Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

خُوني واقعن جون ساروڻيون: مرڻ کان اڳيئي مري به ڏٺوسين

آڪٽوبر جو مھينو ھلي رھيو آھي. سال 1988 ۾ جڏھن ڪراچيءَ ۾ قتلام شروع ٿيو ھو تڏھن بہ آڪٽوبر ھو. ھيءُ ليک بہ پھريون ڀيرو آڪٽوبر 2015 ۾ شائع ٿيو ھو  

نصير اعجاز

مرتضى ڏاڏاھيءَ جي ڪلام جي ھيءَ سِٽ “مرڻ کان اڳيئي مري ڀي ڏٺوسين” منھنجي حياتيءَ ۾ وڏي اھميت رکي ٿي ـ شروع ۾ ته اھو ڪلام بس وندر خاطر ٻُڌبو ھو پر پوءِ انھيءَ جي اونھائيءَ ۾ تڏھن ويس جڏھن جھاز جي حادثي ۾ سائين علي احمد بروھيءَ جو ھڪ ڀاءُ گذاري ويو ۽ نالي جي ھڪجھڙائيءَ سبب ماڻھن علي احمد بروھيءَ جي موت تي ڏک ۽ تعزيت جا پيغام اخبارن ۽ بروھي صاحب جي مٽن مائٽن کي موڪلڻ شروع ڪيا ـ ھڪ ملاقات ۾ بروھي صاحب پاڻ به چئي ڏنو ته “مرڻ کان اڳيئي گھٽ ۾ گھٽ اھا خبر ته پئجي وئي ته منھنجي مرڻ تي ڪيترن ماڻھن کي ڏک ٿيندوـ” ڏاڏاھيءَ جي اھا شاعري ته رومانوي پسمنظر ۾ ڪيل آھي جنھن ۾ واعده پورا نه ٿيڻ تي عاشق زنده ھوندي به پاڻ کي مُئل ٿو سمجھي پر ڪلام جي اِھا سِٽ نه رُڳو بروھي صاحب تي به ٺھڪي ٿي آئي، پر حقيقت ۾ انھن سمورن ماڻھن جي حياتيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪي موت کي پنھنجي اکين سان ڏسندي، انتھائي سخت حالتن مان لنگھندا رھيا آھن ـ اڳتي ھلي منھنجي حياتيءَ ۾ به اھڙا ڪي واقعا ٿيا جو مان به پاڻ کي ھڪ اھڙو ئي ڪردار سمجھڻ لڳس جيڪو زندگي ۽ موت پنھنجي اکين سان ڏسندو رھيو ھجي ـ ھڪ ڊگھو خوني دور ته 1988 کان شروع ٿيو جڏھن قتلام جي نه کُٽندڙ واقعن ۾ سنڌين کي چونڊي چونڊي ماريو پي ويو ـ ان عرصي ۾ مون جيڪو وقت موت کي پنھنجي آسپاس ڏٺو، تنھن منھنجي من مان موت جو ڊپ ئي ختم ڪري ڇڏيو ھو ـ اھو ئي ڪارڻ ھو جو اڳتي ھلي جڏھن ڪن واقعن ۾ پستول منھنجي ڇاتيءَ تي به رکيا ويا ته مان بلڪل بي ڊپو ھئس ۽ مرڻ جي فڪر جو ڪوبه احساس ڪونه ھو ـ  

