Editor's pickMain Slideڪالم

نانا پاٽيڪر پنھنجي فلمن ذريعي امن، انصاف، برابري ۽ آزاديءَ جي پرچار ڪئي

نانا پاٽيڪر آخري ڏينھن ۾ وڃي پنھنجو ڳوٺ وسايو۔ چوندو ھيو شھرن ۾ ماڻھو ديوارن جي وچ ۾ رهندا آهن، مان ڳوٺ ۾ پھاڙن جي وچ ۾ رهندو آهيان.

ڊاڪٽر خادم منگي

مجروح سلطانپوريءَ جو شعر آھي تہ

ہمارے بعد اب محفل میں افسانے بیاں ہوں گے

بہاریں ہم کو ڈھونڈھیں گی نہ جانے ہم کہاں ہوں گے۔

نانا پاٽيڪر شروع کان ئي منھنجو پسند جو اداڪار رھيو آھي۔ مون جڏھن سندس فلم “ھوتوتو” ڏٺي، تہ نانا پاٽيڪر ھميشہ لاءِ دل ۾ ويھي ويو۔ ھن فلم جو موضوع سياست آھي ۽ سياست ھونءَ بہ منھنجو پسنديدہ موضوع آھي۔ فلم ذريعي سياست سمجهائڻ جو اثر انتھائي وسيع ٿيندو آھي۔ دروھڪال بہ پنھنجي منفرد سياسي موضوع جي ڪري منھنجي پسنديده فلم آھي۔

سال 1987کان 1993 تائين اسان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ چندو ڪري وي سي آر گهرائيندا ھئا سين۔ وي سي آر تي پوليس جا ڇاپا لڳڻ جو خوف ھميشہ ھوندو ھيو۔ پر چانڊڪا ۾ پوليس اچڻ کان مڙوئي لنوائيندي ھئي۔ ھونءَ تہ ضياءَ جي پنھنجي گهر ۾ وي سي آر ھلندي ھئي۔ سندس اسپيشل ڌيءَ شتروگهن جون فلمون وڏي چاھ سان ڏسندي ھئي۔ شتروگهن سندس گهر، مھمان ٿي بہ ايندو ويندو ھو۔ پر غريب غربي مٿان لٺ جو زيپٽ پيو پوندو ھيو۔ وي سي آر سان گڏ ڪلاشنڪوف جھڙو ڏائڻ ھٿيار ۽ ھيروئن جھڙو موتمار نشو بہ اسان کي ضياءَ جي دؤر ۾ ئي تحفا ٿي مليا۔

ڪاليج ۾ ھٿيارن جي نمائش وڏي ديده دليريءَ سان ڪئي ويندي ھئي ۽ ڪتاب وَرَ ۾ لڪائي کڻي وڃبو ھو۔ وڏو ليڊر ان کي مڃيندا ھئا جنھنجي شلوار سڀ کان وڏي ھوندي ھئي۔ ويھن والن جي شلوار پائي ۽ ڄنگهون ٽيڙي گهمڻ وارا ئي ليڊر ٿي سگهندا ھئا۔ اسان جھڙن کي اديبڙو چئي ٽئين درجي جو شھري سمجهندا ھئا۔ ٻوٽيءَ ۽ کير جي گلاس تي جهيڙا ٿيندا ھئا۔

انھن ليڊرن جو وري ڪتاب سان تعلق بہ نہ ھوندو ھو۔ ڇو تہ ڪتاب سرڪار جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ھٿيار ھوندو ھيو۔ ھُونءَ تہ ھر ڪتاب لاءِ اڪثر ساڳي ئي پاليسي ھوندي ھئي۔ پر جي ڳاڙھي رنگ جو ڪتاب ڪنھن وٽان جهڙتيءَ دوران نڪتو تہ معنا سڌو سئون ڪاٺ ۾۔ ان ڪري اسان پنھنجي ڪورس جي ڪتابن کي ڳاڙھو پوش بہ نہ چاڙھائيندا ھئا سين تہ متان ڪٿي اڻ پڙھيل جمعدار جي وَرِ نہ چڙھي وڃون۔

