هائيڊروفائل ونگ بورڊ ۾ مالڪ حُميدا گُنيز ورلڊ رڪارڊ مڪمل ڪري ورتو
مالڪ حُميدا بالٽڪ سمنڊ (Baltic Sea) تي، خاص طور تي ڊيمپ (Damp) ۽ اولپنز (Olpenitz) جي وچ ۾ 11 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي چڪر هڻي، مسلسل ونگ فائلنگ جو الٽرا لانگ ڊسٽينس (وڏي فاصلي وارو) عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

حبيب توميءَ وٽان
ڪيل (KIEL) : پروفيشنل ونگ فائلر مالڪ حُميدا 12 ڪلاڪن ۾ هائيڊروفائل ونگ بورڊ تي سڀ کان وڌيڪ فاصلو طئہ ڪرڻ جو آفيشل گينيز ورلڊ رڪارڊ جو مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي. وِنگ فائلنگ ۽ اينڊيورنس (صبر ۽ پهچ واري) واٽر اسپورٽس جي دنيا ۾ اھا هڪ ڪاميابي آهي.
حُميدا، جيڪو جرمنيءَ پاران پروفيشنل سطح تي مقابلو ڪندو آهي، هن وقت ’جي ڊبليو اي (GWA) فري فلاءِ سلالوم ورلڊ ڪپ 2025‘ جي پرو مينز ڊويزن ۾ عالمي سطح تي 17 هين نمبر تي آهي.
هُن راند جي اڀرندڙ بين الاقوامي اٿليٽس مان هڪ طور سڃاپجندڙ، هن پروفيشنل ونگ فائلنگ جي اعلي ترين سطح تي فني مهارت، سخت مقابلي جي ڪارڪردگي، ۽ تسلسل جي ڪري پنهنجي هڪ سڃاڻپ ٺاهي آهي.

هي رڪارڊ قائم ڪرڻ جي ڪوشش سخت سرڪاري ضابطن ۽ نگراني جي پروٽوڪولن تحت ڪئي وئي، جنهن ۾ مسلسل 12 ڪلاڪن تائين هائيڊروفائل ونگ بورڊ هلائڻ لازمي هو.
مالڪ حُميدا بالٽڪ سمنڊ (Baltic Sea) تي، خاص طور تي ڊيمپ (Damp) ۽ اولپنز (Olpenitz) جي وچ ۾ 11 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي چڪر هڻي، مسلسل ونگ فائلنگ جو الٽرا لانگ ڊسٽينس (وڏي فاصلي وارو) عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ان کان اڳ اهو رڪارڊ يوناني اٿليٽ ڊيمٽريس اپالگاڪيس وٽ هو، جيڪو 259 ڪلوميٽر (يا پيور ڊائون ونڊنگ لاءِ 299 ڪلوميٽر کان ڪجهه گهٽ) هو. ملڪ جو نئون رڪارڊ هڪ حيرت انگيز 375 ڪلوميٽر نان اسٽاپ (بنا بيهڻ جي) آهي. اهو سخت ترين سيشن پورو 12 ڪلاڪ هليو، جيڪو دير سان شام تائين جاري رهيو. ملڪ پاڻي تي صرف 9 ڪلاڪ گذارڻ کان پوءِ ئي اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هو.
12 ڪلاڪن ۾ 375 ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪرڻ لاءِ اڌ ڏينهن تائين ڪنهن به حقيقي وقفي کان سواءِ اٽڪل31.25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي سراسري رفتار برقرار رکڻي پئي.
هاڻي سمورو ٽريڪنگ ڊيٽا، شاهدن جون رپورٽون، ۽ فني دستاويز گينيز ورلڊ رڪارڊز جي ڪمپلائنس (تعميل) واري شعبي کي نظرثاني ۽ تصديق لاءِ موڪليا ويا آهن.

