ورهاڱي کان اڳ سنڌ جون عورتون: سماجي، ثقافتي ۽ معاشي بقا جي جدوجهد
لطيف جي سورمين کان جديد سنڌ تائين سنڌي عورتن جي جُرئت، جدوجھد ۽ بقا جي ڪهاڻي
هيءُ تحقيقي مضمون ورهاڱي کان اڳ سنڌي عورتن جي سماجي، تعليمي ۽ روحاني سفر جو گھرائيءَ سان ڪيل هڪ مطالعو آھي

تحرير: ساز اگروال
1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي ڪهاڻي مکيه وهڪري جي بيانن ۾ گهڻي حد تائين غائب رهي آهي. جيتوڻيڪ اها ڪهاڻي منفرد ۽ اثرائتي آهي، پر اڃا تائين عوامي شعور ۾ پنهنجي جاءِ ناهي بڻائي سگهي. سڀ کان وڌيڪ پڙهيل ڪتابن مان هڪ، ليري ڪولنز ۽ ڊومينڪ لاپيئر جو ڪتاب ‘فريڊم ائٽ مڊنائيٽ (Freedom at Midnight)، آھي جنھن ۾ سنڌ جو ڪٿي به ذڪر نٿو ملي. ايتري تائين جو تازيون تحريرون – جهڙوڪ ‘نيو يارڪر’ جو اثرائتو مضمون ‘Symmetry-Five Years After Indian Partition, Who Owns the Narrative?’ (ڊسمبر 26، 2022) يا سيم ڊيلمپل جو شاندار ڪتاب ‘Shattered Lands’ – پڻ ان کي مڪمل طور نظرانداز ڪن ٿا.
سنڌ جي ڪهاڻي جو هڪ سڀ کان غير متوقع ۽ روشن پهلو ورهاڱي دوران ۽ ان کانپوءِ عورتن جو ڪردار آهي. روايتي طور تي گهريلو ڪردارن تائين محدود، اهي اوچتو اهڙين حالتن ۾ اچي ويون جن جرئت، وسيلن جي استعمال ۽ عوامي عمل جي گهر ڪئي. ڪي عورتون، جن جا مڙس پرڏيهه ۾ رهندا هئا، سنڌ ۾ اڪيليون رهجي ويون، انهن کي لڏپلاڻ، پنهنجي خاندانن جي حفاظت ۽ سرحد پار ڪرڻ کانپوءِ نئين سر شروعات ڪرڻ لاءِ پاڻ انتظام ڪرڻا پيا. انهن گهرن ۾ جتي مرد نقصان جي صدمي سبب ھمت هارائي ويٺا، اتي عورتن اڳتي وڌي واڳون سنڀاليون – رهائش ڳولڻ، محدود وسيلن جو بندوبست ڪرڻ ۽ خاندانن کي متحد رکڻ. پناهگير ڪيمپن ۾، انهن پنهنجي گهريلو مهارتن – رڌ پچاءُ، سبڻ، ڀرت – مان پاڻ کي سهارو ڏنو، جڏهن ته ٻين سيلز گرلز، گهر گهر وڃي سامان وڪڻڻ، فيڪٽرين ۾ درزين، اسيمبلي لائن ۽ سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيو: جيڪو سنڌ ۾ شايد ئي ڪڏهن سوچيو ويو هو. بمبئيءَ ۾، سنڌي عورتون جلد ئي پنهنجي بي باڪي ۽ آزاد خياليءَ سبب نمايان ٿي ويون – اهي انهن چند هندستاني عورتن مان هيون جن لپ اسٽڪ ھڻڻ ۽ بغير ٻانهن (sleeveless) لباس پائڻ جي جرئت ڪئي.
انهن نون ڪردارن لاءِ کين ڪهڙي شئي تيار ڪيو هو؟ ڇا اها تبديلي واقعي ورهاڱي جي پيداوار هئي، يا ان جون پاڙون سنڌ جي پنهنجي ثقافتي تاريخ ۾ کُتل هيون؟ شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾، عورتون چائنٺ تي بيٺل آهن: سسئي ريگستان جي ڪناري تي انتظار ڪري ٿي، مارئي پنهنجي ڳوٺ جي ياد ۾ بادشاهه جي مزاحمت ڪري ٿي، ۽ مومل راڻي لاءِ پنهنجو ڏيئو ٻرندڙ رکي ٿي. اهي سورميون صبر، وفاداري ۽ بهادريءَ جو مظهر آهن. اهي علامت طور ورهاڱي کان اڳ سنڌي عورتن جي زندگين جو پڙاڏو آهن.

