
ليکڪ: غلام رسول سوڍر
ماڻھو جڏھن کان جنم وٺي ٿو تڏھن کان جيجل جون لاتيون، مٺڙا ٻول، لوليون ۽ دعائون ان جي ڪنن تي پون ٿيون. ھو اھي مٺڙا گيت پنھنجي جيجل وٽان ٻڌندي وڏڙو ٿئي ٿو ۽ جڏھن پنڌ ڪرڻ تي پھچي ٿو تہ تڏھن بہ جيجل چيچ پڪڙي ان کي گيتن ساڻ پيرڙا کڻائي ٿي ۽ ھن کي پيار منجھان ڪوڏاڻا ڏئي ٿي اھو سلسلو تيستائين جاري رھي ٿو جيستائين اھو ٻار وڃي سمجھ سان ٿئي ٿو. جيجل جون لاتيون، لوليون، مٺڙا ٻول، دعائون ۽ ڪوڏاڻا اھي سڀ ماڻھوءَ جي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ھوندا آھن جنھن کي ھو جيجل جي مٺڙي آواز ۾ ٻڌندي ٻڌندي سکي وٺندو آھي ۽ اھا ٻولي ان ماڻھوءَ جي مادري ٻولي بڻجي ويندي آھي.
وري اگر انسان جي تاريخ ڏانھن نظر ڊوڙائينداسين تہ خبر پوندي تہ ماڻھو جڏھن کان انفرادي زندگيءَ کي ترڪ ڪري اجتماعي زندگي گذارڻ لڳو آھي تڏھن کان ھو پنھنجي جذبن ۽ احساسن کي اظھارڻ لاءِ ڪي گيت آلاپيندو رھيو آھي پوءِ اھي ڪڏھن سک ۾ تہ وري ڪڏھن ڏک ۾ ڳائيندو آھي ۽ وري پاڻ مٿان مڙھيل طاقتن يعني جن کي ھو ديوتا ڪوٺيندو آھي تن کي رازي رکڻ لاءِ بہ انھن جي شان ۾ شاعري يعني گيت پيش ڪندو آھي جيئن اھي ديوتا سندس مٿان مھربان رھن ۽ ڪا تڪليف نہ ڏين !
لوڪ گيت ماڻھن جي ڏک ۽ سک جي ساٿي ھجڻ سان گڏوگڏ سموري لوڪن جا درد ۽ خوشيون پاڻ ۾ سموئيندا ھئا ۽ جڏھن اھي لوڪ ڌرتيءَ کي کيڙيندا ھئا تڏھن بہ چپن تي گيت آلاپيندا ھئا ۽ جڏھن ڌرتي اھو کيڙيل فصل پچائي لڙڻ تائين رسائيندي ھئي تڏھن بہ گيت ۽ ساز ڳائي وڃائي پنھنجيون خوشيون ظاھر ڪندا ھئا ۽ اھو سڀ ڪجھ وري تڏھن ممڪن ٿيندو ھو جڏھن مٿان رحم جي نظر ٿئي ۽ موسم ميگه ملھار ٿي وسڻ شروع ڪري تہ پوءِ وري ان موسم جي خوشين ۾ قسمين قسمين نوان رنگ روپ ۽ گيت شامل ٿي ويندا ھئا. جن ۾ پاڻھياري، اٺا، وسڪارو، مينھڙو وغيره گيت شامل آھن جن کي اسين لوڪ گيت ڪوٺيون ٿا ۽ اھي ھر قوم جي تھذيب جو عظيم ورثو آھن جن ساڻ اسان کي قديم لوڪ جي رھڻي ڪھڻي، تھذيب ثقافت ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ ملي ٿي. مٿي جيئن مان ذڪر ڪري آيس تہ جڏھن ڪو ماڻھو جنم وٺي ٿو تہ تڏھن بہ ان جي ڪنن تي سڀ کان پھريان اھي ماءُ جو لاتيون پون ٿيون جيڪي لوڪ گيت ۾ شامل آھن ۽ اھي مٺڙيون لاتيون ٻوليءَ جي خوبصورتي کي ظاھر ڪن ٿيون جن جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي پيو ۽ ھر ٻولي ۾ ساڳيءَ ريت جاري آھي. اسان پنھنجي ٻولي ۾ ڏسون تہ اسان وٽ لوڪ ادب جيڪو نثر توڙي نظم سان ٽمٽار آھي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ ان جي حسناڪي ڀري پئي آھي ان ۾ فطري رنگ، سماج جون رسمون ۽ ان وقت جو ماحول سڄو سمايل آھي تڏھن ئي محققن لوڪ ادب کي عوامي ادب جو آئينو ڪوٺيو آھي.
