Editor's pickMain Slideڪالم

سرحدن کان آزاد ادبي سفر: تُرڪ ليکڪ ارسلان بائر ۽ سندس لافاني ورثو

هڪ لکندڙ جي سچي سڃاڻپ اھا ناهي ته ھُن ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا آهن، بلڪه اھا آهي ته سندس لفظ ڪيترين دلين، ذهنن ۽ ثقافتن کي پاڻ ۾ جوڙيندا رهن ٿا.”… ارسلان بائر

صدين کان وٺي، ادب انسانيت جي سڀ کان مضبوط ۽ پائيدار پُلين مان هڪ رهيو آهي جيڪو تاريخ کي محفوظ ڪري ٿو، سڃاڻپ کي بيان ڪري ٿو، ۽ مختلف ٻولين توڙي تهذيبن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي هٿي ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ ڪيترائي لکندڙ صرف پنهنجي وطن جي حدن اندر يادگار اثر ڇڏيندا آهن، پر ڪجهه چونڊ اهڙا نالا هوندا آهن جن جا لفظ جاگرافيائي ۽ ثقافتي حدن کي پار ڪري، مختلف پسمنظرن سان تعلق رکندڙ پڙهندڙن جي دلين ۾ گهر ڪري ويندا آهن. انهن ادبي آوازن مان هڪ ترڪيءَ جو ناليوارو ليکڪ، شاعر، پبلشر ۽ ايڊيٽر ارسلان بائر (Arslan Bayır) آهي، جنهن جي ادب سان وابستگي سندس تحريرن کي مختلف ثقافتن جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپي جو وسيلو بڻائي ڇڏيو آهي.

انتاليا جي هڪ ننڍڙي ٻهراڙي واري ڳوٺ بائر کان شروعات ڪري ٻاونجاهه کان وڌيڪ ملڪن جي ادبي افق تائين پهچڻ وارو سندس هيءُ سفر ثابت ڪري ٿو ته محنت، تخليق ۽ لفظن سان بي لوث لگن ڪيئن هڪ اهڙو عظيم ورثو قائم ڪري سگهي ٿي جيڪو سرحد کان گهڻو پري تائين گونجندو رهي ٿو.

ارسلان بائر جي زندگيءَ جي ڪهاڻي 1958ع ۾ ترڪيءَ جي ضلعي انتاليا جي بائر ڳوٺ مان شروع ٿئي ٿي. ڀونوچ سمنڊ واري علائقي جي زرخيز قدرتي ماحول، رشتن جي گرمجوشي ۽ روزاني ٻهراڙي واري حياتيءَ جي حقيقي رنگن خاموشيءَ سان سندس مشاهدي، تحسس ۽ تخيل جي پرورش ڪئي. تڏهن ڪنهن نه سوچيو هوندو ته ان ننڍڙي ڳوٺ جو اهو ٻار اڳتي هلي عالمي سطح تي مڃيل ادبي شخصيت بڻجندو؛ پر انهن شروعاتي سالن ۾ حاصل ٿيل اخلاقي قدر سندس پوري تحرير ۾ نمايان رهيا—ثقافت جو احترام، تاريخ جي قدرداني، ۽ تعليم ۽ قصه گوئيءَ جي طاقت تي غير متزلزل يقين.

سندس تعليمي سفر مسلسل جفاڪشي ۽ ذاتي ترقيءَ جو عڪاس هو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن مڊل ۽ هاءِ اسڪول انتاليا مان پاس ڪيو ۽ پوءِ دينيزلي (Denizli) جي ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ٿيو. پنهنجي علمي اُڃ کي اُجھائڻ لاءِ هن مسلسل جدوجهد جاري رکي ۽ 1999ع ۾ انادولو يونيورسٽي جي ترڪي شعبي مان انڊر گريجوئيٽ ڊگري پڻ حاصل ڪئي، جنهن ترڪ ٻوليءَ ۽ ادب تي سندس گرفت کي وڌيڪ پختو بڻايو. هي علمي ڊگري صرف هڪ ذاتي حاصلات نه هئي، پر ان پوري نظم ضبط ۽ مشاهدي کي جنم ڏنو جنهن اڳتي هلي سندس ادبي ڪيريئر کي نئين ترڪيب ڏني.