هن مقالي جو خيال ديارام گدومل جي ڪتاب ‘Status of Women in India: A Handbook for Indian Reformers’ (1889) سان هڪ اتفاقي ملاقات سان شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين دنيا جي يونيورسٽي لائبريرين ۾ موجود آهي. اها ڳالهه حيران ڪندڙ هئي ته اهڙو ڪتاب – جيڪو اڄ به عالمي فيمينسٽ بحثن ۾ اهميت رکي ٿو – هڪ سنڌيءَ جو لکيل هو. اڄ سنڌين کي علمي يا سڌارڪ روايتن جي ڀيٽ ۾ واپار ۽ مادي ڪاميابيءَ سان وڌيڪ منسوب ڪيو وڃي ٿو. هڪ دڪاندار وارو اسٽيريو ٽائپ اڪثر ان علم، سڌارن ۽ تخليق جي تاريخ تي غالب اچي وڃي ٿو جيڪا ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ڦھلجي رهي هئي. انهن موادن کي ٻيهر ڳولڻ هڪ وساريل ورثي کي واپس حاصل ڪرڻ آهي.
هي مقالو اهڙين لکڻين جي حوالي سان آھي جيڪي رڳو غير جانبداراڻا بيان نه آهن، پر سنڌ ۾ عورتن جي روزاني جي زندگيءَ جي دنيا ۾ هڪ جهاتي پڻ آهن. هر لکڻي ڪجهه ٽڪرا، خاموشيون يا دليل پيش ڪري ٿي، جن جي مدد سان اسين گهريلو زندگي، سماجي پابندين ۽ تبديليءَ جي امڪانن جي حقيقتن کي گڏ ڪري سگهون ٿا. اهي تصويرون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته سنڌي عورتون، لطيف جي سورمين وانگر، هڪ چائنٺ تي بيٺل هيون. ۽ جڏهن ورهاڱو ٿيو – جنهن خاندانن کي بي گهر ڪيو، گهرن کي اجاڙيو ۽ ماڻهن کي وکيري ڇڏيو – ته اهي عورتون ئي هيون جيڪي چائنٺ لنگهي پار پيون، بقا جو بار کنيو، نئين سر تعمير ڪئي ۽ سنڌي سڃاڻپ جا نوان روپ تشڪيل ڏنا.
ديارام گدومل شاهاڻي (1844–1927) سنڌ جي معزز ججن مان هڪ هو، جيڪو پنهنجي ايمانداري ۽ سماجي دٻاءُ اڳيان نه جهڪڻ سبب مشهور هو. عدالت کان ٻاهر، هو هڪ سڌارڪ، تعليم دان ۽ انسان دوست هو: بمبئي ۾ ‘سيوا سدن’ جو گڏيل باني، سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جو اڳواڻ، ۽ هڪ عالم جنهن اسڪول، لائبريريون، اسپتالون ۽ آشرم قائم ڪيا. سندس ٻه ڪتاب – ‘The Status of Woman in India’ (1889) ۽ ‘The Life of Sadhu Hiranand’ (1903) – سنڌ ۾ عورتن جي حالتن ۽ ان دور جي سڌارڪ آدرشن بابت اهم ڄاڻ فراهم ڪن ٿا.
بمبئي ۾ هندستاني سڌارڪن لاءِ هڪ رهنمائي (handbook) طور شايع ٿيل ‘The Status of Woman in India’، پراڻي ريتن جي محافظن ۽ انگريزي پڙهيل نقادن جي وچ ۾ تصوراتي بحث جي صورت ۾ لکيو ويو هو. آدمشماري جي انگن اکرن، مذهبي ڪتابن، طبي رپورٽن ۽ مضمونن جي بنياد تي ديارام گدومل تلخ حقيقتون بيان ڪيون. 1881ع جي آدمشماريءَ ڏيکاريو ته لڳ ڀڳ ڇهه سيڪڙو هندو ڇوڪريون ڏهن سالن کان گهٽ عمر ۾ پرڻيل هيون – جيڪو بنگال، گجرات يا مدراس کان گهٽ هو – پر پوءِ به نقصانڪار هو. هن سنڌ ۾ بيواهن تي لڳايل سخت پابندين جو ذڪر ڪيو: مٿو ڪوڙائڻ، کهرو لباس، سماجي بدنامي ۽ ٻيهر شادي کان انڪار. ڇوڪرين جي تعليم لڳ ڀڳ نه هجڻ جي برابر هئي: ڪراچي ۾ صرف هڪ اسڪول هو جتي مشڪل سان سئو شاگردياڻيون هيون. ٻار جي پيدائش خوشي ته آڻيندي هئي پر موت جي شرح به وڌيڪ هئي، جتي عورتون دائين تي ڀاڙينديون هيون ۽ طبي سهولتن جي کوٽ هئي. بنگال يا بمبئي جي برعڪس، سنڌي عورتون گهڻو ڪري گهريلو پورهئي تائين محدود هيون ۽ گهر کان ٻاهر ڪنهن پيداواري ڪم ۾ گهٽ حصو وٺنديون هيون. سندس بيان عورتن کي محدود، اڻ پڙهيل، صحت جي لحاظ کان ڪمزور ۽ ظالمانه رسمن جي بوجھ هيٺ دٻيل ڏيکاري ٿو.

