ڪوريائي جنگ جي شهيد صحافين جو يادگار جتي رپورٽنگ جي عزت ۽ فتح سمايل آهي
”هيءَ اها جڳهه آهي جتي رپورٽنگ جي عزت ۽ فتح سمايل آهي… جيتوڻيڪ مَسُ (Ink) سُڪي وئي آهي، پر صحافيءَ جو روح اڄ به زنده ۽ توانو آهي. (Their pens have now run dry, but their righteous spirit will live forever.) سندن اها عظيم قرباني انصاف جي واٽ کي روشن رکندي.“
يادگار جي سامهون لڳل ٽامي جي تختيءَ تي جنگ دوران شهيد ٿيندڙ 18 صحافين جا نالا (ڪوريائي ۽ انگريزيءَ ۾)، سندن ادارا ۽ تاريخِ وفات ترتيب وار لکيل هئا

مون ڪڏهن به پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي ڪجهه ناهي لکيو.
جيڪڏهن اهي مون کي ڏسن ها، ته ڇا اهي مون کان نه پڇن ها؟
”تون ڇا داءُ تي لڳائي لکي رهيو آهين؟“
ليکڪ: هوانگ گن
ذري گھٽ هڪ مهينو اڳ، مون يونگسان وار ميموريل جي ‘يو اين هال’ ۾ انهن پرڏيھي جنگي صحافين جا نالا ڏٺا هئا، جيڪي ڪوريائي جنگ دوران مارجي ويا هئا. انهن جو تعداد 18 هو.
جڏهن مون اها ڳالهه پنهنجي همعصر هڪ سرگرم صحافيءَ کي ٻڌائي، ته هن مون کي ٻڌايو ته ‘پاجو پيس پارڪ’ (Paju Peace Park) ۾ ”ڪوريائي جنگ جي شهيد جنگي صحافين جو يادگار“ موجود آهي، جتي هر سال ورسي ملهائي ويندي آهي.

جنگي صحافي اهي ’شاهد‘ هوندا آهن جيڪي هٿيارن جي بجاءِ نوٽ بڪ ۽ ڪيمرا کڻي جنگ جي ميدان کي رڪارڊ ڪندا آهن. فوجي ڊاڪٽرن يا طبي عملي وانگر، اهي غير جنگي عملو هوندا آهن، پر پوءِ به اهي سڌي طرح گولاباري ۽ محاذ جي تباهيءَ واري صورتحال جي ور چڙهي ويندا آهن. ان ڪري مان اھو ھنڌ ڏسڻ لاءِ ويس.
فوجي حدبنديءَ واري سرحد (DMZ) جي ويجهو واقع پاجو پيس پارڪ ۾ ‘گيما پليٽو گوريلا’ ۽ ‘سونگاڪسان جي 10 بهادر سپاهين’ جا يادگار هئا. انهن جي وچ ۾، جنگي صحافين جو يادگار، جيڪو هڪ ويڙهيل ڪاغذ ۽ هٿ ۾ قلم جھليل شڪل ۾ هو، هڪ ئي نظر ۾ ڌيان ڇڪائي رهيو ھو.

يادگار جي سامهون لڳل ٽامي جي تختيءَ تي جنگ دوران شهيد ٿيندڙ 18 صحافين جا نالا (ڪوريائي ۽ انگريزيءَ ۾)، سندن ادارا ۽ تاريخِ وفات ترتيب وار لکيل هئا. ايستائين جو موت کي به هڪ رڪارڊ جي ترتيب ۾ رکيو ويو هو. اهو واقعي صحافين جي شان جي مطابق هو.
انهن ۾ آمريڪا جا 10، برطانيه جا 4، فرانس جا 2، ڪوريا جو 1 ۽ فلپائن سان تعلق رکندڙ يو اين جو 1 انفارميشن آفيسر شامل هو. انهن مان اڪثريت جنگ شروع ٿيڻ جي پهرين ٽن مھينن اندر فوت ٿي وئي هئي. 27 جولاءِ 1950ع تي هڪ ئي ڏينھن تي چار صحافي، ۽ 7 سيپٽمبر تي ٽي صحافي شھيد ٿيا. اهو اهو وقت هو جڏهن جنگ جو محاذ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هو.
صحافتي ادارن جي لحاظ کان، آمريڪي International News Service INS، جيڪو هاڻي UPI آهي، جا چار ۽ فرانس جي AFP جا ٻه رپورٽر هئا.
يادگار تي لکيل عبارت ڪجھ هن طرح هئي:
”هيءَ اها جڳهه آهي جتي رپورٽنگ جي عزت ۽ فتح سمايل آهي… جيتوڻيڪ مَسُ (Ink) سُڪي وئي آهي، پر صحافيءَ جو روح اڄ به زنده ۽ توانو آهي. (Their pens have now run dry, but their righteous spirit will live forever.) سندن اها عظيم قرباني انصاف جي واٽ کي روشن رکندي.“
مون ڪڏهن به پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي ڪجهه ناهي لکيو.
جيڪڏهن اهي مون کي ڏسن ها، ته ڇا اهي مون کان نه پڇن ها؟
”تون ڇا داءُ تي لڳائي لکي رهيو آهين؟“
ٽڪريءَ تان هيٺ لهندي مون هڪ ڀيرو ٻيهر مُڙي پوئتي ڏٺو. 1977ع ۾ يادگار جي تعمير وقت لڳايل صنوبر جا وڻ هاڻي وڏا ٿي ويا هئا ۽ يادگار کي ٿورو ڍڪي رهيا هئا، پر قلم جهليل اهو هٿ اڃا به صاف ظاهر هو.
بندوقن کي ڪَٽُ لڳي سگهي ٿي، پر قلم پنهنجي ياد پويان ڇڏي وڃي ٿو.
جنگ ختم ٿي چڪي آهي، پر رڪارڊ (تاريخ) اڃا ختم ناهي ٿيو.
________________
ھيءُ ليک ڪوريائي خبر ايجنسي The AsiaN کنيو ويو آھي



