سنڌين جي پُراڻي پِيڙھيءَ جو جيءُ سنڌ کان پري ھوندي به ساھتي پرڳڻي سان جُڙيل ھو
ھُنن انڊيا جي مختلف شھرن ۾ ساھتي پئنچائتون قائم ڪري پنھنجي ٻولي ۽ ڪلچر کي زندھ رکڻ سان گڏ سماجي سرگرميون جاري رکيون پر ھاڻي ساھتي پئنچائتون آخري پساھن ۾ آھن
”پُراڻي پيڙھي پرلوڪ پڌاريندي وئي ۽ نئين پيڙھيءَ کي ڪابہ دلچسپي ڪانھي. پنج ورھين کانپوءِ شايد پُڇندا تہ اِھا ساھتي ڪھڙي شئي آھي؟“ ممبئي ساھتي پئنچائت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ صدر دُوارڪي کلناڻيءَ جون ڳالھيون
نصير اعجاز
ٻياسي ورھين جي سائين دُوارڪي کلناڻيءَ سان 2019 کان نيازمندي آھي. ٽيڪنالاجيءَ ھٿرادُو سرحدن کي ميساري ڇڏيو آھي ۽ انھيءَ جو فائدو وٺندي مان انڊيا جي مختلف شھرن ۾ آباد سنڌ جي ساھتي پرڳڻي ۽ خاص طور پنھنجي جنم ڀُومي ڀريا جي پُراڻن واسين کي ڳولي ساڻن دُعا سلام رکندو آيو آھيان. سائين دُوارڪو کلناڻي بہ ڀرين جو ھو ۽ اڃان ننڍڙو ئي ھو تہ ورھاڱي سندس مِٽ مائٽن کي بہ پنھنجا اَباڻا پَٽ ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو. سندس عمر ننڍي ھئي پر ھُو اڄ بہ ڀرين کي ياد ڪري ٿو. مان جڏھن بہ ڪو اھڙو ليک ساڻس ونڊيندو آھيان جنھن ۾ ڀرين جو ذڪر ھوندو آھي، تہ جواب ۾ لکندو آھي: ننڍپڻ جون يادون وري تازيون ٿي ويون. ڄڻ تہ ڀرين کي ھاڻي ھاڻي ڇڏي آيا آھيون.

پر مان اندازو ڪندو آھيان تہ ڀرين کي ياد ڪندي سندس اکيون آليون ٿي وينديون ھونديون. مان ساڻس نيازمندي ٿيڻ کان وٺي وقت بوقت نہ رُڳو ڀرين ۾ سندس ننڍپڻ وارن ڏينھن بابت پر لڏپلاڻ کانپوءِ انڊيا ۾ سندن حياتيءَ حوالي سان پيو سوال ڪندو رھيو آھيان. سندس ٻُڌايل ڳالھين تي مان ساھتيءَ لاءِ اُتان جي سنڌين جي اُڪير جو احساس ڪري پاڻ بہ جذباتي ٿي ويندو ھيس.
پنھنجي جنم ڀُوميءَ سان لڳاءَ جو اندازو انھيءَ مان ڪري سگھجي ٿو تہ دُوارڪو ولد ٽوپڻداس کلناڻيءَ جو جنم ڀريا ۾ 11 نومبر 1943 تي ٿيو ھو ۽ اڃان چئن ورھين جو ھو ته سندس مائٽن کي لڏڻو پيوپر تڏھن به سندس جيءُ ڀريا ۽ ساھتيءَ سان جُڙيل آھي.
ورھاڱي لکين سنڌين کي ڌرم جي آڌار غيرمحفوظ ھجڻ جو احساس ڏياري اباڻا پَٽ ڇڏي، وطن کان پري رھڻ تي مجبور ته ڪري ڇڏيو، پر سنڌ ۾ جِن جِن علائقن ۾، شھرن ۽ وستين واھڻن ۾ سندن جنم ٿيو ھو، جتي سندن اَورون پوريل ھيون، تِن کي ھنن ڪين وساريو. ھُو جتي به ويا اُتي پنھنجي بقا خاطر مقامي ماحول ۾ ته جذب ٿي ويا پر پوءِ به پنھنجي اباڻن شھرن کي ياد ڪري انھن جي نالي پُٺيان پئنچائتون ٺاھي پاڻ کي سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي حياتي گھارڻ لڳا. سندن اھڙيون پئنچائتون ھندستان جي اڪثر شھرن ۾ قائم ھيون. وقت گذرڻ سان گڏ جيئن جيئن اُن زماني جا بُزرگ ھن فاني جھان مان بہ لڏيندا ويا، تيئن تيئن اُھي پئنچائتون بہ ويون ٿڌيون ٿينديون. سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي وستين واھڻن ۾ جنم وٺندڙن ته ساھتيءَ سان سندن روح جا رشتا ھجڻ ڪري ھندستان جي ڪيترن ئي شھرن ۾ ساھتي پئچائتن جو بنياد وجھي پاڻ کي ھڪ لَڙيءَ ۾ پوئي ڇڏيوھو.

