سنڌي ادب: ڪَلا ۽ ڪلاشنڪوف (نثري نظم)
سنڌ جي شھر محرابپور ۾ رھندڙ شڪيل احمد شاعر، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ مترجم آھي. فوٽوگرافي ۽ مصوري سندس شوق آھي. ھُو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)، ڪارونجهر فائونڊيشن جو چيئرمين ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ محرابپور جو سيڪريٽري بہ اھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ اداس راڳي خاموش ساز (نثري نظم) ، نظمن سان ڀريل ٽرين (نثري نظم) ، مٽيءَ جا ملائڪ (نثري نظم) ۽ هر وک نئين ڌرتي نئون آسمان (ناول) شامل آھن.

ڪَلا ۽ ڪلاشنڪوف
ڪلا کان ڪلاشنڪوف جو ڪم ڪيئن وٺبو آ
سٽن سان سر ڪيئن وڍبا آھن
لفظن سان لوهہ ڪيئن پگهاربو آھي
هڪ مزاحمتي شاعر چڱي طرح ڄاڻندو آهي.
ڌرتيءَ سان دشمني ۽ مريخ سان محبت
اها تہ سراسر ٺڳي آهي
هن ڌرتيءَ جا دشمنو ٻُڌي ڇڏيو
بغاوت ڀريا گيت
منهنجون ٻوليون آھن
جيڪي توهانجي ڪنن جا پڙدا
ڦاڙي ڇڏيندا
پاڳل ڪري ڇڏيندا توهان کي
منهنجون چيچون قلم بہ آھن
تہ ڪهاڙيون بہ
جيڪي توهانجن چهرن تي شڪست
۽ توهانجن جسمن تي زخم لکنديون
منهنجون اکيون آتشفشائون آھن
جيڪي جڏهن بہ توهان ڏانهن کڄنديون
توهان کي ساڙي رک ڪنديون
منهنجي دل جي هر ڌڙڪن
ڌرتيءَ لاءِ شهيد ٿيندڙ سپاهي آهي
مان آزاديءَ جي بدن جو
باغي روح آھيان
مان پنهنجي جسم جي هر عضوي کان
توهان جي خلاف ڪم وٺندس
جيستائين جيئندس
ڌرتيءَ سان سچار رهندس.
________________

شڪيل احمد



