهن به اخلاق جو حصو نٿو بڻجي سگهي.
اسان کي پنهنجي روزمره جي روين ۾ هڪ ننڍڙي تبديلي آڻڻي پوندي: ڳالهائڻ کان اڳ سوچون ته اسان جا لفظ سامهون واري جي دل تي ڪهڙو اثر ڇڏيندا، فيصلو ڪرڻ کان اڳ حقيقت سمجهون، ۽ ڪنهن جي خاموشيءَ کي ڪمزوري نه سمجهون. شايد اسان کي خبر ئي نه هجي ته اسان جي هڪ نرم ڳالهه ڪنهن ٽٽل دل لاءِ سهارو بڻجي سگهي ٿي.
انسان جي عظمت ان ۾ ناهي ته هو ڪيترا ماڻهو پنهنجي اڳيان جهڪائي سگهي ٿو، اصل عظمت اها آهي ته سندس موجودگيءَ سان ڪيتريون دليون محفوظ، مطمئن ۽ باعزت محسوس ڪن ٿيون. دنيا کي وڌيڪ سخت دل ماڻهن جي نه، پر اهڙن انسانن جي ضرورت آهي، جيڪي طاقت هوندي به نرمي چونڊين، اختلاف هوندي به احترام قائم رکن ۽ ڪنهن جي درد ۾ پنهنجو انسان هجڻ سڃاڻن.
ڇو ته بيواجبي ستايل ماڻهو شايد خاموش رهي، پر دل اندر اهو سوال ضرور اڀرندو آهي ته جيڪڏهن انسان انسان جي درد کي نه سمجهي، ته پوءِ انسانيت آخر ڪٿي آهي، انسانيت آخر ڪيئن زنده رهندي؟
__________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو ڏوڪري شھر ۾ رھي ٿو.