ھندستان جي ستيتاليھه شھرن ۾ ساھتي پئنچائتون قائم ھيون. رُڳو ممبئيءَ ۾ ئي ساھتي پئنچائت جا 952 ميمبر ھئا. دُوارڪي کلناڻيءَ انھن ميمبرن جي مڪمل لسٽ بہ مونکي ڏني ھئي. انھيءَ وقت يعني 2019 ۾ ھُو ساھتي پئنچائت ممبئيءَ جو اعزازي سيڪريٽري جنرل ھو ۽ ساھتي پئنچائت کي قائم ٿئي پنجاھه ورھيه پُورا ٿيڻ تي 12 مئي تي باندره ممبئيءَ جي ايم ايم ڪي ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس ۾ ان جو گولڊن جُوبلي جشن (1969 کان 2019) به ملھايو ويو ھو. ان موقعي تي پئنچائت جي ميمبرن جي ڊائريڪٽري به جاري ڪئي وئي جڏھن ته ان کان اڳ 10 اپريل تي گولڊن جوبلي سووينئر پڌرو ڪيو ويو ھو.
گذريل ڪجھ عرصي کان سائين دُوارڪو بيمار رھڻ لڳوھو۽ ممبئيءَ مان ھيراننداڻي اسٽيٽ ٿاڻي منتقل ٿي ويو آھي جيڪا پئنچائت جي آفيس کان ٽيويھ ڪلوميٽر پري آھي. مون ساڻس تازو وري رابطو ڪري پُڇيو تہ ڀلا پئنچائت جا ڪھڙا حال آھن. ڏاڍي ڏک ۾ چيائين، ”گذريل پنج سالن ۾ پئنچائت جي ڪا بہ سرگرمي ڪانہ ٿي آھي. وڏيون تبديليون اچي ويون آھن. چئن سالن کان تہ پئنچائت جي آفيس ئي ذري گھٽ بند پئي آھي.“
”سال 2020 ۾ شِري جيرام ايسراڻيءَ جي لاڏاڻي سبب مون پئنچائت جي صدر ۽ مئنيجنگ ٽرسٽيءَ جون ذميواريون سنڀاليون، پر مان بہ عمر چڙھڻ سبب بيمار رھڻ لڳس. جيرام ايسراڻيءَ جو فرزند ڊنيش ايسراڻي پئنچائت جو سيڪريٽري جنرل آھي. شُگر وڌڻ سبب منھنجي ساڄي ڄنگھ جون نَسون مُتاثر ٿيون آھن ۽ چڱيءَ طرح ھلي بہ نٿو سگھان. منھنجي صحت جي خرابيءَ سبب ٻيو ڪو ماڻھو بہ سرگرم ڪونھي. ڊنيش ايسراڻي مھيني ۾ ھڪ ٻہ ڀيرا آفيس جو چڪر ھڻندو آھي. پئنچائت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ مون پنھنجون ذميواريون وِجي ڪيولراماڻيءَ حوالي ڪيون جيڪو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آھي، پر وٽس بہ وقت ڪونھي.“
نھايت ڏک وچان ھُن چيو، ”پُراڻي پيڙھي ختم ٿي وئي آھي. نئين پيڙھي پئنچائت لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪانھي. مون پنھنجي پاران گھڻي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رھيس. پئنچائت جو ڪوبہ عھديدار ڪنھن سرگرميءَ لاءِ تيار ڪونھي. اِھا صورتحال رُڳو ممبئي واري پئنچائت سان نہ پر نوي سيڪڙو ٻين پئنچائتن سان بہ آھي. پنج سالن کانپوءِ تہ شايد ڪي ماڻھو پُڇندا تہ ساھتي آھي ڪھڙي شئي؟ ممبئيءَ ۾ زندگي مشيني بڻجي وئي آھي. ھرڪو سماجي ڪمن بدران پئسو ڪمائڻ ۾ رُڌل آھي. مونکي تہ اھي حقيقتون بيان ڪندي بہ تڪليف محسوس ٿي رھي آھي.“
منھنجي پُڇڻ تي سائين دُوارڪي چيو تہ ھاڻي شايد ڀوپال، اُديپور ۽ ڀِلواڙا ۾ ساھتي پئنچائتن جون ڪي ٿوريون گھڻيون سرگرميون آھن.
