سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ سانا وچ ۾ ٺاھ: مستحق شاگردن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام
ان پروگرام تحت ٻهراڙي ۽ پٺتي پيل علائقن سان واسطو رکندڙ انڊر گريجوئيٽ شاگردن جي مڪمل ٽيوشن في، ٻيا لازمي تعليمي خرچ ۽ ٽنڊوڄام کان ٻاهر جي شاگردن جا يونيورسٽي هاسٽل جا خرچ برداشت ڪيا ويندا، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو وظيفا شاگردياڻين لاءِ هوندا.

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي برادريءَ جي تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي سهڪار سان سنڌ جي باصلاحيت ۽ مالي ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ نوجوانن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي.
ان پروگرام تحت ٻهراڙي ۽ پٺتي پيل علائقن سان واسطو رکندڙ انڊر گريجوئيٽ شاگردن جي مڪمل ٽيوشن في، ٻيا لازمي تعليمي خرچ ۽ ٽنڊوڄام کان ٻاهر جي شاگردن جا يونيورسٽي هاسٽل جا خرچ برداشت ڪيا ويندا، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو وظيفا شاگردياڻين لاءِ هوندا.
ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ۽ سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول احمد هاليپوٽو آن لائين مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي يونيورسٽيءَ جي ڪميٽي روم ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سينيئر تدريسي ۽ انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي.
معاهدي موجب اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيندڙ اميدوارن وٽ سنڌ جو ڊوميسائيل، مالي ضرورت ۽ يونيورسٽيءَ ۾ فل ٽائيم انڊر گريجوئيٽ داخلا هجڻ لازمي هوندو. اميدوارن لاءِ يونيورسٽيءَ جي داخلا ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪرڻ پڻ ضروري هوندو، جڏهن ته وظيفو جاري رکڻ لاءِ کين گهٽ ۾ گهٽ 2.75 سي جي پي اي برقرار رکڻو پوندو. سنڌ جي ٻهراڙين ۽ پٺتي پيل ضلعن سان تعلق رکندڙ اميدوارن کي ترجيح ڏني ويندي.

يونيورسٽيءَ جي سليڪشن ڪميٽي اهل اميدوارن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ سفارشون پيش ڪندي، جڏهن ته وظيفن جي حتمي منظوري ۽ فنڊ جاري ڪرڻ جو اختيار سانا جي فيم اسڪالرشپ پروگرام وٽ هوندو.
ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته اعليٰ تعليم تائين پهچ هر باصلاحيت نوجوان جو حق آهي ۽ مالي ڏکيائيون ڪنهن به مستحق شاگرد جي تعليمي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجن. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ سنڌي برادري ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ اهڙي ڀائيواري سنڌ جي نوجوانن لاءِ تعليمي موقعا وڌائڻ، انساني وسيلن جي ترقي ۽ سماجي توڙي معاشي بهتريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول احمد هاليپوٽي پنهنجي آن لائين پيغام ۾ هن سهڪار کي سنڌ جي نوجوانن، خاص طور شاگردن ۽ شاگردياڻين جي روشن مستقبل ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته اسڪالرشپ پروگرام ذريعي مستحق نوجوانن کي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ عملي زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا موقعا ملندا. (پريس رليز)
__________



