Editor's pickMain Slideدنياڏکڻ اوڀر ايشيا

جھُونيون چيني عورتون روزانو ڪلاڪ ڏيڍ ڊانس ڪنديون آھن

جھُونيون چيني مايون پاڻ کي جسماني طور تي فِٽ رکڻ چاھينديون آھن. چينين جي عمرين جو اندازو مشڪل سان لڳائي ٿو سگهجي

 هو سڻڀ، کنڊ وغيره ته کائين ئي ڪونه. اڪثر کاڌا اوٻاري کائين ۽ سُمھن ڀلي ڪيڏي مھل به، پر رات جي ماني ڇھين بجي کائي ڇڏيندا آهن ۽ لنچ ٻارهين بجي ڪندا آهن.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

سترھين آڪٽوبر 2024: رات جيئن ئي Minsheng wharf پڪنڪ پوائنٽ تان موٽندي گهرجي ويجهو پھتاسين، ته مينھن وسڻ لڳو ۽ ٿوري دير کان پوءِ تيز ٿي ويو. ان مھل منھنجي ذهن ۾ ڳالهه آئي ’جي هھڙو مينھن حيدرآباد ۾ وسي ته بجلي موڪل ڪندي دير ئي نه ڪري.‘ پاڪستان ۾ بجلي جي بحران سبب نه رڳو ملڪي معيشيت ۽ ماڻهن جا ڪاروبار تباهه ٿي ويا آهن، پر ماڻهن جي زندگي به عذاب بنجي ويئي آهي. مٿان وري بجلي جا ڳاٽي ڀڳا بل، جن ماڻهن کي ذهني ۽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو آهي.

برسات ڪلاڪ سوا وسندي رهي. ڏينھن جو ڪافي جُھڙ هو. رات ٿوري ٿڌ ٿي، پر ڏينھن جو گرمي محسوس ٿي. وشال ٻڌايو ته نئننگ ۾ اڪثر برسات وسندي رهندي آهي. معمول موجب صبح جو سوير جاڳ ٿي، وشال به سوير اُٿيو، جو کيس سندس هڪ هوٽل جي شيف رضوان جي ويزا وڌرائڻ لاءِ واسطيدار آفيس وڃڻو هو. ان کان اڳ پاڻ چانھه ڪاڙهي وڏو پيالو مون کي ڀري ڏنائين، ٻيو پاڻ پيتائين. ڊبل روٽيون سوير وٺي آيو هو. جيڪي کاڌم، ڏاڍيون لذيذ هيون. پھرين ڏينھن به وٺي آيو ته ٻي ڏينھن مون خاص فرمائش ڪئي مانس ته سڄو اڌ ڊزن وٺي آيو، جيڪي سڀ مون رُکيون ئي چٽ ڪري ڇڏيون.

رات Minshen wharf پڪنڪ پوائنٽ تي وياسين، جيڪا نئننگ مان وهندڙ ندي جي ڪناري تي ٺھيل آهي. نديءَ ۾ بوٽ به هلي رهيا هئا. ماڻهن جي رش گهٽ هئي، جو هتي هر پڪنڪ پوائنٽ تي پنجين بجي کان پوءِ رش گهٽجي ويندي آهي. يا ڪي وري بند ٿي وينديون آهن. اندر گهڙياسين ته مختلف هنڌن تي ڪيتريون ئي مايون ٽولين جي صورت ۾ ايڪو سائونڊ لڳائي موسيقيءَ جي ڌُن تي ڊانس ڪري رهيون هيون. معلوم ٿيو ته اهي سٺ سال يا ان کان وڏي عمر جون آهن. ۽ روزانو هتي اچي ڪلاڪ ڏيڍ ڊانس ڪنديون آهن. جيئن پاڻ کي جسماني طور تي فٽ رکي سگهن. هونئن به چينين جي عمرين جو اندازو مشڪل سان لڳائي ٿو سگهجي، جو هو سڻڀ، کنڊ وغيره ته کائين ئي ڪونه. اڪثر کاڌا اوٻاري کائين ۽ سُمھن ڀلي ڪيڏي مھل به، پر رات جي ماني ڇھين بجي کائي ڇڏيندا آهن ۽ لنچ ٻارهين بجي ڪندا آهن. باقي چٽو ته سڄو ڏينھن پيا ڪندا آهن. ان ڪري سندن صحت سٺي هوندي آهي.

آسپاس وڏيون وڏيون عمارتون هيون جيڪي روشنين سان جڳمڳائي رهيون هيون، بوٽس ۽ پُليون به روشني سان ٻري رهيون هيون. آسپاس ڏاڍا خوبصورت ۽ دل لڀائيندڙ منظر هئا. ڪافي دير اتي وڙڪندا رهيا، پوءِ موٽي آياسين.