ان دؤر ۾ ڳوٺن ۾ ڌاڙيل گردي، ۽ شھرن ۾ دھشتگرديءَ جو راڄ ھيو۔ ھٿوڙا گروپ، ٻوري بند ۽ ڊرل مشين سان سوراخ ٿيل لاش بہ ضياءَ جي دؤر جون ئي ناياب ايجادون آھن۔ پر اوجهڙي ڪيمپ جو ڌماڪو اسلام آباد کي لوڏي ويو۔ ضياءُ آمريڪين جي دلين تان ڪري پيو۔ پر ٻئي طرف محمد خان جوڻيجي جھڙو انتھائي شريف وزيراعظم بہ ضياءَ جي دور جي ئي ڊسڪوري ھيو، جنھن جو پنج نقاطي پروگرام، عوام لاءِ غنيمت ھو۔ انھن ڏينھن ۾ ھڪ بہ نوڪري پئسن تي نہ وڪامي۔ ڪو ھڪڙو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بيروزگار نہ ھو۔   

ھي اھو دؤر آھي، جڏھن شاگرد پنھنجي ھاسٽل جي ڪمرن جي ديوار تان بروڪ شيلڊس جا فوٽو لاھي، ماڌري ڊڪشٽ جا فوٽو چنبڙائيندا ھئا۔ بروڪ شيلڊس شايد ان ڪري بہ نوجوانن جي دلين تان ڪري پئي ھئي جو ھوءَ عراق آمريڪا واري جنگ ۾، آمريڪي فوجين جي دل وندرائڻ لاءِ ۽ سندن ھمٿ ٻڌرائڻ لاءِ، ڪويت پھتي ھئي۔ ھتان جا ماڻھو عراق سان ھئا۔ انھن ڏينھن ۾ جيڪو ڇوڪرو ڄميو پئي، ان جو نالو صدام پئي رکيو ويو۔ ان ڳالهہ کي اتي ئي ڇڏيون ٿا، وري ڪنھن ٻئي دفعي۔

وڪيپيڊيا جي ٿورن سان

سو ڳالهہ پئي ھلي، نانا پاٽيڪر جي فلم “ھوتوتو” جي۔ ھن فلم ۾ نانا پاٽيڪر سان گڏ تبوءَ بہ پاڻ ملهايو۔ ھونءَ تہ مون نانا پاٽيڪر جون اڳ ۾ بہ سڀ فلمون ڏٺيون ھيون۔ مون سندس فلم خاموشي 1996 ۾ ۽ غلام مصطفي’ 1997 ۾، ان ساڳئي ئي ڏينھن تي ڏٺيون، جنھن ڏينھن اھي فلمون رليز ٿيون ھيون۔ مان نانا پاٽيڪر جي فلم جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائيندو ھيس۔ معنا تہ وڌيڪ پئسا ڏئي بليڪ تي وي سي آر جي ڪيسيٽ وٺندو ھيس۔ پنھنجي سنگت کي گڏ ڪندو ھيس ۽ انھن جي دعوت بہ ڪندو ھيس۔ منھنجي اندر جو  ڪنجوس ۽ مَکي چوس ماڻھو، ان ڏينھن حاتم طائي ٿي ويندو ھيو۔

مون پنھنجي سنگت کي ڪلف ھينگر ۽ ٽائٽينڪ فلمون بہ سينيما ۾ ڏيکاريون۔ پر جيڪو لطف خاموشي ۽ غلام مصطفي’ ۾ مليو، اھو بيان نہ ٿو ڪري سگهان۔ منيشا ڪوئرالا خاموشيءَ کان پوءِ منھنجي فيوريٽ اداڪاره بڻجي وئي۔ ھن مھل تائين نانا پاٽيڪر لاءِ چيو ويندو ھيو تہ ڊائلاگ ڊليوريءَ جي زور تي سندس فلمون بلاڪ بسٽر ٿين ٿيون۔ پر خاموشيءَ ۾ تہ ھن گونگي جو ڪردار ادا ڪيو۔ گونگي جي زبان ئي بند، ھٿن سان ڳالهائي پيو۔ اڳتي ھلي سندس ھٿ بہ سڙي ٿا پون، جنھن تي منيشا ڊاڪٽر کي چوي ٿي منھنجي پيءُ جي ھٿن جو علاج ڪيو۔ ھي ان جا ھٿ ناھن، پر ھيءَ ان جي زبان آھي۔ ان وقت ڪٺور دل واري جي اکين مان بہ ڳوڙھا ڳڙي پوندا۔

غلام مصطفي’ ۾ فلمايل فلمي نغمو

تيرا غم، ميرا غم، اک جيسا صنم!