اڪثر ليکڪن جون شروعاتي لکڻيون هڪ سادي نظم ۽ خيال سان شروع ٿينديون آهن. ارسلان بائر به ننڍپڻ کان ئي ٻوليءَ جي جادوءَ ۾ قيد ٿي چڪو هو. پاڻ کي ڪنهن هڪ ادبي صنف تائين محدود ڪرڻ بدران، هن مختلف صنفن کي اپنايو. سالن جي رياضت کانپوءِ هن شاعري، ڪهاڻي، ٻارن جو ادب، مضمون نويسي، ادبي گفتگو، ۽ تحقيقي تحريرن تي هڪ جهڙي سنجيدگيءَ سان پنهنجو قلم هلايو.

سندس خيال هو ته ادب ڪنهن هڪ محدود پڙهندڙ طبقي لاءِ ناهي هوندو؛ شاعري احساسن کي زبان ڏئي ٿي، ڪهاڻيون انساني تجربن کي محفوظ ڪن ٿيون، ٻارن جا ڪتاب تخيل کي اڀاريندا آهن ۽ تحقيق تنقيدي سوچ کي جنم ڏئي ٿي. بائر پاڻ کي صرف هڪ شاعر يا ناول نگار تائين محدود نه رکيو، بلڪه هُو هر نسل جي پڙهندڙن جي ذهني ۽ روحاني تسڪين لاءِ لکندو رهيو. سندس ادبي شهرت راتو رات نه پر سالن جي خاموش رياضت، صبر ۽ پنهنجي ثقافتي پاڙُن سان جڙيل رهڻ جو نتيجو هئي.

وقت سان گڏ ارسلان بائر جو تخليقي سرمايو 41 شايع ٿيل ڪتابن تائين پهچي ويو. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾ Seed ، Mountains Curveted، Getting Wet as Raindrops، Life Passes – Time Passes، ۽ Scream of the Blue جهڙيون شاهڪار تخليقون شامل آهن. ٻارن جي تربيت ۽ معصوم ذهني آبياريءَ لاءِ هن Child Plus Flower، Sweet Faces، Tales from Us، Path of Alara، ۽ Tales of Taurus Nomads جهڙا ڪتاب تحرير ڪيا. ڪهاڻين جي اثرائتن مجموعن ۾ Carnivorous Stories، Two Dots and Four Days، Almonds Blossom، ۽ Morning Breeze جهڙيون لکڻيون آهن، جڏهن ته تحقيقي ميدان ۾ هن The Power We Need in Atatürk، Why We Read So Little، ۽ My Turkish Who Will Save You جهڙا تحقيقي ۽ فڪري مقالا پيش ڪيا.

بائر پنهنجي انفردي تحريرن کان سواءِ Güncel Sanat Magazine جي مقابلي واري سلسلي جي ذريعي نون لکندڙن جي به پٺڀرائي ڪئي. هُو ادب کي انفرادي شهرت جي بدران هڪ اجتماعي ۽ قومي ثقافتي سفر جو اهم حصو سمجهندو هو.

ارسلان بائر جو مشن صرف پنهنجا ڪتاب لکڻ تائين محدود نہ هيو. هن Baygenç Publishing جو بنياد رکي ترڪيءَ جي نون ۽ سينيئر ليکڪن لاءِ پبليڪيشن جا در کولي ڇڏيا. ان سان گڏ، هو Güncel Sanat Magazine جو ايڊيٽر ۽ مالڪ بنجي ادبي تنقيد، شاعري، ۽ ثقافتي نقطن لاءِ هڪ زنده پليٽ فارم مهيا ڪندو رهيو.