چوڏهن سالن کانپوءِ، ديارام گدومل جو ڪتاب ‘Life of Sadhu Hiranand’ هڪ بلڪل مختلف انداز پيش ڪيو: ادبي، عقيدت سان ڀرپور ۽ سوانحي. هيرانند (1863–1893)، جيڪو سندس ڀائٽيو هو، ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو پر هڪ وڏو ورثو ڇڏي ويو. هن 1885ع ۾ حيدرآباد ۾ ‘يونين اڪيڊمي’ (جيڪا بعد ۾ سندس نالي سان منسوب ٿي) قائم ڪئي، جيڪا جديد تعليم جو مرڪز بڻجي وئي. هن ڇوڪرين جو اسڪول قائم ڪيو، ننڍي عمر جي شاديءَ جي مخالفت ڪئي، بيواهن جي ٻيهر شاديءَ جي حمايت ڪئي ۽ پردي جي خلاف مهم هلائي، تعليم ۽ صحت کي سماجي براين جي علاج طور ڳنڍيو. هن ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ ننڍن شهرن ۾ نيون ڊسپينسريون قائم ڪري عوامي صحت کي بهتر بڻايو، ۽ ميونسپلٽي ۽ ‘سنڌ سڀا’ جي ميمبر طور صفائي ۽ تعليمي سڌارن لاءِ زور ڀريو.
انهن ٻنهي ڪتابن کي گڏ رکي ڏسڻ سان سنڌ ۾ عورتن جي زندگيءَ جي مجبورين ۽ سڌارڪن پاران تصور ڪيل تبديليءَ جي ماڊلن جي خبر پوي ٿي. هڪ پاسي هينڊ بوڪ تلخ حقيقتن جي فهرست پيش ڪئي، ته ٻئي پاسي سوانحي ڪتاب ۾ عورتن کي نيڪ مائرن، ڌيئرن ۽ ساٿين طور پيش ڪيو ويو جن مردن جي ڪردار کي سنوارڻ ۾ حصو ورتو ۽ تعليم جي ذريعي مستقبل کي سنوارڻ جي صلاحيت رکنديون هيون. عورتون اڃا تائين بنيادي طور مردن جي حوالي سان ئي تصور ڪيون وينديون هيون، پر کين سڌاري ۽ جديد سنڌ جي تعمير لاءِ اهم تسليم ڪيو پئي ويو.
سادو ٽي. ايل. واسواڻي (1879–1966) ويهين صديءَ جي سنڌ جي معزز ترين روحاني اڳواڻن مان هڪ آهي، جيڪو پنهنجي همدردي، سادگي، خدمت ۽ عورتن جي ترقيءَ تي مسلسل زور ڏيڻ سبب ياد ڪيو وڃي ٿو. ورهاڱي کانپوءِ، جڏهن سنڌي دربدر هئا ۽ زندگيءَ کي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا، سندس تعليمات ۽ ادارن کين استحڪام ۽ اخلاقي هدايت فراهم ڪئي. ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ هو هڪ اهڙو لنگر آهي جنهن جو اثر ڪميونٽي جي حدن کان گهڻو اڳتي آهي.
دايارام گيدومل پاران هيرانند جي سوانح عمري شايع ڪرڻ کان ڇهه سال پوءِ، نوجوان تعليم دان ٿانور داس ليلارام، جنهن کي بعد ۾ ساڌو واسواڻي جي نالي سان سڃاتو ويو، 1909ع ۾ سکر ۾ پهرين ‘سنڌ سوشل ڪانفرنس’ ۾ صدارتي خطاب ڪيو. ‘The Indian Social Reformer’ ۾ شايع ٿيل اهو خطاب ڏيکاري ٿو ته ڪيئن ديارام جا فڪر هاڻي عوامي ميدان ۾ آواز بڻجي رهيا هئا. جتي ديارام جو هينڊ بوڪ تلخ حقيقتن جي فهرست هئي، اتي سادو واسواڻي انهن موضوعن کي خطابت جي رنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي سامعين کي “سنڌ جي ڪلاسيڪل مٽيءَ جا پٽ ۽ ڌيئرون” چئي مخاطب ڪيو – جيڪو روايتي لفظ “صاحبن” کان هٽي ڪري هڪ اهم تبديلي هئي – ۽ نوجوانن تي زور ڀريو ته اهي پراڻين رسمن جي ظلم جي مزاحمت ڪن. عورتن کي گهٽ سمجهڻ جي عقيدي ۽ ٻنهي صنفن جي وچ ۾ مقابلي جي مغربي آدرش، ٻنهي کي رد ڪندي، هن عورتن کي “مقدس ساٿي” طور پيش ڪيو، جيڪي روحاني تحفن ۾ برابر ۽ سنڌ جي نئين سر اڀار لاءِ ناگزير آهن. هن ويزن جو مرڪز تعليم هئي.
