Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا
سنڌي ادب: اڄ اُداسي گَھر ڪَري وَئي، شام جو (غزل)
غلام فريد جو تعلق ضلعي ڄامشوري سان آهي. پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر، جڏهن ته شاعري سندس شوق آهي. ھُو خاص طور غزل لکندو آھي، جن ۾ محبت، احساس، انساني جذبن ۽ سماجي موضوعن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

اڄ اُداسي گَھر ڪَري وَئي، شام جو (غزل)
اڄ اُداسي گَھر ڪَري وَئي، شام جو
ياد ھن جي سِتم ڪَري وَئي، شام جو.
آ شَرابي رات، ڏي ڀَري ڪُجھ جام ساقي
ڪَئي آ خواھش مون اَڳي جان، شام جو.
تنھنجون يادون، روح ڄَڻ منھنجي آ رڻ
ڪي ته ڏي پِيالا ڀَري اڄ، شام جو.
ڏِس ته مان ڀي آھيان ڪيڏو نادان دوست
بيوفا لئه ٿو وِڃايان پاڻ ويھي، شام جو.
ھو نه اچڻو آھي پر ڪَيسِين “فريد”
.تون تَڪيندين راھَ ھُن جي، شام جو.
___________

غلام فريد