مونکي 2019 ۾ ساڻس ٿيل ڪچھريءَ جون ڪي ڳالھيون ياد آيون. ھُن تھن بہ اھڙي ڳڻتي ڏيکاريندي چيو ھو، ”ساھتيءَ جا جھونا ماڻھو ھوريان ھوريان پرلوڪ پڌاري رھيا آھن ۽ نئين نسل کي ھندستان جي نئين ماحول ۾ پلجڻ ڪري سنڌ ۽ خاص طور ساھتيءَ بابت نه ايتري ڄاڻ آھي ۽ نه دلچسپي. ممبئيءَ ۾ رِي ڊيولپمينٽ رٿائن جي ڪري ڪيترن ئي سنڌين کي مختلف علائقن ۽ شھرن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري مسواڙي جاين ۾ رھڻو پيو آھي، جنھن سان به ساڻن رابطا گھٽجي ويا آھن.“
ھُن توڙي ٻين پئنچائتي اڳواڻن اھڙي ڳڻتي گولڊن جوبلي جشن ۾ به ظاھر ڪئي ھئي ۽ سندن چوڻ ھو ته ھر سال پندرھن ويھه ميمبر گھٽجي رھيا آھن. نئين نسل کي ته رُڳو آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ڏانھن وڃڻ ۾ دلچسپي آھي.
ساھتي پئنچائت جي ميمبرشپ وڌائڻ ۽ نئين نسل کي ساھتيءَ سان سلھاڙڻ لاءِ پئنچائت جي انھيءَ وقت جي صدر شِري جيرام ايسراڻيءَ جشن ۾ ڳالھائيندي رِٿ ڏني ھئي ته ساھتيءَ جا جھونا ماڻھو پنھنجي ٻارن ٻچن کي به پئنچائت جو ميمبر ٺاھين. ”اسان ان رِٿ تي عمل ڪنداسين. ان ڏس ۾ ساھتيءَ جي جھونن سنڌين کي ھمٿائڻ ۽ نئين نسل ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ گولڊن جوبلي جشن ۾ رُوپچند پارياڻي، مشھور اديب سُندر گُرسھاڻي ۽ ٻين اھڙن ساھتيءَ وارن کي شالُون ۽ شيلڊون ڏنيون ويون جن حياتيءَ جا پنجھتر ورھيه پورا ڪيا آھن“، دُوارڪي کلناڻيءَ ٻڌايو ھو.
”پُراڻي نسل مان سٺ سيڪڙو ماڻھو ديھانت ڪري چُڪا آھن ۽ نئين نسل کي گھڻي دلچسپي ڪانھي. پئنچائت کي برقرار رکڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئجي رھي آھي، پر لڳي ٿو ته ايندڙ ڏھن ورھين ۾ اِھا ختم ٿي ويندي. اسان ته ممبئيءَ ۾ پئنچائت جي آفيس کي به ڊاھي نئين سِر اڏاوت جو سوچي رھيا آھيون ڇو ته اھا عمارت به پنجاھه سالن کان وڌيڪ پُراڻي آھي“، ھن مستقبل جي رٿا بابت ٻڌايو ھو.
