Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: درد جي ھينگر ۾، دِل لٽڪي پئي آ… (نثري نظم)

شاعر: علي عابد سومرو

ادبي دنيا ۾  علي عابد سومرو جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ علي محمد سومرو شڪارپور ضلعي جي تاريخي ڳوٺ ”ميان جو ڳوٺ“  جو آھي. صحافت، ادب، ترجمو، اشتهارسازي ۽ ڪريئيٽِو رائيٽنگ ۽ علائقائي ميڊيا سان ڪم ڪرڻ جو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي جو تجربو اٿس. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ايم. اي. (سنڌي ادب) ۽ ايم. اي. (انٽرنيشنل رليشنز) جون ڊگريون حاصل ڪيل اٿس. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ مارڪيٽنگ ۽ ڪميونيڪيشنز جي اداري ۾ ڪم ڪري ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي پاران سنڌي ٻوليءَ ۾پهرين کان اٺين درجي تائين اٺ درسي ڪتاب شايع ٿي چڪا اٿس، جيڪي سنڌ جي نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ان کان سواءِ ٻارن لاءِ سندس شاعريءَ جو ڪتاب “ڊڄڻو گدڙ” پڻ شايع ٿي چڪو آهي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

درد جي ھينگر ۾، دِل لٽڪي پئي آ…

دردَ جي هينگرَ ۾

دل لٽڪي پئي آ

سُڪون ڄڻ سوين ڪوههَ

پرتي وڃي

خيمون کوڙيو آ

جذبا اڻڀا اڻڀا پيا رهن

احساسَ اڇو ويسُ پهري

سُمهي پيا هن

ماڻهو هن شهرجا

سڀ گُم ٿي ويا آهن

مان به تن کي پيو ڳولهيان

لُڙڪَ جيڪي وڇڙي ويا آهن !

2.

سچُ به ڄڻ

زهريلو نانگ آهي

جنهن کي مارڻ لاءِ

هر ماڻهو

ڪوڙَ جون ڪهاڙيون کڻي

سندس پويان پيو آهي !

3.

مڃيم ته

موت ايندو آ ۽ ماڻهو مري ويندو آ

پر ان کي ڇا چئجي

حياتي يا موتُ

جيڪا گهاري رهيو آهي

هينئر سنڌ جو

اصلوڪو ماڻهو .

______________

Ali Abid Soomro-The AsiaN

علي عابد سومرو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button