ديارام گدومل وانگر، ساڌو واسواڻي تعليم کي سڌاري جي ڪنجي سمجهندو هو، پر هن پنهنجا دليل تجزياتي بجاءِ متاثر ڪندڙ انداز ۾ پيش ڪيا. هن اهڙي نصاب جي گهر ڪئي جيڪو گهريلو تربيت سان گڏ ذهني ۽ جمالياتي ترقي به ڪري، ته جيئن عورتون هڪ ئي وقت مهذب ۽ عملي گهر ڌياڻيون بڻجي سگهن. هن اعلان ڪيو ته مائرون اخلاقي قدرن جون محافظ آهن جن جي تعليم پوري سماج کي مٿانهون ڪندي. ابسن (Ibsen)، ايمرسن (Emerson) ۽ رسڪن (Ruskin) جا حوالا ڏيندي، هن عورتن کي “سماج جا ٿنڀا” قرار ڏنو ۽ روسو (Rousseau) جي ان قول کي رد ڪيو ته عورتون “خاص طور مردن کي خوش ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن”.
اهي شروعاتي لکڻيون اڃا تائين پنهنجي دور جي روايتن ۾ جڪڙيل هيون. عورتن کي بنيادي طور تي مائرن ۽ ساٿين جي طور تي ڏٺو ويندو هو، ۽ سندن سڀ کان وڏي فضيلت قربانيءَ کي قرار ڏنو ويو هو. اڄ جي پڙهندڙن لاءِ اهي تصور محدود محسوس ٿين ٿا، پر اهي ترقيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا: ديارام گدومل جي پيشڪش جي ڀيٽ ۾، جتي عورتون مردن جي پاڇي ۾ نظر اينديون هيون، ساڌو واسواڻي کين سڌاري جي مرڪز ۾ رکيو. روسو کي سندس واضح نموني رد ڪرڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته هو نه رڳو پسمانده هندستاني رسمن کي، پر جڪڙيل يورپي فلسفن کي به چئلينج ڪري رهيو هو.
ايندڙ سالن ۾، هن ‘ميرا موومينٽ ان ايڊيوڪيشن’ ذريعي پنهنجي آدرشن کي ادارتي روپ ڏنو ۽ اهڙا اسڪول قائم ڪيا جن تقريرن کي عملي صورت ڏني. پنهنجي ڪتاب ‘The Call of New Education’ (جيڪو سندس وفات کانپوءِ 1971ع ۾ شايع ٿيو) ۾ هن لکيو:

“اسان جي ڇوڪرين جي تعليم مغرب جي بي رنگ تقليد نه هجڻ گهرجي. هندستان ۽ دنيا کي عورت-روح (woman-soul) جي مدد ۽ تحريڪ جي ضرورت آهي… ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ ۽ اهو يقيني بڻائڻ وڌيڪ ضروري آهي ته سندن تعليم روحاني همدرديءَ واري ماحول ۾ ٿئي… ڇوڪرين جا اسڪول، جن جو نالو تاريخ جي هڪ امر شخصيت – سينٽ ميرا – جي نالي تي رکيو ويو آهي، تعليم ۾ هڪ نئين تجربي جي عاجزانه ڪوشش آهن… ميرا اسڪول جو بنياد ان خيال تي آهي ته تعليم جو مقصد روحاني آدرش هئڻ گهرجي.”
حيرت انگيز طور تي، سڄي ڪتاب ۾ اهو واحد پيراگراف آهي جيڪو سڌي طرح ڇوڪرين بابت آهي. باقي گهڻو حصو ڇوڪرن کي مخاطب ڪري ٿو: “ڇوڪرن کي پاڻڀرو (self-reliant) ٿيڻ سيکاريو،” هن زور ڀريو، ۽ وڌيڪ چيو ته احترام ۽ عاجزي عظمت جون ٻيون ٻه نشانيون آهن. اها ڳالهه عورتن جي توهين نه پر ان دور جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿي. ان کانسواءِ، ڇوڪرن کي اعلي ڪردار وارو انسان بڻائڻ به ايترو ئي ضروري آهي جيترو ڇوڪرين لاءِ نوان رستا کولڻ؛ ساڌو واسواڻي جو فلسفو مجموعي هو، جيڪو ٻنهي صنفن کي سماج جو اخلاقي لنگر بڻائڻ لاءِ تيار ڪندو هو.