”پئنچائتن ۾ نئون روح ڦُوڪڻ لاءِ اسان جي اڳوڻي صدر شِري پُورڻ ڄيٺواڻيءَ ھندستان جي مختلف شھرن ۾ قائم ساھتي پئنچائتن جي فيڊريشن به ٺاھي پر اُھا نه ھلي سگھي ۽ گذريل سال يعني 2018 ۾ شِري ڄيٺواڻي به ديھانت ڪري ويو. ھڪ ٻيو مسئلو ھيءُ به آھي ته سنڌين ساھتيءَ بدران شھرن جي نالن پُٺيان پئنچائتون ٺاھڻ شروع ڪيون جنھن جو مثال سکر پئنچائت ۽ اھڙن نالن واريون ٻيون تنظيمون آھن“، ھُن ٻڌايو ھو ۽ مان سندس اھي ڳالھيون ياد ڪري سوچيان ٿو تہ سندن ڳڻتي ۽ انديشا واقعي صحيح ثابت ٿيا.
مون کي سندن ڏنل ممبئي ساھتي پئنچائت جي ڊائريڪٽريءَ تي نظر وجھڻ سان اندازو ٿيو ھو ته ان ۾ انھيءَ وقت به ڏيڍ ٻه سئو ميمبر اھڙا ھئا جن جو جنم ساھتيءَ جي شھرن ۽ وستين واھڻن ۾ ٿيو ھو، جيڪي ساھتيءَ سان جِيءُ جوڙي پئنچائت کي زنده رکيو ويٺا ھئا. اھڙن سنڌين ۾ ڪي ڀريا جا ھئا جن ۾ جيرام اڳناڻي، ڊي ايم ڀنڀاڻي، ھري پِي ڀنڀاڻي، ايڇ جِي ڪيولراماڻي، شريمتي جِيوتي ڪيولراماڻي، ڪي جَي ڪيولراماڻي، شيام ڪيولراماڻي، شريمتي ايشوري ڪيولراماڻي، اشوڪ ٽِي کلناڻي، تُلسي کلناڻي ۽ ڪجھه ممتاڻي خاندان جا ماڻھو شامل ھئا.

”دُبئي ۽ ھانگ ڪانگ ۾ رھندڙ سنڌين به پئنچائتن ذريعي سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جام ڪوششون ورتيون، پر اھي ڪوششون اڃان وڌيڪ ڪامياب تڏھن ٿي سگھنديون جڏھن ھندستان ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سُڌرندا ۽ ويزا جاري ٿيڻ تي سختيون ختم ٿيڻ سان ٻنھي ملڪن جي سنڌين جو ھڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ وڌندو، نه ته سنڌ کان ٻاھرسنڌي ٻولي ۽ ڪلچر ھوريان ھوريان ختم ٿي ويندا“، دُوارڪي کلناڻيءَ خيال ڏيکاريو ھو.
سائين دُوارڪي کلناڻيءَ کان ڀرين ۾ سندن خاندان بابت پُڇيو ھيم. دُوارڪو کلناڻي، ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جي ڪُٽنب مان ڪونھي. ”اسان ڀڳت واڌورام جي ڪُٽنب مان آھيون. منھنجو ڏاڏو تُلجارام فتحچند کلناڻي ۽ ڀڳت واڌورام جو والد جھمٽ مل پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ھئا ـ سندن اوطاق ڀريا ۾ ڪيولراماڻين جي اوطاق سامھون ھوندي ھئي. شِري سوڀراج ۽ شِري تلجارام پاڻ ۾ ڀائر ھئا ۽ جيئن ته وڏي ڀاءُ سوڀراج کي اولاد ڪونه ھو، تنھنڪري شِري تلجارام، جنھن کي ٻه پُٽ ۽ ٻه ڌيئر ھيون، پنھنجو وڏو پُٽ منگھارام پنھنجي ڀاءُ سوڀراج کي ڏنو ھو. ننڍي پُٽس جو نالو ھو ٽوپڻداس، جيڪو اسان جو والد ھو. بابا مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ آبدار طور نوڪري شروع ڪئي ۽ موري ۾ پوسٽنگ ھيس جڏھن ته چاچو منگھارام پھرين ڀريا ۾ ٽيچر ھو پر پوءِ ڪراچيءَ لڏي ويو جتي برنس روڊ تي سندس گيھه جو ڊيپو ھوندو ھو. منگھارام انگريزن جي فوج کي خالص گيھه سپلاءِ ڪندو ھو“، ھُن پنھنجي خاندان جو حال احوال ڏنو ـ
