Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ٿڌو ٿورو: رواج ۽ روين ۾ وڌندڙ بي حسي ۽ مصنوعي اخلاق ۽ دل جي سچائيءَ جو سوال

ظاهري طور ته ٿڌو ٿورو لفظ هڪ سادي سماجي رسم لڳي ٿو، پر ان جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته معلوم ٿيندو ته هي اسان جي بدليل سماجي قدرن ۽ مصنوعي اخلاق جي هڪ دردناڪ تصوير آهي

عبدالله عثمان مورائي

سنڌي سماج ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ رڳو اکر ناهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن لفظن جو صرف لغوي مطلب ناهي هوندو آهي پر اهي لفظ اسان جي هزارين سالن جي تهذيب، ثقافتي روح، نفسيات ، احساسن جي دنيا ۽ سماجي ورتاءَ جا آئينا هوندا آهن جن ۾ روين جو عڪس لڪل هوندو آهي. اهڙن ئي لفظن مان هڪ اصطلاح، چوڻي يا پهاڪو آهي ”ٿڌو ٿورو“. ظاهري طور ته هي لفظ هڪ سادي سماجي رسم لڳي ٿو، پر ان جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته معلوم ٿيندو ته هي اسان جي بدليل سماجي قدرن ۽ مصنوعي اخلاق جي هڪ دردناڪ تصوير آهي ۽ پنهنجي اندر انساني روين جي هڪ وڏي سچائي بيان ڪري ٿو۔

ٿڌو ٿورو ڇا آهي؟

سنڌي ثقافت ۾ مهمان نوازي ۽ خلوص کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، پر جڏهن ان خلوص مان گرمجوشي ۽ سچو جذبو نڪري وڃي ۽ رڳو هڪ اڌوري يا بي ۽ اڌ دليءَ واري آڇ وڃي بچي  ته ان کي ”ٿڌو ٿورو“ چئبو آهي. ان جو مطلب آهي ته مٿاڇري تي ته اخلاق ڏيکاريو وڃي، پر دل ۾ ان ڪم کي ڪرڻ جو ڪو سچو ارادو نه هجي يعني رڳو رسميت يا ڏيکاءَ لاءِ هجي. ڪنهن کي دعوت ته ڏجي پر اندر ۾ اهو خوف هجي ته متان هو اها دعوت قبول ڪري وٺي. اها هڪ اهڙي نالي ماتر رسم آهي، جيڪا رڳو ”چوڻ“ لاءِ ڪئي ويندي آهي، ”ڪرڻ“ لاءِ نه، يعني لفظن ۾ رڳو مٺاڻ هوندو آهي، پر دل ۾ خلوص ۽ گرمي ناهي هوندي.

روزمره جي زندگيءَ ۾ “ٿڌو ٿورو

روزاني عام زندگيءَ ۾ پاڻ اڪثر ڪري ڏسندا آهيون ۽ ڪيترا ئي اهڙا مثال ملندا ته ماڻهو رسمي طور تي محبت ۽ مهمان نوازيء جو اظهار ڪن ٿا مثال طور ڪو ماڻهو چوندو آهي ته ”ادا اڄ اسان وٽ تمام گهڻو سٺو کاڌو يا ٻوڙ رڌيو اٿئون، اچو ته گڏجي کائون يا يار ويجها هجو هان ته گڏجي کائون هان يا يار رات اوهان جي مطلب جي ماني تيار ٿي هئي گهر، سوچيم پي ته اوهان کي صلاح ڪيان هان“ جيڪڏهن اهو جملو ”ٿڌي ٿوري“ طور چيل آهي ته ان جو مطلب صاف هوندو ته چوڻ وارو رڳو رسم پوري پيو ڪري باقي هن جي خواهش هرگز اها ناهي ته ڪو سندس دسترخوان تي شريڪ ٿئي يا هو واقعي به ڪنهن مهمان جي انتظار ۾ آهي. اهو انسان اهي مٿيان جملا چئي رڳو سماجي ذميواري پيو نڀائي.