فائيل فوٽو

 جڏھن ڪو ڏوھاري پستول ڪنھن جي ڇاتيءَ يا لوندڙيءَ تي رکي کانئس ڦُر ڪري، ۽ ڦُرجندڙ شخص ان واردات مان زنده بچي وڃي، ته اھو به موت جي منھن مان واپس اچڻ برابر آھي ـ اھڙا ٻه واقعا مون سان به ٿيا ـ پھريون ڀيرو 1990 جي آڪٽوبر ۾ عام چونڊن کان ھڪ ڏينھن اڳ اھڙو واقعو ٿيو ـ سڄي حياتي مسواڙي جاين ۾ رھڻ کانپوءِ ڪراچيءَ جي شانتي نگر (ڊالميا) علائقي جي سنڌي پاڙي ۾ جھڙو تھڙو پنھنجو گھر ٺھرائي 28 آگسٽ تي گھر وارن کي وٺي اچي اُتي رھيس ـ پئسو نه ھجڻ ڪري گھر جو ڪيترو ئي ڪم اڃان رھيل ھو پر تڏھن به شھر اندر دھشتگرديءَ واري خوف ھراس کان پاڻ کي اُتي محفوظ سمجھڻ لڳا ھئاسين ـ انھيءَ مھيني جي شروعات ۾ ئي شھيد بينظير صاحبه جي پھرين حڪومت کي برطرف ڪري نگران حڪومت ذريعي آڪٽوبر ۾ عام چونڊون ڪرايون پي پيون ـ چونڊون 24 آڪٽوبر تي ٿيڻيون ھيون ۽ مان 23 آڪٽوبر تي منجھند جو آفيس وڃڻ جي تيارين ۾ ھئس جو ٽي ڌاڙيل گھر اندر گھڙيا ۽ منھنجي ڇاتيءَ تي پستول رکي مونکي لائونج مان ان ڪمري اندر ڌِڪڻ لڳا جتي امڙ، ٻه ڀينر،گھر واري ۽ ننڍڙي ڌيءَ موجود ھيون ـ مون پنھنجا حواس بحال رکندي بچاءَ جا رستا پي سوچيا ۽ اھو سڀ ڪجھه سيڪنڊن اندر ئي ڪرڻو ھو ـ مان جيئن ئي ڪمري جي در اندر پھتس ته ھڪدم جوکم کڻي ڌاڙيلن کي ڌڪو ڏئي دروازو بند ڪري ڇڏيم جنھن کي آڱوٺي جي زور سان بند ٿيڻ وارو قلف لڳل ھو ـ مون اھو به نه سوچيو ته ان ڪوشش ۾ ھڪ ئي وقت ٽي پستول ڇُٽي سگھن ٿا ـ ھاڻي ساڻن مقابلي جو مرحلو ھو سو مان ٽپ ڏئي ڪمري جي دريءَ مان پويان ڪمري ۽ چوديواريءَ وچ ۾ کليل گھٽيءَ ۾ نڪتس ۽ ڀر واري ڪمري ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪيم ته جيئن پنھنجو پستول ڪٻٽ مان کڻان پر ان ڪمري جي کليل در مان ڏٺم ته ڌاڙيل سامھون ئي موجود ھئا ـ مون وٽ سواءِ ان جي ٻيو ڪو رستو ڪونه بچيو ته مدد لاءِ ماڻھن کي سڏيان ـ گھر جي ڇت تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺھيل ڪانه ھئي، سو ڪنھن نموني ڇھ فُٽ بلند ڀت تي چڙھي ٽپ ڏئي ڇت تي وڃي ڀر واري رستي تان ايندڙ ويندڙن کي سڏيندو رھيس پر ڪير به ڪونه آيو ـ نيٺ وري ساڳي نموني ڇت تان لھي ڀت ٽپي ڪجھه گھٽيون پري ھڪ دوست کان بندوق وٺڻ ويس ته خبر پئي ته چونڊن جي موڪل سبب اھو به ڳوٺ ويل آھي ـ منھنجا ھٿ پير ۽ گوڏا ڇلجي رتو رت ٿي ويا ھئا، ڪپڙن جون چتيون نڪري ويون ھيون ـ مايوس ٿي موٽيس ته گھر جي گيٽ ٻاھران ماڻھن جو ميڙ ڏٺم ـ پڪ ٿي ويم ته ڌاڙيل ڪمرن جي پٺيان ڦري اندر وڃي گھر وارن کي يرغمال ڪري ويٺا ھوندا ـ گيٽ تي گڏ ٿيلن مان ڪنھن به ماڻھوءَ مون سان گڏ اندر وڃڻ جي ھمت نه ساري ـ نيٺ مان اڪيلو گھر اندر گھڙيس ـ لائونج ۾ ڪير به ڪونه ھو ۽ اندر بلڪل موت جھڙي سانت ڇانيل ھئي ـ خاموشيءَ سان ڪمرن جي پٺيان گھٽيءَ ۾ وڃي ان ڪمري جي دريءَ وٽان گھر وارن کي سڏ ڪيم پر جواب نه مليو ـ پڪ ٿي وئي ته ڌاڙيل اندر موجود آھن، پر ان مھل ئي منھنجو آواز سڃاڻي گھر وارن دري کولي ـ اھي سڀ ھِراس ۾ ماٺ ڪيو ويٺا ھئا ـ ٽئي ڌاڙيل شايد واردات جي ناڪاميءَ سبب منھنجي موٽڻ کان اڳ فرار ٿي ويا ھئا ـ ٻاھر گڏ ٿيل ماڻھو، جن ۾ ھڪ اڌ پوليس وارو به ھو، ھوريان ھوريان ٽڙي پکڙجي ويا ـ ڪلاڪ ٻن کانپوءِ مان به زخمي ھجڻ باوجود نوڪريءَ تي ھليو ويس پر پوءِ ڪيترائي ڏينھن رات جو پستول کڻي گھر تي چوڪي ڏيندو رھيس ـ