انسائيڪلوپيڊيا تي آمريڪا جي لوڪ ادب جي وصف ھن طرح بيان ڪيل آھي:
“اھو ادب جيڪو عام ماڻھن جي قديم مانتائن، ريتن رسمن، روايتن، وھمن، وسوسن، ڀرمن ۽ اعتقادن تي مشتمل ھجي. ھن ادب جي دائري ۾ جيڪي صنفون اچي وڃن ٿيون انھن ۾ روايتي ۽ رسماتي گيت، چوڻيون، پھاڪا، ورڻ مالھائون، لغتون، نقل نظير، ڀوڳ، چرچا ۽ گھٻا ۽ ڳجھارتون وغيرہ شامل آھن.”
لوڪ گيت بابت وري ڀارت جي مشھور محقق ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ لکيو آھي ته، ”ھونءَ تہ ڪوتا، قدرت جو آلاپ آھي. ھن جو لاڳاپو دماغ سان نہ پر دل سان آھي. ايئن کڻي چئجي تہ انسان جيوت جڏھن ڪنھن پھاڙي جھرڻي جيان سک ۽ دک جي لاھين چاڙھين تان لھندي چڙھندي، وھڻ لڳندي آھي، ھن مان جھرڻي جي جھر جھر ۽ ڪلڪل جي شبدن جيان ڪي آلاپ نڪرن ٿا آنند ۽ الاس، سک ۽ درد سان پُر، جڏھن پوک پچي ھوا جي ھلورن تي جھومڻ لڳي ٿي، تڏھن ھاريءَجو من، ھلاس ۾ ڀرجي، نچي ۽ ڳائي ٿو اُٿي، ھو ھر کيڙيندي بہ ڳائي ٿو ۽ پاڻي ورائيندي بہ سريلا آلاپ ٿو ڪڍي، پورھيت پورھئي جي پيڙا گھٽائڻ لاءِ ڪي آلاپ ٿو آلاپي، اھي ڏرن ڀريندي ڳائڻ ۾ ايندڙ گيت، اھي جنڊ پيهندي ڪڍيل سنھڙا اپندڙياھي لاڏا ۽ لوليون، اوراڻا ۽ پار ئي تہ لوڪ گيت آھن.”
لوڪ ادب تي سنڌ اندر سڀ کان گھڻي ۾ گھڻو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪيو آھي جنھن لوڪ گيت جي 57 صنفن تي ھڪ ڪتاب ترتيب ڏئي آندو آھي جنھن ۾ 42 صنفون جيڪي ٿرپارڪر سان تعلق رکن ٿيون باقي ٻئي صنفون سنڌ جي ٻين علائقن سان مروج آھن ٿر اندر ايترين صنفن ملڻ جو مقصد اھو آھي تہ ان ڌرتيءَ تي ماڻھن ۾ فطرت سان گھڻو چاھ ۽ محبت آھي ۽ ھو ڌرتيءَ سان بي انتها محبت پر محبت کان بہ وڌيڪَ ڌرتيءَ کي عقيدي جي حد تائين پوڄن ٿا ۽ ان جو سبب اھو آھي تہ ڌرتي ھنن جي جيئڻ جو سھارو آھي ڌرتي ئي آھي جيڪا ھنن جي سکن جو اھڃاڻ آھي تنھن ڪري جڏھن ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي وڃي ٿي تہ ھو ڏک ۽ درد منجھان ڌڻيءَ ڏانھن لوڪ گيتن جي صورت ۾ نياپو اماڻي نماڻي دعا پيش ڪن ٿا ۽ جڏھن مينھن وسڻ شروع ٿين ٿا تہ پوري علائقي ۾ خوشيون ئي خوشيون ڦھلجي وڃن ٿيون پوءِ اھڙي ميگھ ملهار موسم ۾ ٿري ماڻھو پنھنجي پيارن، مٽن مائٽن ۽ محبوبن کي وڏيءَ اڪير سان گيتن ذريعي ياد ڪندا آھن ۽ جيڪي نياڻيون مٽن کان پري پرڙيل(شادي شدہ) ھونديون آھن انھن کي وري پنھنجي پيڪن جي سڪ ۽ اڪير اندر ۾ وڍ وجھندي آھي ۽ پوءِ اھي ان کي اظھارڻ لاءِ گيتن جو سھارو وٺي پنھنجي پيڪن کي سنڀارينديون آھن.
