Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

سنڌ دشمن سازشن خلاف عوامي تحريڪ جو اسلام ڪوٽ ۾ مظاھرو  

سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، 28هين ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، زمين ۽ وسيلن تي قبضن، مهانگائي، بيروزگاري، ٿر جي ڏڪار متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ رائلٽي نه ملڻ خلاف اسلام ڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ جي احتجاجي ريلي

ٿرپارڪر کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڏڪار متاثرن کي امداد ڏني وڃي، ٿر ڪوئلي ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ وسيلن مان حصو ڏنو وڃي: عوامي تحريڪ

اسلام ڪوٽ: سنڌ جي ورهاڱي جي سازشن، 28هين ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، زمين ۽ وسيلن تي قبضن، مهانگائي، بيروزگاري، ٿر ڪول ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ رائلٽي نه ملڻ، ڪوئلي جي کوٽائيءَ سبب ماحولياتي نقصانن ۽ ڏڪار متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف آچر ڏينھن عوامي تحريڪ طرفان اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.

ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن لال جروار، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي آرگنائيزر اوڀايو جوڻيجو، ڪرشن ميگھواڙ، ايڊووڪيٽ ديوت راء، اي بي چارو، ايڊوڪيٽ ديال صحرائي، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ساجده چانڊيو، ثمرين جوڻيجو، تھمينا ڪلوئي، سسئي ڏاھري، اُمرو ڪولھي، عمر بجير، ڀيرو پياسي، ڏاھو ڪولھي، دسرت جئپال، اُتم ڀيل، دليپ ڀيل ۽ ٻين چيو ته ملڪ جي حڪمرانن جي ڪرپشن، پوسٽ هائبرڊ آمريتي نظام ۽ وسيلن جي ڦرلٽ سبب پاڪستان ۾ غربت جنگ سٽيل ملڪن يمن، افغانستان ۽ شام کان به وڌيڪ آهي. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ حڪمرانن جي ڪوڙين دعوائن کي وائکو ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ختم ڪرڻ بدران ملڪ وڪڻي رهيا آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينون به هارين کان ڦري عسڪري ادارن سان لاڳاپيل ڪمپنين کي ڏئي رهيا آهن، اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کي لڪائڻ لاءِ محسن نقوي جهڙن طوطن ذريعي سنڌ ورهائڻ جي مهم هلائي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي پئي. سنڌ ۾ نون صوبن جي مهم جو مقصد ڪرپٽ حڪمرانن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ نئون اسرائيل قائم ڪرڻ آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل ڪراچي تي ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي قابض ڪري پوءِ انهن وسيلي خطي ۾ رت جون نديون وهائڻ چاهين ٿا. سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪندڙ آمريڪي ۽ اسرائيلي ايجنٽ آهن.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين سبب ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان سميت سموري سنڌ ۾ ڪاري ڏڪار منهن ڪڍيو آهي، ڊبليو ايڇ او جي هڪ رپورٽ موجب ٻار پيدا ڪرڻ دوران مائرن جي موت ۾ سنڌ پهرئين نمبر تي آهي، بک سبب مائرن ۾ رت جي کوٽ عام جام آهي، جنهنڪري ويم دوران فوتگيون معمول بڻجي ويون آهن، مائرن کانپوءِ هاڻ تازن ڄاول ٻارڙن جي فوتگين ۾ به اضافو ٿيو آهي، ملڪ جا حڪمران سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪري، سنڌ جو پاڻي بند ڪري، سنڌ کي بک ۽ بي روزگاري حوالي ڪري ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ”ٿر بدلي گا پاڪستان“ جو نعرو ڏئي ٿر جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي. ٿر مان ڪوئلي جي صورت ۾ ڪارو سون نڪرڻ باوجود حڪومت جي سنڌ دشمن پاليسين سبب مقامي ماڻهو بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ سان اسيمبلين، سينيٽ، بلاول هائوس ۽ جاتي عمرا ستاري جيان چمڪي رهيا آهن، جڏهن ته ٿر جي ڪيترن ئي رهواسين کي پاڻي، گئس ۽ بجليءَ جهڙييون بنيادي سهولتون به ميسر ناهن.

اڳواڻن چيو ته ضرورت کان گهٽ ۽ وقت سر برساتون نه پوڻ سبب ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. مال لاءِ چارو نه هئڻ ڪري مالوند ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ اڌ ملهه تي وڪڻڻ تي مجبور آهن. حڪومت ڏڪار متاثرن جي بروقت واهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ٿرپارڪر جي وسيلن تي نانگ جيان ڪڙڪندڙ وفاقي سرڪار ڏڪار مهل گم ٿي وئي آهي، وفاقي سرڪار کي سنڌ جا وسيلا کپن ٿا باقي سنڌي عوام جي مصيبتن مهل وفاق جو رويو اهڙو آهي ڄڻ سنڌ ڪنهن ٻئي ملڪ جو سرحدي علائقو آهي. نون صوبن جي مهم هلائيندڙ نام نهاد قومي ميڊيا ٿر جي ڏڪار، مقامي ماڻهن کي ڪوئلي جي ڪمپنين ۾ روزگار نه ملڻ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جهڙن بنيادي مسئلن تي هڪ به ٽاڪ شو ناهي ڪيو، نام نهاد قومي ميڊيا سنڌي عوام جو آواز نه پر ظالم ۽ جابر حڪمرانن جي ڦرلٽ جو اوزار آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ٿرپارڪر کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثر خاندانن، هارين ۽ مالوندن لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي سرگرميون شروع ڪيون وڃن.

هنن وڌيڪ چيو ته ڪوئلي جي کوٽائي ۽ سرمائيدارن جي گوڙاڻو ڊيم جهڙن زهر قاتل منصوبن سبب ماحولياتي تباهي آئي آهي، زير زمين جر جو پاڻي کارو ٿي رهيو آهي ۽ زرعي زمين ڪلراٺي بڻجي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪوئلي جي کاڻين سميت ٻين فيڪٽرين مان زهريلي مادن جي خارج ٿيڻ ۽ جر جي پاڻيءَ جي آلودگيءَ بابت جاچ ڪرائي، آلودگي ڦهلائيندڙ ڪمپنين تي بندش لڳائي ٿر جي قدرتي ماحول ۽ ماڻهن جي صحت جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ٿر جي ڪوئلي ۽ ٻين قدرتي وسيلن مان فائدا حاصل ڪندڙ ڪمپنين کان قانون رائلٽيون وصول ڪري مقامي ماڻهن سندن جائز حصو ڏنو وڃي. رائلٽي ۽ ترقياتي فنڊ پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ ۽ ڪامورن ۽ حڪمرانن جي ترقي بدران ٿر جي تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، روزگار ۽ بنيادي سهولتن تي خرچ ڪيا وڃن. (پريس رليز)

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button