جديد دور ۾ “ٿڌو ٿورو” سوشل ميڊيا ۽ نوڪريون

وقت سان گڏ “ٿڌي ٿوري” جو تصور رڳو روايتي مهمان نوازي تائين محدود ناهي رهيو بلڪه اهو هاڻي جديد دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، خاص طور تي سوشل ميڊيا ۽ پروفيشنل دنيا ۾ به اهو نظر اچي ٿو۔ اڄوڪي دور ۾، هن رويي هڪ نئين ۽ خطرناڪ شڪل اختيار ڪئي آهي، خاص طور تي اسان جي انهن ماڻهن ۾ جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا. پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪيترائي ماڻهو اڪثر پنهنجي وطن ۾ ويٺل بيروزگار نوجوانن يا پريشان حال ماڻهن سان ”ٿڌو ٿورو“ ڪندي نظر اچن ٿا. مثال طور ڪنهن نوڪريءَ جي لنڪ (Link) سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏڻ يا ڪو اشتهار واٽس اپ گروپ ۾ فارورڊ ڪري ڇڏڻ يا ڪنهن کي چئي ڇڏڻ ته ”بس آن لائن اپلاءِ ڪريو، ٿي ويندو.“

ائين ڪرڻ سان اهي ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته هنن رڳو هڪ لنڪ شيئر ڪري پنهنجي ملڪ، قوم ۽ مٽيءَ جو قرض لاهي ۽ فرض پورو ڪري ڇڏيو آهي پر گهڻين حالتن ۾ اهو عمل به “ٿڌي ٿوري” جو هڪ جديد روپ هوندو آهي. حقيقت ۾ اها رڳو هڪ مصنوعي ذميواريءَ جو احساس (Self-satisfaction) هوندي آهي. سچي مدد اها ناهي ته رڳو بنا ڪنهن وضاحت يا رهنمائي جي صرف هڪ لنڪ شيئر ڪرڻ ۽ ڪنهن کي ذاتي طور تي رهنمائي نه ڏيڻ. ائين ڪرڻ اصل ۾ حقيقي مدد ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ آهي. اهو هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو ظاهر ۾ مدد لڳي ٿو، پر اندر ۾ خلوص يا سنجيدگي گهٽ هوندي آهي۔ سچي مدد اها آهي ته ڪنهن جو هٿ پڪڙي کيس منزل تائين پهچڻ ۾ عملي مدد ڪجي، سندس مڪمل رهنمائي ڪجي ۽ کيس پنهنجي اثر رسوخ ۽ نيٽ ورڪ جو استعمال ڪرڻ ڏجي. پنهنجي تجربي مان سکيا ڏجي ۽ ممڪن هجي ته سفارش يا ريفرنس ڏجي. ڇو ته حقيقي مدد اها آهي جيڪا ڪنهن جي زندگي ۾ تبديلي آڻي نه رڳو هڪ رسمي اطلاع هجي۔

اهڙي رويي جا سبب  ۽ اثر

ٿڌو ٿورو ڪرڻ سان نه رڳو خلوص ختم ٿئي ٿو، پر اهو سماج ۾ بي اعتماديءَ جو ٻج پڻ پوکي ٿو. جڏهن ڪو انسان سچي ضرورت ۾ هجي ۽ کيس رڳو رسمي آڇون ملن ته هو پاڻ کي وڌيڪ اڪيلو محسوس ڪندو آهي. سنڌي سماج جي سڃاڻپ ”کير کنڊ“ هئڻ هئي، پر هي ”ٿڌو ٿورو“ اسان کي برف وانگر ڄمائي، هڪ ٻئي کان پري ڪري رهيو آهي.