سندس آخري لکڻين ۾ ساڌو واسواڻي جو آواز وڌيڪ بصيرت وارو ٿي ويو. ‘The Woman and the New World’ ۾ هن اعلان ڪيو: “مرد کي موقعو مليو هو؛ پر مردانه ذهنيت غلطيون ڪيون آهن،” ۽ چيو ته هاڻي عورت کي ‘شڪتي’ جي طور تي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي. اڄوڪي نقطه نظر کان، سندس نظر هڪ ئي وقت ترقي پسند ۽ محدود نظر اچي ٿي: هن عورتن کي سنڌ جي نئين سر اڀار جي مرڪز ۾ رکيو، کين اخلاقي زندگي جي محافظ ۽ تهذيب جي اڳواڻ طور پيش ڪيو، پر کين خود مختار فردن بجاءِ پاڪيزگي ۽ قرباني جي نموني طور آدرش بڻايو. سندس سوچ پنهنجي دور جي پيداوار هئي، جيڪا نوآبادياتي سڌارن، قومپرست امنگن ۽ عالمي فيمينزم جي شروعاتي لهرن کان متاثر هئي.
ٻيون لکڻيون هڪ ٻيو پهلو ظاهر ڪن ٿيون، جنهن جون پاڙون هندستاني روايتن ۾ آهن. ‘Sita: A Woman Unparalleled in All History’ ۾ هن هيلن آف ٽراءِ (Helen of Troy) – “فطري عورت” – جو مقابلو سيتا – “خدائي عورت” – سان ڪيو. سندس نظر ۾، جلاوطني ۽ قيد دوران سيتا جو صبر عورتپڻي جو ابدي معيار بڻجي ويو: قرباني روحاني طاقت تائين پهچي وئي. ۽ ‘The Woman-Soul Shall Lead Us On!’ ۾ هن عورتن جي همدردي ۽ ڌرمي طاقت کي هندستان جي آزاديءَ جي اڻپوري منصوبي سان ڳنڍيو. انهن ڪمن ۾، ساڌو واسواڻي انهن بعد وارن رجحانن جي اڳواڻ طور سامهون اچي ٿو جن عورتن کي ‘شڪتي’ جي مظهر، ۽ ٽٽل دنيا کي سنوارڻ واري طاقت طور اجاگر ڪيو.
جيڪڏهن ديارام گدومل جي هينڊ بوڪس ۽ ساڌو واسواڻي جي تقريرن مان اها خبر پوي ٿي ته سڌارڪن عورتن بابت ڪهڙو تصور رکيو ٿي، ته ڊاڪٽر روٿ هيلن ويسٽرن جو ڪتاب ‘Some Women of Sindh: In Home and Hospital’ (1930) ڏيکاري ٿو ته انهن جي حقيقي زندگي ڪيئن هئي. چرچ آف انگلينڊ جي هڪ ميڊيڪل مشنري طور، ويسٽرن سکر ۽ لاڙڪاڻي جي عورتن جي اسپتالن ۾ ڪيترائي سال ڪم ڪيو. سندس ڪتاب، جيڪو ڪجهه حد تائين يادگيري ۽ ڪجهه حد تائين سماجي خاڪو آهي، اسان کي سنڌي عورتن – هندو توڙي مسلم، امير توڙي غريب – سان بيماري ۽ بيوسيءَ جي گهڙين ۾ آمهون سامهون ڪري ٿو.
هتي اسان کي “تعليم يافته مائرن” يا “مقدس ساٿين” جا آدرش نه، پر اهي حقيقتون نظر اچن ٿيون جن سان سڌارڪن کي مهاڏو اٽڪائڻو هو: ٻارن جي شادي، بيواهپو، طبقاتي ساڙ، ۽ رواج ۽ عقيدي جي سامهون طب جي ڪمزور حيثيت. لالي، جنهن جي ٻارهن سالن جي عمر ۾ شادي ٿي، ٻار جي پيدائش دوران موت جي منهن ۾ آهي، جڏهن ته سندس سس بي پرواهيءَ سان چوي ٿي ته ٻي زال هر وقت ملي سگهي ٿي. جنت، جيڪا هڪ بيواهه آهي، لڪي چوري مزدوري ڪري پکو ڇڪي ٿي ڇو ته سندس پٽ کيس کليل طور ڪم ڪرڻ کان منع ڪري ٿو. فضل بيبي، جيڪا هڪ “شريف گهراڻي” سان تعلق رکي ٿي، کيس سندس ڌيءَ اسپتال ۾ هڪ غريب عورت جي خدمت ڪرڻ تي ڇينڀي ٿي. اصغر جي ماءُ علاج اڌ ۾ ڇڏي درگاهه ڏانهن هلي وڃي ٿي.
هي داستان ۽ ان سان گڏ خوبصورت تصويرون اپر سنڌ جي روزاني زندگيءَ جي هڪ ناياب جهلڪ پيش ڪن ٿيون: عورتون جيڪي رسمن جي گهيري ۾ آهن، جن تي مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين جي نظر آهي، پر پوءِ به اهي هڪٻئي سان همدردي، صبر ۽ ٻڌيءَ جو اظهار ڪن ٿيون. جتي ديارام گدومل ۽ ساڌو واسواڻي عورتن کي مستقبل جي شهرين جي مائرن يا اخلاقي آدرشن جي علمدار طور تصور ڪيو، اتي ويسٽرن کين رڌڻن ۽ اسپتال جي وارڊن ۾ رڪارڊ ڪيو – بيوس، پر مڙس مٿيري ۽ حقيقي.