ٻيو واقعو 2004 ۾ سانجھيءَ کان ٿورو اڳ ٿيو جڏھن نيپال مان موٽڻ تي ٽريول ايجنٽ کي ٽڪيٽ جا پئسا ڏيڻ لاءِ حسن اسڪوائر وٽان ڊالر مٽائي 37000 رُپيا پينٽ جي کيسي ۾ وجھي رڪشا ۾ گھر پي آيس ـ شانتي نگر جي پھرين ئي گھٽيءَ ۾ موٽرسائيڪلن تي سوار ڦورن، جن حسن اسڪوائر کان ئي شايد منھنجو پيڇو ڪيو ھوندو، اچي رڪشا جو گھيراءُ ڪيو ۽ منھنجي لوندڙيءَ تي پستول رکي کيسي مان پئسا ڪڍي ورتا ۽ ان کان اڳ جو مان رڪشا مان نڪري سگھان يا رڪشا کي موڙائي سندن پويان وڃان، اھي فرار ٿي چُڪا ھئا ـ مون انھن ڦورن سان به وڙھڻ ٿي گھريو جو مونکي موت جو ڪوبه ڊپ ڪونه ھو ـ

پر اھڙن واقعن يا حالتن کي منھن ڏيڻ جي سگھه مونکي 1977 ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي خلاف پي اين اي جي ھلايل ھلچل دوران “جلاءُ گھيراءُ” ۽ ڪرفيوءَ جھڙن واقعن ۽ وري 1988 ۾ 30 سيپٽمبر ۽ پھرين آڪٽوبر جي وچ واري رات کان شروع ٿيل رت جي راند مان جيئرو نڪرڻ سان ملي جيڪا پوءِ شھيد بينظير جي ٻي حڪومت تائين جاري رھي ھئي ـ مان 1988 ۾ گلشن اقبال جي باغِ رضوان اپارٽمينٽ ۾ رھندو ھئس جتي منھنجو اڪيلو سنڌي گھر ھو ـ باغِ رضوان اپارٽمينٽ کان ٿورڙو ئي پرڀرو دائود انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن جي ھاسٽل ھئي، جتي سنڌي شاگرد دوست رھندا ھئا ۽ ساڻن ميل ملاقات به رھندي ھئي ـ

مونکي اُھا رات ياد آھي جڏھن ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو ساليانو پروگرام ھلندي ھلال پاڪستان اخبار جي آفيس مان فون تي اطلاع ڏنو ويو ته حيدرآباد ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھو مارجي ويا آھن، جنھن جي نتيجي ۾ سڄو حيدرآباد شھر بند ٿي ويو آھي ۽ ممڪن آھي ته ڪراچيءَ ۾ به ردعمل ٿئي ـ حيدرآباد وارو واقعو ڪنھن ڪيو يا ڪنھن ڪرايو، پر انھيءَ جو اثر سنڌين تي ٿيڻو ھو، جيڪو ان واقعي کان ھڪدم پوءِ شروع ٿي چڪو ھو ـ مون سگا جي مرڪزي عھديدارن کي اھڙو اطلاع ماٺ ميٺ ۾ ڏنو جن ڪو ھراس پکيڙڻ کانسواءِ تُرت ئي پروگرام ختم ڪري ڇڏيو ته جيئن ھرڪو وقت سر ۽ حفاظت سان گھرڀيڙو ٿئي ـ مان به پھرين آفيس ويس ۽ ڪم ڪار اُڪلائي رات جو اڍائي وڳي گھر پھتس. مون وٽ تڏھن پنھنجي ڪا سواري ڪانه ھوندي ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن آفيس جي سوزوڪي پڪ اپ ۾ گھر موٽندو ھئس ـ ان رات جڏھن اپارٽمينٽ جي گيٽ تي پھتس ته گيٽ تي ھٿياربند دھشتگردن جو قبضو ھو ۽ اھي ھوائي فائرنگ ڪري رھيا ھئا ـ دائود ڪاليج جي ھاسٽل مان به جواب ۾ ھوائي فائرنگ ٿي رھي ھئي جتي سنڌي جوان مورچابند ھئا ـ سوچيم ته دھشتگرد پڪ ئي پڪ اسان کي نشانو بنائيندا پر جڏھن گاڏيءَ مان لھي گيٽ وٽ پھتس ته بنا ڪجھه چوڻ جي ھنن گيٽ کولي ۽ مان اندر ھليو ويس ـ اھا ڪاري رات ڪراچيءَ ۾ اڻ ڳڻت سنڌين جا گھر اُجاڙي وئي جنھن جو اندازو صبح جو ٿيو ـ پوءِ ايئن روزانو ٿيڻ لڳو ۽ مان روز صبح جو گھران نڪري اسپتالن جا چڪر ڪٽي شھيد ۽ زخمي ٿيل سنڌين جا انگ اکر گڏ ڪري آفيس پھچندو ھئس ـ شھر ۾ ڪوبه سنڌي محفوظ ڪونه ھو ـ مان به پنھنجا ڏينھن ڳڻيندو ھئس ـ ايئن مان روز پنھنجي بيگناھه سنڌين سان گڏ مرندو ۽ جيئندو ھئس ـ پر پوءِ اندازو ٿيو ته باغِ رضوان ۾ مونتي يا منھنجي ڀائرن ۽ ٻين گھر وارن تي ڪابه گولي نه ھلڻ جو ڪارڻ اھو ھو ته اھو اپارٽمينٽ دھشتگردن جو ڳڙھه ھو جتي ھٿيارن جا ذخيرا به ھئا ته خوني به اتي لڪندا ھئا ۽ ٻيو ته دائود ڪاليج جي ھاسٽل مان اھي به سنڌين جي نشاني تي ھئا جنھنڪري ھنن اسان جي ھڪڙي گھر خلاف واردات نه ڪئي پر اسان تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ فليٽ جي ڇت تي ويھي ھوائي فائرنگ ڪندا ھئا ـ

