ڪوريا جي قومي گُل ڪرغزستان جي دل ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھي ورتي
هيبيسڪس ڪوريا جو قومي گل آهي، جنهن کي ڪوريائي ٻوليءَ ۾ “موگونگوا” چيو ويندو آهي. ڪرغزستان-ڪوريا فرينڊشپ پارڪ بشڪيڪ ۾ هيبيسڪس جا 70 ٻوٽا پوکي هڪ ماحولياتي مهم هلائي وئي. انھيءَ عمل سان ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي.

نورجھان ڪسماليوا لکي ٿي
بشڪيڪ: 19 آگسٽ تي ڪرغزستان-ڪوريا فرينڊشپ پارڪ بشڪيڪ ۾ هيبيسڪس (Hibiscus) جا 70 ٻوٽا پوکي هڪ ماحولياتي مهم هلائي وئي. هيبيسڪس ڪوريا جو قومي گل آهي، جنهن کي ڪوريائي ٻوليءَ ۾ “موگونگوا” (Mugunghwa) چيو ويندو آهي.
بشڪيڪ ميئر آفيس موجب، ڪرغزستان ۽ جمهوريہ ڪوريا جي نمائندن سان گڏوگڏ نوجوان رضاڪارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪندڙ هن شهري ساوڪ واري مُھم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ ماحولياتي تعاون جي وسيع پيغام سان ملايو ويو.
ان تقريب ۾ بشڪيڪ جي ميئر ايبڪ جُونوشاليوف، ڪرغز جمهوريه ۾ جمهوريه ڪوريا جي سفير ڪِم ڪوانگ-جي، گيونگي صوبي جي نوجوان رضاڪارن، ڪايا ڪي جي آءِ پبلڪ چئريٽيبل فائونڊيشن جي نمائندن، ۽ بشڪيڪ ميئر آفيس جي ثقافت، راندين، سياحت ۽ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ تحت يوٿ ايڊوائزري ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

سفير ڪِم ڪوانگ-جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي، ڪوريائي رضاڪارن جو شڪريو ادا ڪيو ته انهن گرم موسم جي باوجود ڪرغزستان جو سفر ڪيو ۽ هن مھم ۾ حصو ورتو. هن خاص طور تي گيونگي صوبي جي نوجوانن جي شموليت ۽ ماحولياتي پروجيڪٽ تي مقامي اڳواڻن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي جذبي کي ساراهيو.
“اڄ اسان جيڪو ٻوٽو پوکي رهيا آهيون، اهو صرف هڪ ٻوٽو ناهي. جيئن ان جي نالي مان ظاهر آهي، ڪوريا-ڪرغزستان فرينڊشپ پارڪ هڪ اهڙي جڳهه آهي جيڪا ڪوريا ۽ ڪرغزستان وچ ۾ دوستيءَ جي علامت آهي. اهي ٻوٽا جيڪي توهان هتي پوکي رهيا آهيو، اهي اسان جي ان خواهش جي عڪاسي ڪن ٿا ته اسان جي ٻنهي ملڪن جي دوستي وڌيڪ گهري ۽ مضبوط ٿيندي رهندي،” هن چيو.

سفير ان اميد جو اظهار ڪيو ته هيءَ شروعات ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۽ وڌيڪ مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
“مون کي اميد آهي ته اڄوڪي هيءَ گڏجاڻي ڪوريا ۽ ڪرغزستان لاءِ هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جو هڪ ٻيو موقعو بنجندي ۽ ماحوليات، نوجوانن ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تبادلي ۽ تعاون کي وڌائڻ جو سبب بڻجندي،” ڪِم ڪوانگ-جي وڌيڪ چيو.
بشڪيڪ جي ميئر ايبڪ جُونوشاليوف چيو ته اهڙا قدم نہ صرف بشڪيڪ جي شهري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، بلڪه ڪرغزستان ۽ جمهوريہ ڪوريا وچ ۾ دوستي ۽ تعاون کي پڻ مضبوط ڪن ٿا.