سندس ڪهاڻين، شاعريءَ ۽ مقالن 52 کان وڌيڪ ملڪن جي اخبارن ۽ رسالن ۾ جڳهه ٺاهي. سندس ڪتابن ۽ تحريرن جا ترجما روسي، جرمن، قزاخ، ازبڪ، قرغز، انگريزي، عربي، فارسي، هندي، يوناني، چيني، پورچوگالي، اسپيني، اٽالين، عبراني، رومانين، البانين، تاجڪ، تاتار، ترڪمين، ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿيا. ترجمن جي هن سلسلي ترڪ ادب کي عالمي سطح تي نئين سڃاڻپ ڏني ۽ ٻولين جي ميلاپ کي نئين تحريڪ بخشي.

بائر جي چند اهم ملڪي ۽ بين الاقوامي پذيرائين ۽ ايوارڊن جو اڻ کٽ داستان هيٺينءَ طرح آهي:

1997ع: شاعريءَ جي ڪتاب Seed تي قبرص جو مشهور Cyprus Poetry Award.

2003ع: الانيا جي ALKOD پاران ڪهاڻي ۽ شاعريءَ جي ٻنهي شعبن ۾ پهرين پوزيشن.

2004ع: ٻارن جي ادب واري ڪتاب Child Plus Flower تي Şair Sabit İnce Awards مان پهرين پوزيشن.

2015ع: روسي صحافين ۽ لکندڙن پاران Altun Kurat Article Competition ۾ پهرين پوزيشن.

2020ع ۽ 2021ع: روس جو معتبر Golden Feather Award، سلور ميڊل، ۽ پوءِ Golden Pen Award.

2022ع: ازبڪستان جي ثقافتي تبادلي تي Emir Temur Award، ۽ قرغزستان مان Friendship Bridge Essay Competition ۾ پهرين پوزيشن.

2023ع: قزاخستان مان ترڪ ورثي تي تحقيقي ڪم بدلي عظيم Ahmet Yesevi Award.

2024ع: لبناني ادارن پاران World Star Poetry Competition ۾ پهرين پوزيشن، مصر مان Al-Rowad News Award، فلپائن مان International Best Poets & Translators Award، ۽ ماسڪو اڪيڊمي آف لٽريچر مان خاص اعزاز.

2025ع: اٽلي جي صدر ۽ سينيٽ پاران تحرير، صحافت ۽ بين الاقوامي تمدن جي خدمت بدلي ڏنل تاريخي اعزاز International Excellence Award for Journalists and Editors.

ارسلان بائر جي حقيقي حاصلات حاصل ڪيل ايوارڊن جي لسٽ ناهي، پر اهو روحاني ۽ فڪري اثر آهي جيڪو هن نون لکندڙن، پڙهندڙن ۽ ادبي برادريءَ جي دلين تي ڇڏيو آهي. بائر ڳوٺ جي خاموش ماحول مان نڪتل اهو ننڍڙو ٻار اڄ يورپ، ايشيا ۽ عالمي ادب جي ايوانن ۾ هڪ اهڙي مضبوط پل جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن تان لنگهي مختلف تهذيبون، ٻوليون ۽ نسل هڪ ٻئي سان محبت جو اظهار ڪن ٿا.

41 ڪتابن، اڻ ڳڻت ترجمن، پبليڪيشن جي خدمتن ۽ عالمي مڃتا سان هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سچي ادبي عظمت ڏيکاءُ مان ناهي ملندي، پر اها مستقل مزاجي، صداقت ۽ انسانن کي لفظن ذريعي پاڻ ۾ جوڙڻ واري جذبي مان جنم وٺندي آهي.

____________

ھڪ انگريزي مضمون جو اختصار

ھيلينڪ ميڊيا گروپ جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button