“ٿڌي ٿوري” وارو رويو اڪثر ڪيترن ئي سماجي ۽ نفسياتي سببن ڪري پيدا ٿئي ٿو مثال طور رواجي دٻاءُ ۾ اچي ماڻهو سوچين ٿا ته ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي، ڀلي اهو اڌورو ئي ڇو نه هجي. رڳو ڏيکاءُ لاءِ ڪجهه ڪري ماڻهو پاڻ کي مطمئن ڪري وٺن ٿا۔ وسيلن يا وقت جي کوٽ ۽ مصروفيت جي ڪري به ڪڏهن ڪي ماڻهو واقعي رڳو رسميت نڀائين ٿا۔ ٻيو وري خود نمائيء لاء به ڪجهه ماڻهو صرف اهو ڏيکارڻ چاهين ٿا ته هو مددگار آهن۔

سنڌي ثقافت ۽ مهمان نوازي

سنڌي ثقافت ۾ مهمان نوازي کي وڏي اهميت حاصل آهي۔ مهمان خدا جي رحمت سمجهيو ويندو آهي۔ جڏهن ڪو ماڻهو دل سان دعوت ڏئي ٿو، ته ان ۾ محبت، عزت ۽ خلوص واضح نظر اچي ٿو۔ انهيءَ ڪري جڏهن ڪو عمل “ٿڌو ٿورو” هجي ته اهو رڳو هڪ لفظ نه پر هڪ تنقيد آهي. اهو ٻڌائي ٿو ته هتي دل جي سچائي گهٽ آهي ۽ عمل ۾ روح ناهي.

انساني رشتن تي اثر

“ٿڌي ٿوري” وارو رويو هوريان هوريان رشتن کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو ۽ اعتماد گهٽجي وڃي ٿو، محبت رسمي بڻجي وڃي ٿي، ماڻهو هڪ ٻئي کان پري ٿين ٿا ۽ خاص طور تي جڏهن مدد جي دعويٰ ڪئي وڃي پر حقيقي مدد نه هجي ته مايوسي وڌيڪ پيدا ٿئي ٿي۔

حقيقي سخاوت ڇا آهي؟

حقيقي سخاوت ۽ محبت ان ۾ آهي ته جيڪو به ڏيو، دل سان ڏيو، جيڪڏهن نه ڏئي سگهو ته صاف انڪار ڪريو، لفظن ۽ عمل ۾ هڪجهڙائي هجي، سنڌي روايتن ۾ مقدار يا ڏيکاءُ گهٽ پر خلوص ۽ پنهنجائپ وڌيڪ اهم هوندي آهي جنهن کي برقرار رکڻ گهرجي.

آخر ۾ حاصل ڪلام ته “ٿڌو ٿورو” اسان کي هڪ اهم سبق ڏئي ٿو ته انساني رشتا لفظن سان نه پر نيتن سان ٺهندا آهن۔ کاڌي جي دعوت هجي يا نوڪري جو لنڪ، جيڪڏهن ان ۾ خلوص نه آهي، ته اهو رڳو هڪ “ٿڌو ٿورو” آهي۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي سماج کي وڌيڪ مضبوط ۽ محبت ڀريو بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن جي مدد ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا ته اها سڄي دل سان ڪريون. جيڪڏهن اسان ڪنهن کي آڇ ڏيون ٿا ته ان ۾ گرمجوشي هجڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته، ٿڌو کاڌو ته شايد کائي سگهجي ٿو، پر ”ٿڌو ٿورو“ ڪنهن جي روح کي گرمائي نٿو  سگهي. اسان کي گهرجي ته لنڪس شيئر ڪرڻ کان اڳتي وڌي، عملي طور پنهنجي ماڻهن جا ٻانهن ٻيلي ٿيون، ڇاڪاڻ ته قومون رڳو رسمن سان نه، پر حقيقي همدرديءَ ۽ عمل سان جڙنديون آهن ۽ ماڻهو لفظن کي نه، پر انهن جي پٺيان لڪل احساسن کي ياد رکندا آهن۔

________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button