برسات ۽ فطرتي حسن کان علاوه ٿر جي لوڪ گيتن ۾ عشق، محبت، پيار، محبوب سان ملڻ جي آس ۽ طلب، سڪ، سوز، تڙپ، دک، درد وصل، فراق، وڇوڙي ۽ ميلاپ وغيره جي خواھش لاءِ آسن، اميدن، امنگن ۽ احساسن جا گيت بہ شامل آھن.
ٿر جي گيتن بابت تاج جويو لکي ٿو تہ ٿرُ، گيتن جي سرزمين آهي. هتي گيتَ، ماءُ جي ٿڃ جيان ڌرتيءَ مان گُوها گُوها ٿي ڦُٽي نڪرندا آهن. مون هڪ هنڌ لکيو هو ته، ”اهو خبر ناهي ڪهڙو بدذوق شخص هو، جنهن چيو هو ته: ’راڳُ، پنجابَ ۾ ڄائو ۽ ٿر ۾ اچي مئو.‘ پر حقيقت اُن جي ابتڙ آهي. ٿر، گيتن جي جنم ڌرتي آهي، ۽ سنگيت، هن سرزمين جي نَس نَس ۾ موجود آهي.”
ان کان علاوه لوڪ ادب جي مھان محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي راءِ رکڻ انتھائي ضروري آھي، بلوچ صاحب لوڪ گيت بابت لکي ٿو تہ “لوڪ گيت عوامي شاعري جا خيابان آھن، جن ۾ ڪيئي ٻهڪندڙ ٻوٽا نظر اچن ٿا، ۽ ھر ٻوٽي جي رونق نرالي آھي. يا چئجي ته ھر لوڪ گيت ڄڻ ھڪ ڪنڍي يا ھار آھي، جنھن جي ھر مصرع وارو مڻيو ھڪ جدا رنگ رونق وارو ۽ آبدار آھي. عوامي فڪر ۽ ويچار تصنع کان خالي آھي مگر ان جي دلپذيري بيمثال آھي. لوڪ گيتن ۾ محبت ۽ مجاز جا مضمون نھايت سادن پر سهڻن لفظن ۾ سموھيل آھن.”
مطلب تہ لوڪ گيتن ۾ عوام جي احساسن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ٿيل آھي جنھن ذريعي انھن جي نفسيات ۽ انھن جي سموري رھڻي ڪھڻي بابت اسان کي ڄاڻ ملي ٿي جنھن ساڻ اسان پنھنجي ان عظيم ثقافتي ورثي کي سنڀالي پنھنجي نئين نسل تائين رسائي سگھون ٿا. پر جي ان ورثي کي سنڀالڻ کان عار ڪري نظر انداز ڪيوسين تہ پوءِ پنهنجي ان عظيم تھذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي وساري ويھنداسن ۽ ادب جي ھڪ اھڙَي لوڪ خزاني کان محروم رھجي وينداسين جنھن ۾ ٻوليءَ جي حسناڪي فطرت جا رنگ، ريتون رسمون، سماجي ۽ سياسي حالتون ۽ عوامي لوڪ جي سگھڙپائي وارو ادب شامل آھي!
ليکڪ غلام رسول سوڍر سنڌ جي دادو ضلعي جي شھر ميھڙ ۾ رھندڙ آھي. ھُن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان سنڌي ٻوليءَ ۾ چ.ن سالن جي بي ايس ڊگري حاصل ڪئي آھي.
پنھنجي ڳولھا