ديارام گدومل ۽ ساڌو واسواڻي جي لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته عورتن کي ڪيئن تصور ڪيو ويو؛ روٿ ويسٽرن سندن ڏکن کي رڪارڊ ڪيو. ان جي برعڪس، غلام فاطمه شيخ جي يادگيرين جو ڪتاب ‘Footprints in Time: Reminiscences of a Sindhi Matriarch’ هڪ اهڙي آپ بيتي آهي جيڪا ان دور جي هڪ عورت جي جيئري جاڳندي تاريخ پيش ڪري ٿي.
2011ع ۾ سندس پوٽي راشده حسين جي ترجمي سان شايع ٿيل هي ڪتاب فاطمه شيخ (19 هين صدي جي آخر – 1981ع) جي زندگيءَ بابت آهي، جيڪا حيدرآباد جي هڪ مشهور عامل خاندان ۾ نندني ڪرپلاڻي طور پيدا ٿي هئي. جيتوڻيڪ هوءَ گهڻي پڙهيل نه هئي، پر سندس ڪهاڻي ڏاڍي سيبائتي انداز ۾ بيان ڪيل آهي، جيڪا پڙهندڙ کي سنڌ کان عثماني سلطنت ۽ ‘ريشمي رومال’ توڙي ‘خلافت تحريڪ’ تائين وٺي وڃي ٿي. جنگ دوران پنهنجي مڙس سان گڏ پرڏيهه وڃڻ جي فيصلي تي غور ڪندي هوءَ لکي ٿي: “ڪو حيران ٿي سگهي ٿو ته هڪ عورت جنهن ڪڏهن گهر کان ٻاهر قدم نه رکيو هو، اها ڪيئن اهڙو ڏکيو سفر ڪري سگهي ٿي، خاص ڪري جڏهن سنڌي پنهنجي مٽيءَ سان جڙيل هجڻ سبب مشهور آهن.”
اهي يادگيريون ثقافتي منتقليءَ جو هڪ ذريعو آهن، جيڪي سنڌي پهاڪن، شاهه لطيف جي بيتن ۽ زباني داستانن سان ڳنڍيل آهن. سندس والد جو اسلام قبول ڪرڻ، جنهن ڪري خانداني رشتا ٽٽي پيا ۽ ٻارن جي سنڀال جا تڪرار پيدا ٿيا، عامل برادري جي پدري نظام (patriarchal norms) جي هڪ جهلڪ پيش ڪري ٿو. پهرين عالمي جنگ، لڏپلاڻ ۽ سياسي لاهي چاڙهي جي وچ ۾ هوءَ ترڪيءَ جي ماڻهن لاءِ پنهنجي محبت ۽ احترام جو به ذڪر ڪري ٿي. هر چئلينج جو مقابلو بهادري ۽ عملي حڪمت عملي سان ڪيو ويو آهي، ۽ راشده حسين جو ترجمو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته عورتن جو ‘يادگيريءَ وارو ڪم’ سڌارڪ مقالن يا تاريخي رڪارڊن جيترو ئي اهم ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن فاطمه شيخ جون يادگيريون يادن جي ذريعي عورتن جي همت کي محفوظ ڪن ٿيون، ته اوم راڌي هڪ نوجوان عورت جو سڌو سنئون احتجاج پيش ڪري ٿي – يادگيري نه، پر 1939ع جي چارج ٿيل ماحول ۾ هڪ مقابلو.
راڌي پوڪرداس راڄواڻي (1915–1965 لڳ ڀڳ) طور هڪ ڀائيٻند خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ اوم راڌي ‘اوم منڊلي’ جي مرڪزي شخصيت بڻجي وئي، جيڪو ليکراج ڪرپلاڻي جو قائم ڪيل هڪ روحاني گروپ هو ۽ بعد ۾ ‘برهما ڪماريز’ جي نالي سان مشهور ٿيو. عامل ماحول، جتي ديارام گدومل ۽ ساڌو واسواڻي جهڙن سڌارڪن جي ڪري ڌيئرن کي ڪجهه آزادي هئي، ان جي برعڪس ڀائيبند گهراڻا وڌيڪ سخت هئا. اهي فرق سندن آوازن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا: فاطمه جو آواز سڌارڪ ڪلچر مان نڪتل ۽ تجربن مان پيدا ٿيل هو؛ راڌي جو آواز تجارتي دنيا مان نڪتل احتجاج جي هڪ دانهن هئي.