“اڄ اسان صرف ٻوٽا نہ پوکي رهيا آهيون؛ اسان پنهنجن ماڻهن جي وچ ۾ دوستيءَ جي هڪ ٻي علامت قائم ڪري رهيا آهيون. ماحولياتي تحفظ، آبهوا جي تبديليءَ سان منهن ڏيڻ، ۽ شهري ماحول کي بهتر بڻائڻ جي شعبن ۾ تعاون اسان لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. مان نوجوانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جو انهن هن مھم ۾ حصو ورتو، ۽ مون کي يقين آهي ته اهڙيون مثبت مھمون جاري رهنديون،” جُونوشاليوف چيو.
ان مھم لاءِ، هيبيسڪس گل جي چونڊ خاص علامت رکي ٿي. هيبيسڪس سيريئڪس (Hibiscus syriacus)، يا موگونگوا، جمهوريہ ڪوريا جو قومي گل آهي ۽ اهو ملڪ جي قومي سڃاڻپ سان گهرو تعلق رکي ٿو. تنهن ڪري، ڪرغز-ڪوريائي دوستيءَ لاءِ مخصوص ڪيل پارڪ ۾ هي گل پوکڻ سان ان عوامي جڳهه ۾ هڪ ٻيو علامتي عنصر شامل ٿئي ٿو، جيڪو اڳ ۾ ئي ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن کان قائم ٿيل تعلقات جي عڪاسي ڪري ٿو.

ڪرغزستان-ڪوريا فرينڊشپ پارڪ پاڻ بہ ٻه طرفي تعلقات ۾ ناياب علامتي اهميت رکي ٿي. بشڪيڪ ۾ بائيٽڪ باٽير، عيسيٰ آخونبائيف، ۽ ڪاسيمالي جانتوشيف گهٽين جي سنگم تي واقع ان عوامي جڳهه کي بشڪيڪ سٽي ڪائونسل 9 نومبر 2022 تي باقاعده طور تي ڪرغز جمهوريہ ۽ جمهوريہ ڪوريا وچ ۾ ‘فرينڊشپ پارڪ’ جو نالو ڏنو هو. اهو فيصلو ان سال ڪيو ويو جڏهن ڪرغزستان ۽ جمهوريہ ڪوريا سفارتي تعلقات جي قيام جي 30هين سالگرهه ملهائي رهيا هئا.
سالن کان پوءِ، اها پارڪ بشڪيڪ جي انهن عوامي جڳهن مان هڪ بڻجي وئي آهي جيڪي ڪرغز-ڪوريائي لاڳاپن سان سڀ کان وڌيڪ جڙيل آهن. هيبيسڪس جي 70 ٻوٽن پوکڻ سان ان علامت ۾ هڪ نئون اضافو ٿيو آهي: ڪوريا جو قومي گل هاڻي ڪرغزستان جي دارالحڪومت جي دل ۾ پاڙون پختيون ڪري رهيو آهي.

هيءَ شروعات ڪرغزستان ۽ ڪوريا جي تعلقات ۾ نوجوانن ۽ عوامي رابطن جي وڌندڙ ڪردار کي نمايان ڪري ٿي. ڪوريائي رضاڪارن کي مقامي شرڪت ڪندڙن سان گڏ آڻڻ سان، هن مهم اهو ڏيکاريو ته ڪيئن تعاون سرڪاري سفارتڪاريءَ کان اڳتي وڌي ماحولياتي تحفظ، ثقافت، نوجوانن جي مٽا سٽا ۽ ٻنهي سماجن جي ميلاپ تائين پکڙجي سگهي ٿو.

جيئن اهي نوان پوکيل هيبيسڪس جا ٻوٽا بشڪيڪ جي دل ۾ وڏا ٿيندا، اهي نه صرف شهر جي ساوڪ جو حصو بڻجندا، بلڪه ان دوستيءَ جي هڪ زنده يادگيري به بڻجندا جنهن کي ٻئي ملڪ ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي اميد رکن ٿا.
____________

ليکڪه نورجهان ڪسماليوا ڪرغزستان جي ڪَبر نيوز ايجنسيءَ ۾ انٽرنيشنل افيئرز ڊپارٽمينٽ جي چيف آهي
ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