ہم دونوں کی ایک کہانی۔

آجا لگ جا گلے، دل جانی!“

انھيءَ جي ڪھڙي ڳالهہ ڪجي! جيڏي شاعري عمدي آھي ايڏي ئي منظر نگاري! ھن فلم ۾ ولين منجهان ھيرو ٿئي ٿو۔ ايماندار گهر جي فيملي ميمبرن جي حفاظت ڪري ٿو۔ جنھنکي پيءُ سمجهي ٿو ان جي ئي ھٿان کيس پٺيءَ ۾ گولي لڳي ٿي۔ ھندو مسلم تضاد ۽ ڇوت ڇات جي موضوع تي ٺھيل ھيءَ فلم تيستائين زندھ رھندي جيستائين ھندستاني معاشري ۾ غير انساني ۽ ذات پات وارو طبقاتي سرشتو رھندو۔

نانا پاٽيڪر جي نہ صرف فلمن ۾ ڊائلاگ ڊليوري بي مثال آھي پر سندس شاعري پڙھڻ جو انداز بہ پنھنجو مٽ پاڻ آھي۔

نانا پاٽيڪر جو ڊائلاگ، “سالا ايک مچھر آدمی کو ہیجڑہ بنا دیتا ہے۔” پنھنجي دؤر جو مشھور ترين ڊائيلاگ آھي۔  يا وري ”باپ کو بھیج، تیرے بس کی بات نہیں“ ماڻھن عام زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو۔ يشونت لوھار جي ڪردار ۾ بہ خوب ملهايو ھئائين۔ ” سو بیوہ سنہار کی ایک بیوی لہار کی” چئي ڄڻ تہ نئون پھاڪو جوڙي ويو آھي۔ ان کان اڳ مشھور پھاڪو ھيو۔ ”سو سنہار کی، ایک لہار کی۔“

شاعري پڙھڻ جو انداز ٻڌو۔

“کیسے بتلاؤں تم کو، تم میرے لئے تم کيا ہو؟”

دھڑکنوں کا گیت ہو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سندس آواز ۾ ٻڌي پاڻ ئي فيصلو ڪيو۔ ھي نظم فلم ۾ ماڌري ڊڪشت کي ٻڌائيندو آھي۔

اميتاب بچن بہ ٽئگور جو نظم “ايڪلا چلو” نھايت ئي شاندار طريقي سان پڙھيو آھي۔ نصير الدين شاھ تہ فنا فی الغالب ٿي چڪو آھي۔ گلزار ھنن ورسٽائيل اداڪارن کان ڇا تہ ڪم ورتو آھي۔ ماچيس ۾ گلزار جو نظم:

”جہاں ترے قدموں کے کنول گرا کرتے تھے،

ھنسے تو دو گالوں میں بھنور پڑا کرتے تھے۔

ھنسی تری سن سن کر فصل پکا کرتی تھی۔

تری کمر کے بل پر ندی مڑا کرتی تھی۔

چھوڑ آئے ہم وہ گلیاں“

مون ھن نظم کي صرف ھڪ دفعو ٻڌو ۽ اڄ تائين ياد آھي۔ شاعري چئبو بہ ان کي آھي۔

مون چوڻ اھو پئي چاھيو تہ جڏھن ڊائريڪٽر ۽ رائيٽر/ليکڪ گلزار جھڙو تخليقي ماڻھو ھجي تہ آرٽ جي شعبي ۾ ڪرشما ئي ٿئي سگهن ٿا۔ غالب کي جيئرو ڪرڻ ۾ گلزار، جگجيت سنگهہ ۽ نصير الدين شاھ جي ٽرائيڪا، ھند کي ملي۔ لطيف سائين جي ڪردار ۽ زندگيءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ بہ جيڪڏھن آغا سليم، نورمحمد لاشاري ۽ بيدل مسرور کان ڪم ورتو وڃي ھا تہ سنڌ دنيا کي پنھنجو ڳاٽ اڃا وڌيڪ اوچو ڪري ڏيکاري ھا۔ بھرحال اسان وٽ ٽئلينٽ کي ڪچليو ويندو آھي۔ جڏھن تہ ٻين ملڪن ۾ ٽئلينٽ کي اڀاريو ويندو آھي۔ ھتي ادارن ۾ چونڊي چونڊي اھڙا ماڻھو ويھاريا ويندا آھن۔ جن جو ميرٽ سان ڪو پري جو تعلق بہ نہ ھوندو آھي۔ گلزار جي فلم اجازت ۾:

 ”ميرا کچھ سامان تمہارے پاس پڑا ہے“

 اصل واہ۔

“ایک سو سولہ چاند کی راتین،

ایک تمہارے کاندھے تل”

ٻيو ڪير لکي؟ اھي ڪرشما گلزار ئي ڪري سگهي ٿو۔

نانا پاٽيڪر ۽ اوم پوري اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ صرف دليپ ڪمار ۽ وحيد مراد جھڙا چاڪليٽي ھيرو ئي پسند نہ ٿا ڪيا وڃن۔ پر عام ماڻھن جھڙي شڪل صورت رکندڙ اداڪار بہ دلين تي راڄ ڪري سگهن ٿا۔ نانا پاٽيڪر ھميشہ پنھنجن فلمن ذريعي امن، انصاف، برابري ۽ آزاديءَ جي پرچار ڪئي۔ فلم ڪرانتي وير جي آخري مونولاگ نما تقرير، اسڪرپٽ ڏسي ادا نہ ڪيائين۔ پر جيڪو دل ۾ ھيس چئي ڏنائين ۽ انھن جملن وري صفا رڻ ٻاري ڏنو۔ چون ٿا ساقي بہ ايئن ئي اسڪرپٽ ڏسي جملا ادا نہ ڪندو ھيو۔

نانا پاٽيڪر آخري ڏينھن ۾ وڃي پنھنجو ڳوٺ وسايو۔ چوندو ھيو شھرن ۾ ماڻھو ديوارن جي وچ ۾ رهندا آهن، مان ڳوٺ ۾ پھاڙن جي وچ ۾ رهندو آهيان.

ساحر لڌيانويءَ جي غزل جو عملي نمونو پيش ڪيائين۔

”میں زندگی کا ساتھ نبھاتا چلا گیا

ہر فکر کو دھوئیں میں اڑاتا چلا گیا

بربادیوں کا سوگ منانا فضول تھا

بربادیوں کا جشن مناتا چلا گیا

جو مل گیا اسی کو مقدر سمجھ لیا

جو کھو گیا میں اس کو بھلاتا چلا گیا”

نانا پاٽيڪر پنھنجي زندگيءَ جي لانگ پلي ۾ جيڪو آخري ڊائيلاگ ادا ڪري ويو آھي، ان لاءِ A huge applause ۽ Standing ovation اڃا تائين اکين آڏو ڦري ٿو۔ ايئن ٿو لڳي ڄڻ وقت بيھجي ويو آھي۔

اھو ڊائيلاگ ھي آھي۔

“مونکي خبر آھي تہ سڀاڻي مونکي وڃڻو آھي۔

مون اڳ ۾ ئي ٻارنھن مڻ سُڪل ڪاٺيون جمع ڪري رکيون آھن۔

ھي ڪاٺيون منھنجون زرخريد آھن۔

مونکي آلين ڪاٺين ۾ نہ ساڙجو۔

آليون ڪاٺيون دونھون ڪنديون آھن۔

آيل مھمانن جو ساھ ٻوساٽبو۔

دونھين جي ڪري سندن اکين مان ڳوڙھا ڳڙندا۔

ماڻھو سمجهندا تہ ھي ڪو منھنجي لاءِ روئي رھيا آھن۔

مرڻ وقت تہ گهٽ ۾ گهٽ ماڻھوءَ کي ڪا خوشفھمي نہ ھجي۔“

 ___________

Khadim Mangi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button