سنڌي ادب: مُحبتن جو مسيحا (نثري نظم)
شاعر: شڪيل احمد
سنڌ جي شھر محرابپور ۾ رھندڙ شڪيل احمد شاعر، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ مترجم آھي. فوٽوگرافي ۽ مصوري سندس شوق آھي. ھُو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)، ڪارونجهر فائونڊيشن جو چيئرمين ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ محرابپور جو سيڪريٽري بہ اھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ اداس راڳي خاموش ساز (نثري نظم) ، نظمن سان ڀريل ٽرين (نثري نظم) ، مٽيءَ جا ملائڪ (نثري نظم) ۽ هر وک نئين ڌرتي نئون آسمان (ناول) شامل آھن.

مُحبتن جو مسيحا
محبوب حال وانگر هوندو آهي
جيئري هجڻ جو دليل
ماضيءَ جيان پيارو ۽
مستقبل وانگر اسرارن ڀريو
انسان ذات نالي منهنجي بہ هڪ محبوبہ آهي
جيڪا خدا جهڙي حسين
انا جهڙي مغرور ۽ جنگ جهڙي پٿر دماغ آهي
فرشتا توڙي شيطان ان جون پرڇائيون آهن
هڪ پل بہ ان جي خدمت کان غافل رهڻ
مان بيوفائي ٿو سمجهان
سو اي زماني وارئو
زماني جي ڊڄ کان پنهنجون
ناجائز سمجهيون ويندڙ محبتون ماري ڍيرن تي نہ اڇليو
ڪتن ۽ ٻلن جو کاڄ بڻجڻ لاءِ
منهنجي دل جو هندورو هر وقت انهن لاءِ حاضر آهي
ان ۾ وجھي وڃو
جتي بہ لاوارث عشق ڏسو منهنجي حوالي ڪري وڃو
مان محبتن جو مسيح آهيان
پاڻهي انهن کي پالي وڏو ڪندس
منهنجي روح ۾ اگھاڙين دلين جا ولر اڏامندا رهن ٿا.
مون پنهنجا نظم سفير بڻائي
هر ملڪ ڏانهن روانا ڪيا آهن
سياحن جي روپ ۾ منهنجا خيال
عالمي آزاديءَ جي پرچار ڪندي
دنيا جي هر گهٽيءَ ۾ گهمن ڦرن پيا
دنيا کي تباهہ ٿيندي ڏسي بہ
مان پنهنجن عشقن تان هٿ ٿورئي کڻندس
منهنجي مزاحمت ۽ محبت
قيامت جي ڏينهن بہ جاري رهندي
ماڻهوءَ جو مسئلو بُک ٿورئي، ناانصافي آهي
جيڪا اسان کي ختم ڪرڻي پوندي
آدرشي سماج قائم ڪرڻ لاءِ.
____________

شڪيل احمد



