Editor's pickMain Slideانٽرويوڏکڻ ايشيا

سنڌ ڄائي رِينو کلناڻيءَ جو ڪلاڪارا کان ماھرِ تعليم تائين زندگيءَ جو سفر

ميڊم رينوءَ ڪراچيءَ جي خوشحال ڀاڳناڻي گھراڻي جي ايسرداس شامداس سپرُو جي گھر 1938 ۾ سازن، سُرن ۽ سنگيت جي آلاپن ۾ جنم ورتو

نَوَ سالن جي ٻاراڻي وھيءَ ۾ ڪراچي ريڊيو جي ٻارن جي پروگرامن ۾ بيبي نرملا جي نالي سان سُر وکيرڻ شروع ڪيائين پر ورھاڱي کان سال ڏيڍ پوءِ مائٽن سان گڏ بمبئيءَ ڏانھن لڏپلاڻ ڪرڻي پيس

کيس بمبئيءَ ۾ سنڌي فلمن ۾ ڳائڻ جا ڪانٽريڪٽ مليا. ھُن ھڪ فلم”سسئي پنھون“۾ ان وقت جي مشھور ڪلاڪار طلعت محمود سان ٻه گانا ڳايا

ھُوءَ راءِ بھادر ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جي پوٽي اشوڪ منوھر داس کلناڻيءَ کي پنھنجو جِيون ساٿي چونڊي رينو کلناڻي بڻجي سڄي حياتي علم جي خدمت ۾ لڳي وئي

سيپٽمبر 2019 ۾ فون تي ورتل انٽرويو

نصير اعجاز

ھُوءَ پھريائين ڪَلاکيتر ۾ بَيبي نِرملا جي نالي سان نروار ٿي، پوءِ کيس نرملا سپرُو جي نالي سان ڄاتو ويو ۽ تيرھن ورھين تائين سُر سنگيت جي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ مڃائڻ کانپوءِ راءِ بھادر ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جي پوٽي اشوڪ منوھر داس کلناڻيءَ کي پنھنجو جِيون ساٿي چونڊي رينو کلناڻي بڻجي سڄي حياتي علم جي خدمت ۾ لڳي وئي.

ميڊم رينوءَ ڪراچيءَ جي خوشحال ڀاڳناڻي گھراڻي جي ايسرداس شامداس سپرُو جي گھر ۾ ٽين ڊسمبر 1938 تي سازن، سُرن ۽ سنگيت جي آلاپن ۾ جنم ورتو، نَوَ سالن جي ٻاراڻي وھيءَ ۾ ئي ڪراچي ريڊيو جي ٻارن جي پروگرامن ۾ بيبي نرملا جي نالي سان سُر وکيرڻ شروع ڪيا ۽ جڏھن ورھاڱي کان سال ڏيڍ پوءِ مائٽن سان گڏ ڏھه ورھين جي ڄمار ۾ کيس پنھنجا مال ملڪيتون ڇڏي بمبئيءَ ڏانھن لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ته اُتي به ھُن سُر ۽ سنگيت جو ساٿ نه ڇڏيو.    

رينو ٻاويھ سالن جي عمر ۾ آمريڪا روانگيءَ کان اڳ

”بابا ايسرداس پنھنجي برادريءَ جي مُکي شامداس سپرُوءَ جو فرزند ھو. مون سنگيت جي بنيادي سکيا پنھنجي والد کان ورتي جيڪو موسيقار ھو ۽ سِتار ۽ ھارمونيم وڄائيندو ھو،“ رينو کلناڻيءَ لاس اينجلس، آمريڪا مان ٽيليفون تي ٻڌايو. ساڻس منھنجو رابطو ڪئليفورنيا ۾ رھندڙ پرڪاش کلناڻيءَ معرفت ٿيو ھو، جيڪو پاڻ ديوان ڪوڙيمل چندن مل جي ھڪ سئوٽ جي خاندان مان آھي ۽ انڊيا ۾ بينڪ جي نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ چئن ورھين کان آمريڪا ۾ رھي ٿو.

”مان ننڍپڻ کان ميڊم نورجھان جا گانا جھونگاريندي رھندي ھيس ۽ جڏھن ڪراچيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان قائم ٿيو ته اُتي ٻارن جي پروگرام ۾ به نورجھان جا گانا ڳايم،“ھن ننڍپڻ جون ساروڻيون ونڊيندي ٻڌايو. نورجھان جا ڳايل گانا ”وو چل ديئي تسلي ديئي بغير“، ”مين تُم ڪو ڍونڍتِي ھون، تُم مجھه ڪو پُڪارو“، ”بچپن ڪي يادگارو“ ۽ ڪي ٻيا گانا کيس ڏاڍا وڻندا ھئا.