اڄ مريم اڳوڻن سڀني ڏينھن جون ڪسرون ڪڍيون ۽ مون کي واهه جو ڊوڙايو، جنھن سبب ٿڪجي پيس. سچي ڳالهه اها آهي ته مريم کان هڪ گهڙي به ڌار ٿيڻ تي دل نه ٿي چوي، سڄو ڏينھن پئي ٽھه ٽھه ڪندي، کلندي ۽ ڊوڙندي آهي.

وشال ٻڌايو ته هڪ سنڌي دوست علي زين جيھجو آهي، جيڪو توسان ملڻ ٿو گهري. تنھنڪري شام جو تيار ٿي وشال جي هوٽل تي پھتس. ڏهن منٽن اندر علي به اچي پھتو، وڏي حُب مان ملياسين ۽ ڪلاڪ سوا ڪچھري ڪندا رهياسين. علي اصل ٽنڊي ڄام جو آهي. وٽرنري ڊاڪٽر آهي ۽ هتي ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي. جيترا به ڏينھن نئننگ ۾ رهيو آهيان، علي پھريون سنڌي آهي، جنھن سان ملاقات ٿي آهي. علي ٻڌايو ته گوانگسي يونيورسٽي ۾ سئو کن پاڪستاني شاگرد آهن، جن مان فقط ٽي سنڌي آهن. هتان جون يونيورسٽيون داخلائون به آسانيءَ سان ڏين ٿيون ته اسڪالرشپ به ڏين ٿيون. مون ۽ وشال ڪوشش ڪئي ته سنڌي ڇوڪرا اچن، پر سنڌي ڇوڪرا ريسپانس گهٽ ٿا ڏين. علي سان ڪلاڪ کن ڪچھري ٿيندي رهي، پوءِ وري ٻيھر ملڻ جو چئي موڪلائي ويو. علي زندهه دل ۽ کلمک همراهه هو.

جڏهن چين آياسين ته ان جي ٻئي ڏينھن وشال چيو ته کشين جي اميءَ فون ڪري چيو آهي ته ابو ۽ اميءَ کي ڳوٺ وٺي اچج. ٽيون ڏينھن چيائين ته: سڀاڻي نه پرينھنءَ کشين جي ماءُ اوهان سان ملڻ جي لاءِ ايندي. علي موڪلائي ويو ته ٿوري ئي دير ۾ وشال ٻڌايو ته کشين جي ماءُ اچي ويئي آهي. اچ ته ساڻس ملون. آءٌ اٿي ٻاهر نڪتس، ڏسان ته هڪ اڇي رنگ جي ڪار بيٺي هئي، جنھن مان هڪ چيني نوجوان ۽ ٽي جهونيون چينياڻيون لھي هيٺ بيٺيون هيون. ٽيئي هڪجھڙيون ۽ جھڙوڪر هم عمر. آءٌ ٿورو مُنجهيس ته هنن مان وشال جي سس ڪھڙي آهي؟ تيسين وشال اچي هڪ جهونيءَ ڏانھن اشارو ڪري مون کي چيو، ”ابو هيءَ کشين جي امي آهي.“ ان جهوني کي چيائين، ”مما… هي منھنجو پپا آهي.“ جنھن تي هن کلي مون سان هٿ ملايو، پوءِ نوجوان ۽ ٻنهي جهونين به کلندي کلندي مون سان هٿ ملايو. وشال ٻڌايو ته هي ٽيئي پاڻ ۾ ڀينرون آهن. هي کشين جون ڪزن ۽ هي ٻيئي ماسيون اٿس. جن به کلندي ۽ ٽھڪ ڏيندي هٿ ملايو. کشين جي ماءَ کي ڪلهي ۾ موبائيل پئي هئي ۽ پاڻ سان تمام گهڻو سامان کڻي آئي هئي، جنھن ۾ ڪُٺل ديسي ڪڪڙيون، بدڪون، اکروٽ، ونگا، مڪئي جا سنگ، سلاد جا پنا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ۽ ان سان گڏ رنگا رنگي رڌيل چانور به. جيڪو سڀ سامان وشال کڻائي اندر رکرايو. کشين جي ماءُ جون ڀيڻيون ٻاهران ئي موڪلائي کلندي هليون ويون. وڃڻ مھل ماسين دعوت ڏني ته سڀاڻي اسان جي گهر اچجو.

______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مضنف آھي. ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button