بحرين: وچ اوڀر ۾ جنگ هر طرف موت ۽ تباهي پکيڙي ڇڏي آهي
شاگرد گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ آن لائن پڙهڻ تي مجبور آهن، سرڪاري کاتا پنهنجي صلاحيت جي صرف 30 سيڪڙو تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري دير ۽ مايوسي وڌي رهي آهي. مزدورن کي پناهگاهن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
جنگ جو پھريون شڪار سچ نہ پر عام انسان ٿيندا آھن . جنگ جي انساني قيمت فوري، گهري ۽ اڻ مٽ آهي. بدقسمتيءَ سان، اها قيمت ڪڏهن به فيصلا ڪندڙ حاڪم يا جنرل نه ڀريندا آهن. اها قيمت عام ماڻهو ڀريندا آهن—اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي آفيسن ۾ ڪم ڪندي، گهرن ۾ ٽي وي ڏسندي، مال ۾ شاپنگ ڪندي يا رڳو رستي تان گذرندي مارجي ويندا آهن.
رمضان المبارڪ جو مهينو، جنهن ۾ ماڻهو شام جو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گڏ ٿيندا هئا، هاڻي ميزائلن ۽ ڊرون حملن کان بچڻ لاءِ ‘گهر ۾ رهڻ’ جي حڪم ۾ بدلجي ويو آهي. شاپنگ مال بند ڪيا ويا آهن. راندين ۽ فن جا پروگرام رد ڪيا ويا آهن ۽ آباد علائقا ويران بڻجي ويا آهن.

حبيب تومي، مَناما، بحرين
عارف پريشاني، بي وسي ۽ اُميد جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. هو پنهنجي انهن محدود رستن تي غور ڪري رهيو آهي ته ڪيئن وقت تي گهر پهچي سگهي ته جيئن پنهنجي گهر وارن ۽ جلد ٿيندڙ مڱينديءَ سان ڪجهه پَل گذاري سگهي.
سندس گهر ڪشمير جي ضلعي پلواما جي هڪ خوبصورت ڳوٺ ‘خائيگام’ ۾ آهي، جيڪو پنهنجي سرسبز نظارن، جبلن تي موجود ڍنڍن، ‘اهرابل’ جي آبشارن ۽ تاريخي مندرن جي ڪري مشهور آهي.
عارف 9 مارچ تي گهر وڃڻ جو پلان ٺاهيو هو. هوائي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ کان وٺي هو ڏينهن ڳڻي رهيو هو ۽ مڱڻي جي شاندار تقريب ۽ گهر وارن توڻي دوستن سان گڏ گذارڻ وارن ڏينهن جو بيتابيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو.
پر اڄ، هو پڪ سان نٿو چئي سگهي ته هو پنهنجي ڳوٺ ۽ بحرين جي گاديءَ واري شهر مناما (جتي هو ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي) جي وچ ۾ موجود 2500 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئہ ڪري سگهندو يا نه. علائقي ۾ ايئرپورٽس جي بندش، جيڪا ڪووڊ جي وبا کان پوءِ سڀ کان وڏي بندش آهي، سفري افراتفري جي ڪري سندس خوابن کي چڪنا چور ڪري رهي آهي.

عارف انهن لکن ماڻهن مان هڪ آهي جيڪي ڇنڇر تي خطي ۾ شروع ٿيندڙ ان جنگ کان متاثر ٿيا آهن، جنهن هر طرف موت ۽ تباهي پکيڙي ڇڏي آهي. شاگرد گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ آن لائن پڙهڻ تي مجبور آهن، جيڪو نوجوانن لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. سرڪاري کاتا پنهنجي صلاحيت جي صرف 30 سيڪڙو تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري دير ۽ مايوسي وڌي رهي آهي. مزدورن کي پناهگاهن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
رمضان المبارڪ جو مهينو، جنهن ۾ ماڻهو شام جو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گڏ ٿيندا هئا، هاڻي ميزائلن ۽ ڊرون حملن کان بچڻ لاءِ ‘گهر ۾ رهڻ’ جي حڪم ۾ بدلجي ويو آهي. شاپنگ مال بند ڪيا ويا آهن. راندين ۽ فن جا پروگرام رد ڪيا ويا آهن ۽ آباد علائقا ويران بڻجي ويا آهن.
جنگ جي انساني قيمت فوري، گهري ۽ اڻ مٽ آهي. ڪجهه ماڻهو بحث ڪندا آهن ته جنگ جو پهريون شڪار ‘سچ’ هوندو آهي، اها دعويٰ پهرين عالمي جنگ جي پسمنظر ۾ سامهون آئي هئي. اها ڳالهه، جيڪا اڪثر هيرام جانسن سان منسوب ڪئي ويندي آهي، جنگ ۾ اخلاقي ذميواري ۽ انساني اوليت کي نظرانداز ڪري ٿي ۽ ان اهم سوال جو جواب نٿي ڏئي ته: جنگ جي قيمت ڪير ٿو ڀري؟

بدقسمتيءَ سان، اها قيمت ڪڏهن به فيصلا ڪندڙ حاڪم يا جنرل نه ڀريندا آهن. اها قيمت عام ماڻهو ڀريندا آهن—اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي آفيسن ۾ ڪم ڪندي، گهرن ۾ ٽي وي ڏسندي، مال ۾ شاپنگ ڪندي يا رڳو رستي تان گذرندي مارجي ويندا آهن.
صورتحال تڏهن وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي جڏهن پنهنجي آرامده ڪرسين تي ويٺل سياستدان، حقيقت کان بي خبر جنرل ۽ جانبدار ميڊيا انهن ماڻهن جي تڪليفن کي بيان ناهن ڪندا جن جون زندگيون ختم يا برباد ٿي وينديون آهن. اهي بيانن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندا آهن، حقيقتن کي مروڙيندا آهن، ناجائز کي جائز قرار ڏيندا آهن ۽ پروپيگنڊا پکيڙيندا آهن.
جڏهن هو سچ کي لڪائيندا يا ان کي هٿيار طور استعمال ڪندا آهن، تڏهن عام ماڻهو رتوڇاڻ جو شڪار ٿي رهيا هوندا آهن ۽ مري رهيا هوندا آهن.
جنگ رڳو ‘بيانن جي جنگ’ ناهي. جنگ سڀ کان پهرين انساني زندگيءَ ۾ هڪ تمام وڏو ڦاٽ آهي.
(انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ)
____________

سينئر صحافي حبيب تومي ڪوريا جي خبر ايجنسي The AsiaN جي انگريزي سروس جو ايڊيٽر ان چيف آھي ۽ بحرين ۾ رھي ٿو