رينو کلناڻيءَ ٻڌايو ته سندس والد نه رُڳو پاڻ کيس سنگيت جي سکيا ڏني پر بعد ۾ ڪجھه ٻين پنڊتن جي شاگرديءَ ۾ به آندو ۽ جڏھن بمبئيءَ ڏانھن لڏڻ ٿين ته اُتي پروفيسر رام پنجواڻيءَ کان به سکڻ جو موقعو مليس. ”پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي ئي چوڻ تي مون بيبي نرملا مان نرملا سپرُو سڏائڻ شروع ڪيو ھو.“

ڪراچيءَ ۾ گھاريل وقت جون ساروڻيون ٻڌائيندي رينو کلناڻيءَ چيو:”اُتي مان ھڪ خانگي فينسي اسڪول ۾ پڙھندي ھيس. اسان جو گھر صدر جي علائقي ۾ ھيو جتي اسان جون ملڪيتون ھيون. ڀاڳناڻي برادري خوشحال ھئي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندن شراب جا دُڪان ھئا. ڏاڏو شامداس ڪراچيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو ۽ جلد ئي اسان جي ملڪيتن تي به قبضا ٿي ويا.“ اھو ذڪر ڪندي ھن ٻڌايو ته تازو ممبئيءَ ۾ سندس پُڦيءَ جي وفات کانپوءِ ميونسپلٽيءَ وارن سندن ملڪيت به قانوني طور پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي.

رينو ۽ اشوڪ پنھنجي ٻار سان

”بندر روڊ تي جنھن عمارت ۾ ريڊيو پاڪستان قائم ٿيو، اُھا اسان جي گھر جي ويجھو ھئي. مون کي اڄ به بندر روڊ ياد آھي جتي خشڪ ميوي ۽ سوپارين جا کوڙ دُڪان ھوندا ھئا،“ ھن ٻڌايو.کيس ورھاڱي جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل فساد به ياد آھن. ”مون گھر جي بالڪنيءَ مان اھي فساد ڏٺا. اسان اُتي ٽي چار ماڙ عمارت ۾ رھيل ھئاسين. انھن فسادن کانپوءِ اسان 1948 جي پڇاڙيءَ ڌاري بمبئيءَ لڏي وياسين.“

”بمبئيءَ ۾ مان تمام گھڻو مشھور ٿيس. ھر ھنڌ ڳائيندي ھيس. اسڪول جي فنڪشنن ۽ ڊرامن ۾ به ڳائيندي ھيس. اُتي مان سنڌ ماڊل اسڪول ۾ پڙھيس جتي ڌرمداس اسان جو ھيڊماستر ھوندو ھو. بابا منھنجو گُرو ھو ۽ سدائين ساٿ ڏنائين. اسٽيج ھجي، ريڊيو ھجي يا فلم اسٽوڊيو، بابا مون سان گڏ ھوندو ھو،“ ھن ٻڌايو.

ميڊم رينوءَ ٻڌايو ته آل انڊيا ريڊيو تي ٻارن جي پروگرام ”جنتر منتر“ ۾ به ھن حصو ورتو ۽ ٻارھن ورھين تائين ھر مھيني ھڪ ڀيرو ان پروگرام ۾ وڃي ڳائيندي رھي. انھيءَ وچ ۾ کيس رڪارڊنگ ڪمپنيءَ جا گانا به ڳائڻ لاءِ مليا. ”مان غزل، سنڌي ڪلاسيڪل گيت، ھير رانجھا، مومل راڻو به ڳايا جيڪي ان وقت ھندستان ۾ ٻيو ڪير ڳائي نه سگھندو ھو.“

”اھو ئي زمانو ھو جڏھن مونکي سنڌي فلمن ۾ ڳائڻ جا ڪانٽريڪٽ مليا ۽ مون پھرين ھڪ فلم”سسئي پنھون“۾ ان وقت جي مشھور ڪلاڪار طلعت محمود سان ٻه گانا ڳايا جن مان ھڪ گاني جا سِرائڪي گاڏڙ ٻول ھئا ”پرديسي نال پِريت لڳي“ ۽ ٻيو گانو ھو ”تون ڇو ڇڏي وئين پيار پيارا، رُئن ٿا پل پل منھنجا نيڻ نماڻا“. سال 1959 ۾ ھڪ ٻي سنڌي فلم ”انصاف ڪٿي آھي“ ۾ گانو ”لولي ماءُ لولي“ ڳايم جيڪو ايترو ته مشھور ٿيو جو آڪاشواڻي توڙي ھر ريڊيو تان پيو ھلندو ھو.“

رينو ۽ اشوڪ کلناڻيءَ جو فرزند ڪيٿ کلناڻي

طلعت محمود سان فلم ۾ ڳايل رينو کلناڻيءَ جا گانا يوٽيوب تي به موجود آھن ۽ ”طلعت محمود ۽ نرملا سپرُو سنڌي ڊُئٽ“ لکي ڳولي سگھجن ٿا. 

فلمن ۾ اداڪاريءَ بابت پُڇڻ تي ميڊم رينوءَ چيو:”اداڪاري ڪانه ڪيم. مون ڪلاسيڪل ڊانس سکڻ ٿي گھُري پر اُستادن جھليو ته ان سان منھنجو آواز مُتاثر ٿيندو.“

فبروري 1960 ۾ ميڊم رينوءَ جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي وئي جو ھن ڪلاکيتر کي ڇڏي آمريڪا وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ”ان وقت مان 22 سالن جي ھيس جڏھن آمريڪا وڃي اشوڪ منوھرکلناڻيءَ سان شاديءَ جو فيصلو ڪيم جيڪو انڊيا جي يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي پِٽسبرگ يونيورسٽي، پنسلوانيا مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا آيل ھو. مان بمبئيءَ ۾ تمام گھڻو مشھور ھيس پر منھنجي باقي زندگي آمريڪا ۾ اشوڪ سان لکيل ھئي،“ ماضيءَ جي مشھور ڪلاڪاره پنھنجي ذاتي زندگيءَ جون ساروڻيون ونڊيون.