پنهنجي وقت جي لحاظ کان غير معمولي طور تي، اوم منڊلي هڪ روحاني ڪميونٽي هئي جتي پهريون ڀيرو نوجوان ڇوڪرين ۽ زالن کي اهو خيال مليو ته اها ممڪن آهي ته شادي ۽ خانداني ذميوارين تان هٿ کڻي، آزاد زندگي گذاري وڃي، پاڻ کي عبادت لاءِ وقف ڪيو وڃي ۽ پدري نظام جي تسلط کان ٻاهر هڪ پاڪيزه زندگي گذاري وڃي. ان ڳالهه قدامت پسند اڳواڻن کي سخت غصي ۾ آڻي ڇڏيو، ۽ خانداني ‘غيرت’ ۽ مردانه اختيار جي بچاءُ لاءِ مختلف قسم جو زور استعمال ڪيو ويو.

‘Is This Justice?’ (ڇا هي انصاف آهي؟) اوم منڊلي جو اوم راڌي پاران ڪيل عوامي دفاع هو. جذبي سان لکندي، هن عورتن جي گڏ ٿيڻ، عبادت ڪرڻ ۽ پنهنجو روحاني رستو چونڊڻ جي حق تي زور ڏنو. هن ٻارن جي شادي، تعليم کان انڪار ۽ عورتن کي خاموش رکڻ بابت ڳالهايو: “ڇا هي انصاف آهي ته ڇوڪريون، جيڪي اڃا ٻار آهن، کين شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي اهڙن مردن جي حوالي ڪيو وڃي جن کي انهن پاڻ ناهي چونڊيو؟… اسان کي چيو وڃي ٿو ته خاموش رهو، فرمانبرداري ڪريو، صبر ڪريو. پر خاموشي انصاف ناهي. صبر آزادي ناهي.” اها نوآبادياتي سنڌ جي انهن ناياب گهڙين مان هڪ هئي جڏهن هڪ نوجوان عورت نه رڳو پنهنجي لاءِ پر ٻين لاءِ به ڳالهايو ۽ عزت توڙي برابري جو مطالبو ڪيو.
سندس پمفلٽ تي مرد اڳواڻن سخت ردعمل ڏنو: “ڇا ڪيترن ئي گهرن جو سڪون برباد ڪرڻ انصاف آهي… زالن کي مڙسن کان ڌار ڪرڻ… ۽ منڊلي جي گمراهه ڪندڙ تعليمات ذريعي سماج جي جوڙجڪ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ انصاف آهي؟” هي مٽاسٽا اهم آهي ڇو ته هي عورتن پاران پاڻ ڳالهائڻ جو هڪ ناياب مثال آهي – ۽ کين عوامي سطح تي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هي اها چائنٺ ظاهر ڪري ٿي جتي سنڌي عورتون بيٺل هيون: فرمانبرداري ۽ احتجاج جي وچ ۾، رواج ۽ آزاديءَ جي اميد جي وچ ۾.
وقت گذرڻ سان، اوم منڊلي مڪمل طور تي عورتن جي انتظام هيٺ اچي وئي، ۽ برهما ڪماريز اڄ به پنهنجي عورت اڳواڻي سبب منفرد آهن. اوم راڌي جو آواز ڪنهن سڌارڪ پروگرام مان نه، پر سنڌ جي ان واپاري (سنڌ ورڪي) گهراڻن جي ماحول مان نڪتو هو جتي مرد واپار لاءِ پرڏيهه رهندا هئا جڏهن ته عورتون، ٻار ۽ وڏا سنڌ ۾ رهندا هئا. اهي عورتون جيڪي مالدار هيون، گهريلو پورهئي کان آزاد هيون ۽ وٽن وقت هوندو هو، کين مذهبي گڏجاڻين ۾ وڃڻ جي ترغيب ڏني ويندي هئي. جيتوڻيڪ وڏا ماڻهو اڃا تائين بااختيار هئا، پر ڪمائيندڙ ميمبر جي غير موجودگي هڪ اهڙي ننڍڙي جڳهه پيدا ڪئي جتي عورتون اختيار سنڀالي سگهيون ٿي – بشرطيڪ اهو مذهبي عقيدت جي نالي تي هجي.
انهي دنيا مان اوم راڌي اڀري. سندس شهادت نه رڳو ننڍي عمر جي شاديءَ جو درد ۽ عورتن جي آوازن کي دٻائڻ جو ذڪر ڪري ٿي، پر تعليم ۽ وقار جي تڙپ کي به ظاهر ڪري ٿي: “جيڪڏهن خدا اسان کي دماغ ۽ دل ڏنا آهن، ته پوءِ اسان کي سکڻ، سوچڻ ۽ پنهنجي انداز ۾ خدمت ڪرڻ جي حق کان ڇو محروم رکيو ويو آهي؟” ساڳئي وقت، دشمني وارو جواب اهو ظاهر ڪري ٿو ته عورتن جي خودمختياري پدري نظام لاءِ ڪيتري خطرناڪ هئي.