انتظاميا موجب، گُنيز ورلڊ رڪارڊز پاران گهربل وسيع فني تجزيي ۽ تنظيمي طريقن جي ڪري تصديق واري عمل ۾ 12 هفتا لڳي سگهن ٿا.
هن اينڊيورنس پروجيڪٽ جو مقصد نه رڳو ذاتي اٿليٽڪ حدن کي پرکڻ هو، پر دنيا جي تيزيءَ سان وڌندڙ واٽر اسپورٽس مان هڪ ۾ جديد هائيڊروفائل ٽيڪنالاجي ۽ وڏي فاصلي واري ڪارڪردگي جي حدن کي به جانچڻ هو.
ونگ فائلنگ جي راند عالمي سطح تي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اولمپڪ گيمز ۾ مستقبل جي راند طور شامل ڪرڻ لاءِ هن وقت فعال طور تي غور هيٺ آهي. حميدا جي فني مهارت، بين الاقوامي رينڪنگ، ۽ وڏي فاصلي وارا پروجيڪٽس کيس اولمپڪ ۾ ممڪن شموليت کان اڳ راند جي مقابلي واري صف ۾ سڀ کان اڳتي آڻڻ لاءِ حڪمت عملي تحت تيار ڪيا ويا آهن.
ونگ فائلنگ جي تيزيءَ سان بين الاقوامي واڌ ويجهه جي باوجود، تربيت، سفر ۽ انتهائي مخصوص سامان جي وڏي خرچن جي ڪري اٿليٽس لاءِ هن راند ۾ هڪ پائيدار پروفيشنل ڪيريئر بنائڻ اڃا تائين هڪ وڏو چئلينج آهي.
هن پروجيڪٽ سڄي جرمني ۽ بين الاقوامي ڊجيٽل پليٽ فارمن تي عوام ۽ ميڊيا جي وڏي توجه حاصل ڪئي. جرمني جي وڏن ٽيليويزن نيٽ ورڪن هن چئلينج کي ڪور ڪيو، جڏهن ته آن لائن وڏي پيماني تي شيئر ٿيڻ سان هن راند ۽ ان جي حمايت ڪندڙ پارٽنرن جي سڃاڻپ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو.
ونگ فائلنگ هن وقت عالمي سطح تي ترقي ڪري رهي آهي ۽ مستقبل جي اولمپڪ راند طور فعال غور هيٺ آهي. حميدا جو مقابلي وارو ڌيان، بين الاقوامي رينڪنگ، ۽ برداشت تي ٻڌل پروجيڪٽس هن راند جي ڊگهي مدي واري اولمپڪ مقصدن سان مڪمل طور مطابقت رکن ٿا.

ان ڪاميابي تي خيالن جو اظهار ڪندي حميدا چيو ته اعليٰ راندين جي ڪارڪردگي ۾ نظم و ضبط (ڊسپلن) ۽ استقامت تمام ضروري آهي.
هن چيو ته، ”هن پروجيڪٽ مان بنيادي سبق اهو ملي ٿو ته ايماندارانه ۽ منظم محنت ذريعي ئي وڏا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هاءِ پرفارمنس اسپورٽس ۾ ڪاميابي جو دارومدار مڪمل طور تي لگن، بهترين تياري، ۽ مسلسل ڪوشش تي هوندو آهي.“
”ايماندارانه، منظم محنت ۽ انتهائي فعال بنيادي ڍانچي جي ذريعي ئي وڏا مقصد حاصل ٿيا.“
هن اهڙي وڏي پيماني تي برداشت واري چئلينج کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مدد ڪندڙ سسٽم جا ٿورا پڻ مڃيا.
حُميدا چيو، ”هن سطح جي وڏي پروجيڪٽ لاءِ انتهائي فعال بنيادي ڍانچي جي ضرورت هوندي آهي. مان پاڻي تي پيچيده لوجسٽڪس سنڀالڻ لاءِ پنهنجي سپورٽ ٽيم جو، مسلسل حمايت لاءِ پنهنجي خاندان جو، ۽ مواد توڻي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي پنهنجي پارٽنرن جو دل سان شڪرگذار آهيان، جن هن ڪوشش کي ممڪن بڻايو.“
________________

حبيب تومي بحرين جو سينئر صحافي ۽ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جو ايڊيٽر ان چيف آھي