ورھاڱي سبب لڏپلاڻ ٿي ته منگھارام بڙوده، گجرات جي مھاراجا فتح سنگھ گائڪواد وٽ ڪجھه وقت نوڪري ڪئي جنھن کيس 51 ايڪڙ زمين ڏني جڏھن ته دُوارڪو کلناڻيءَ جي والد سرڪاري نوڪري ورتي ۽ انڊين گورنمينٽ جي ٽيڪسٽائيل ڪمشنر جي آفيس ۾ آفيسر ٿيو. دُوارڪي کلناڻيءَ جون پُڦيون ۽ ٻيا مائٽ به ممبئيءَ ۾ رھن ٿا. ”منھنجا چار ٻيا ڀائر به آھن. وڏو ڀاءُ ھيمن سينٽرل پبلڪ ورڪس کاتي مان رٽائر ٿيو ۽ ان کان ننڍو ڀاءُ ڪِشن امپورٽ ايڪسپورٽ کاتي مان رٽائر ٿيو. مان رِزروِ بئنڪ آف انڊيا مان ۽ ٻن ننڍن ڀائرن مان ھيرو بمبئي ميونسيپل ڪارپوريشن مان ايگزيڪيوٽِو انجنيئر جي عھدي تان رٽائر ٿيو۽ سڀ کان ننڍو ڀاءُ پرڪاش واپار ڪندو ھو پر ھاڻ اھو به رٽائر آھي.“
دُوارڪي کلناڻيءَ جو ھڪ سئوٽ اِيشور گيھي مل کلناڻي به ممبئيءَ ۾ آباد آھي جتي ڪَي جَي کلناڻي ھاءِ اسڪول جي نالي سان سندس ست اسڪول ھلي رھيا آھن. ”ديوان ڪوڙي مل جي خاندان مان راج پريم کلناڻي به ممبئيءَ ۾ رھي ٿو جيڪو مھاراشٽرا پوليس ممبئيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل جي عھدي تان رٽائر ٿيو آھي“، دُوارڪي کلناڻيءَ ٻڌايو.
”ورھاڱي سبب دربدر ٿي سنڌي گھراڻا ھڪٻئي کان وڇڙي ھندستان جي مختلف علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. ڪنھن کي ڪا سُڌ ڪانه ھئي ته ڪير ڪٿي آھي. شروع وارن ورھين ۾ ته بس پنھنجي جياپي ۽ ڪٿي آباد ٿيڻ جي جاکوڙ ھئي“، ھن ورھاڱي جو ڏنل درد ونڊيندي ٻڌايو.ھو
دُوارڪو کلناڻي ممبئيءَ ۾ بي اي آنرس (اڪنامڪس) ۽ ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ رِزروِ بئنڪ آف انڊيا ۾ نوڪريءَ سان وڃي لڳو ھو. تعليم دوران به سماجي ڪمن ۾ دلچسپيءَ سبب ھُو ڪاليج ۾ سوشل سيڪريٽري، اسپورٽس سيڪريٽري ۽ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽريءَ جي عھدن تي رھيو پر نوڪريءَ دوران رِزروِ بئنڪ توڙي ٻين بئنڪن ۽ مالياتي ادارن ۾ سنڌي ملازمن ۽ آفيسرن جي ھڪ وڏي تنظيم ”رِزروِ بئنڪ سنڌي سڀا“ جو صدر به ٿي رھيو. پنھنجي ٽيٽيھه ورھين جي نوڪريءَ ۾ دُوارڪو کلناڻي نه رُڳو بئنڪ جي زرعي قرضن ۽ پرڏيھي ناڻي وارن شعبن ۾ اھم عھدن تي رھيو ۽ سڄي ھندستان ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ برانچن جي انسپيڪشن ڪندو رھيو پر نان ريزيڊنٽ انڊينس لاءِ ڪيترائي ڪتاب به لکيائين جن مان ڪن ڪتابن جا پنجٽيھن کان وڌيڪ ايڊيشن ڇپجي چُڪا آھن. ھُو ممبئي اسٽاڪ ايڪسچينج انسٽيٽيوٽ ۽ ٻين ادارن ۾ نه رُڳو ٽريننگ ورڪشاپ ڪرائيندو رھيو آھي پر ڪجھه ڪمپنين ۾ نان ايگزيڪيوٽِو ڊائريڪٽر ۽ امرائو اسپتال ۽ ميڊيڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ مھاراشٽرا جي گورننگ ڪائونسل جو ميمبر بهرھيو.
___________
نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ The AsiaN جو ايڊيٽر آھي
Hay Loko wari aa