ماضيءَ جي تناظر ۾ ڏسجي ته راڌي جا لفظ پيشنگوئي هئا ته ڪيئن ورهاڱي کانپوءِ سنڌي عورتون پنهنجي بي گهر ٿيل برادرين ۾ قيادت ۽ حوصلي جي نئين چائنٺ لنگهڻ تي مجبور ٿيون. سندس آواز سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل آهي: انهن ناياب موقعن مان هڪ جڏهن هڪ عورت پنهنجي نمائندگي پاڻ ڪئي.
ديارام گدومل جي هينڊ بوڪس ۽ سوانح عمرين کان، جتي عورتون رڳو انگن اکرن يا ايندڙ نسل کي سنواريندڙ مائرن طور نظر آيون، ساڌو واسواڻيءَ جي تقريرن ۽ اسڪولن تائين، جتي کين مقدس ساٿي ۽ سماج جو ٿنڀو قرار ڏنو ويو – نوآبادياتي دور جي سنڌي سڌارڪن عورتن کي جديد زندگيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر ويسٽرن جي طبي خاڪن حقيقت کي ويجهڙائي کان رڪارڊ ڪيو، جنهن ۾ عورتن جي جسمن ۽ روزاني چونڊن تي رسمن جي بوجھ جو ذڪر هو. فاطمه شيخ جي ‘Footprints in Time’ يادگيري جي طاقت کي شامل ڪيو، جنهن ڏيکاريو ته ڪيئن عورتن تباهيءَ دوران به ثقافت ۽ برادريءَ کي برقرار رکيو. اوم راڌي ته آواز ئي تبديل ڪري ڇڏيو: هڪ سنڌي عورت پدري نظام سان سڌو سنئون مهاڏو اٽڪائيندي نظر آئي.
ويهين صديءَ جي وچ تائين، عورتون هاڻي صرف ٻين جي نمائندگي هيٺ نه هيون پر افساني ۽ يادگيرين جي صورت ۾ پنهنجي سچائي پاڻ بيان ڪري رهيون هيون. سڀ کان پهرين گولي سدارنگاڻي (1906–1994) هئي. سندس 1941ع وارو ناول ‘اتحاد’ (Unity) هڪ جرئتمند ڪوشش هئي، جيڪا سفر، مالي آزادي ۽ عورتن جي پورهئي بابت جديد خيالن سان ڀرپور هئي. هي ڪتاب ڪافي تڪراري رهيو ڇو ته اهو هڪ هندو-مسلم محبت جي ڪهاڻي تي ٻڌل هو جنهن جي نتيجي ۾ شادي ٿئي ٿي.
ورهاڱي کانپوءِ ڪيتريون ئي سنڌي عورتون ليکڪائون سامهون آيون، جن ۾ سندري اتمچنداڻي (1924–2013)، تارا ميرچنداڻي (1930–2023)، ڪلا پرڪاش (1934–2018) ۽ ريٽا شهاڻي (1934–2014) شامل آهن؛ پر سڀ کان وڌيڪ بي باڪ ۽ گهڻو لکندڙ پوپٽي هيراننداڻي (1924–2005) هئي. سندس 1975ع واري آپ بيتي ‘منهنجي حياتي جا سونا روپا ورق’ آپ بيتيءَ کي هڪ گواهيءَ (testimony) ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هي ڪتاب تعليم لاءِ سندس جدوجهد، بي گهر ٿيڻ کانپوءِ زندگيءَ جي نئين تعمير ۽ انهن چئلينجن مان پيدا ٿيل طاقت جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن کيس پنهنجي شرطن تي زندگي گذارڻ ۽ پدري نظام خلاف مسلسل آواز اٿارڻ جي جرئت ڏني.
مجموعي طور تي، هي لکڻيون هڪ ارتقائي عمل جي نشاندهي ڪن ٿيون: عورتن جي نمائندگي ٿيڻ کان وٺي، عورتن جي ڳالهائڻ تائين، ۽ پوءِ عورتن جو تاريخ ۾ پاڻ کي لکڻ تائين. اهي لکڻيون نه رڳو پنهنجي وقت جي مجبورين کي ظاهر ڪن ٿيون پر انهن ‘چائنٺن’ جي به خبر ڏين ٿيون جن کي لنگهي سنڌي عورتن ورهاڱي کانپوءِ پنهنجي خاندانن، برادرين ۽ يادگيرين کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
_________________

ساز اگروال هڪ آزاد محقق ۽ ليکڪا آهي جيڪا پوني، هندستان ۾ رهي ٿي. سندس لکڻين ۾ سوانح حيات، ترجمو، تنقيدي جائزا ۽ مزاحيه ڪالم شامل آهن. سندس ڪتاب دنيا جي مختلف يونيورسٽين جي لائبريرين ۾ موجود آهن. سنڌي اڀياس جي شعبي ۾ سندس تحقيقي خدمتون آن لائن آسانيءَ سان دستياب آهن.