”مون به آمريڪا ۾ ايڊيوڪيشن ۾ ڊبل ماسٽرس ڪئي ۽ پوءِ ٽيچر طور پنھنجي نئين ڪئريئر جو آغاز ڪيو ۽ لاس اينجلس ۾ ٽيھه ورھيه ھيڊ ٽيچر طور پڙھائڻ بعد رٽائر ٿيس جنھن دوران چار ڀيرا ايوارڊ به مليا. ھاڻي سُڪون سان زندگي گذاري رھي آھيان. اسان ٻئي _ اشوڪ ۽ مان انسان جي اندروني روحاني خوشي ۽ سُڪون ۾ يقين رکون ٿا.“ ميڊم رينوءَ پنھنجو اندر اوريندي اھو به ٻڌايو ته ھاڻي سندس گھڻو وقت غور ويچار ۾ گذري ٿو ۽ ھوءَ حياتيءَ جي مقصد بابت ھڪ ڪتاب به لکي رھي آھي.

ميڊم رينوءَ جو گھروارو اشوڪ کلناڻي، جنھن ڀرين ڄائي مشھور ھستي ديوان ڪوڙيمل چندن مل جي لائق فرزند منوھرداس کلناڻيءَ جي گھر ۾ سکر ۾ مارچ 1931 ۾ جنم ورتو، آمريڪي وزارتِ دفاع ۾ انجنيئر طور خدمتون انجام ڏئي رٽائرمينٽ ورتي جنھن دوران کيس خلائي تحقيقاتي اداري ناسا NASA طرفان ايوارڊ به مليو.    

اشوڪ کلناڻي 1980 واري ڏھاڪي ۾ منھنجي سئوٽ نثار حافظ سان گڏ سنڌ گھمڻ آيو ۽ نه رُڳو ڀريا ۾ ڪي سي اڪئڊمي (ديوان ڪوڙيمل چندن مل جي 1886 ۾ قائم ڪيل اسڪول) جي گيٽ وٽان مٽي پاڻ سان کڻي ويو پر سکر وڃي پنھنجي والد منوھر جي پراڻي گھر جي به ڳولا ڪيائين. پر ميڊم رينوءَ کي وري پنھنجي ديس اچڻ جو موقعو ڪونه مليو.

ٻيھر ڪڏھن ڳائڻ جي سوال تي ميڊم رينوءَ چيو:”سال 1988 ۾ انڊيا ويس ته ممبئيءَ ۾ آڪاشواڻي ريڊيو تي ھندستان جي مشھور موسيقار ۽ ڪلاڪار سِي ايڇ آتما (جيڪو پڻ سنڌي ھو) جي ڀيڻ مون کي پنھنجي سنڌي پروگرام ۾ دعوت ڏئي گھرايو جتي مون ”ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا“ ۽ سمورن ڏوھيڙن سان راڻو به ڳايو ھو. مان اڄ به سنڌي، اردو توڙي ھندي غزل توڙي ھر قسم جا ڪلام ڳائي سگھان ٿي.“ کيس غزل به گھڻو پسند آھن ۽ استاد غلام علي سندس پسنديده غزل سنگر آھي.

سٺ ورھين کان آمريڪا ۾ رھندي به ھُوءَ پنھنجي ٻولي وساري نه سگھي آھي. ”انگريزي اسڪولن ۾ پڙھندي انگريزي ٻولي مونتي حاوي ٿي وئي پر مان سنڌي به لکي پڙھي سگھان ٿي ۽ مونکي ھندي ۽ اردو به اچي ٿي،“ ميڊم رينوءَ چيو ۽ ٻُڌايو ته ھن ۽ سندس گھرواري اشوڪ منھنجو موڪليل ڪتاب ”بھراور کان ڀريا _ تاريخ جو سفر“ ( پي ڊي ايف ڪاپي) کولي گڏجي ويھي پڙھيو آھي.

ميڊم رينو ۽ اشوڪ کلناڻيءَ جي اولاد ۾ ٻه پُٽ آھن. وڏو پُٽ ميامي، فلوريڊا ۾ ٽيچر ۽ اُن جي گھرواري سائڪالاجسٽ آھي ۽ کين به ڌيءَ پُٽ آھن جڏھن ته ننڍو پُٽ ائٽلانٽا ۾ ايمرجنسي فزيشن ۽ سندس گھرواري پي اَي آھي ۽ کين به ٻه ٻار ڌيءَ پُٽ آھن.

(آچر 8 سيپٽمبر 2019 تي ڪاوش اخبار جي ھفتيوار مئگزين ۾ ڇپيل)

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button