 مون ايڊيٽر شيخ عبدالحليم جوش جي ھوندي به اخبار جي پاليسي عملي طور پنھنجي ڪنٽرول ۾ رکي ۽ دھشتگردن خلاف ڀرپور نموني رپورٽنگ ڪندو رھيس ـ اخبار جي ملازمن ۾ خوف ھراس ھوندو ھو ـ ڪم ڪرڻ مھل سندن ھٿ ڏڪندا ھئا ـ مرحوم سب ايڊيٽر ھدايت منگي ڊپ وچان ڳوٺ ھليو ويو ـ انتظاميا پوليس پھرو لڳائڻ کان لاچار ھئي جو ھڪ ليٽر جي جواب ۾ پوليس کاتي چيو ته سموري پوليس اڳ ئي خراب حالتن جي ڪري مصروف آھي ـ نيٺ ان وقت مونکي سنڌي شاگرد تحريڪ جا دوست ڪم آيا جن روزانو بندر روڊ تي ڪورٽ وِيو بلڊنگ واري آفيس ۾ صبح کان رات تائين ھٿياربند پھرو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ حالتون بھتر ٿيڻ تائين جاري رکيو ـ روز رات جو آخري ڪاپي موڪلي مان سوزوڪي پڪ اپ ۾ ايڊيٽر ۽ ٻين ساٿي ڪارڪنن کي کڻي گوليمار، نارٿ ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ سندن گھرن تي ڇڏي سڀني کان آخر ۾ پنھنجي گھر وٽ لھندو ھئس جتي ھوائي فائرنگ سان “استقبال” ٿيندو ھو ـ زندگيءَ ۾ اھڙا خوفناڪ ھٿيار مون ڪڏھن ڪونه ڏٺا ھئا ـ

 ايئن ئي مٿان عام چونڊون به اچي پھتيون جن ۾ شھيد بينظير جي اڳواڻيءَ ۾ پ پ پ سوڀ ماڻي، پر پوءِ به فائرنگ جاري رھندي ھئي ـ نيٺ 1989 ۾ والده جي دل جي مرض سب اھو فليٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيوسين ـ چوٿين ماڙ تي فليٽ مان سامان کڻائڻ لاءِ ڪجھه پوليس وارا دوست سادي لباس ۾ آيا جن مزدورن جي جاءِ تي ڪم ڏنو ـ ھنن مونکي به ھڪ پستول ڏئي ڇڏيو جيڪو مان بالڪنيءَ ۾ کڻي بيھي رھيس ـ گھر وارن کي اڳيئي شفٽ ڪري ڇڏيو ھئم ـ دھشتگرد فليٽ ھيٺان چڪر ڪٽيندا رھيا پر اسان وٽ به ھٿيارن جي موجودگيءَ جو محسوس ڪري، خاموش رھيا ـ جڏھن اُتان آخري سامان کڻي نڪتس تڏھن محسوس ٿيو ڄڻ مان موت جي منھن مان نڪري آيو آھيان ـ

سنڌين جا گولين سان پروڻ ٿيل، ڊرل مشينن سان سوراخ ڪيل ٻوري بند لاش 1994 تائين به ملندا رھيا ھئا جڏھن نصيرالله بابر جي اڳواڻيءَ ۾ دھشتگردن خلاف آپريشن شروع ٿيو ھو ـ ظلم جي انھن داستانن بابت وري ڪڏھن لکبو ڇو ته منھنجي ھيءَ تحرير اڃان انھن خوني واقعن جي صحيح عڪاسي نٿي ڪري ـ 

(چوٿين آڪٽوبر 2015 جي ڪاوش ميگزين ۾ ڇپيل  )

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. سائين اوهان کي جس هجي جو اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ اوهان پنهنجو ڪم جاري رکيو. هن کي اڃا به ائين چئجي ته “مرڻ کان اڳيئي روز روز مري ڏٺوسين“.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button