”جهنم خالي آهي ۽ سڀئي شيطان هتي آهن“: شيڪسپيئر انساني نفسيات سمجھائي ٿو
وليم شيڪسپيئر جڏھن لکيو ته، ”جهنم خالي آهي ۽ سڀئي شيطان هتي آهن،“ ته سندس مقصد ڪنهن خيالي دنيا جي سڱن وارن راڪاسن ۽ بلائن جو ذڪر ڪرڻ نه هو. هُو اصل ۾ ان وحشتناڪ سچائيءَ تان پردو کڻي رهيو هو ته دنيا ۾ سڀ کان وڏو زخم ڪو ڌاريو نه، پر اهي ماڻهو ڏيندا آهن جن کي اسان ڪڏهن پنهنجو سڀ کان ويجھو، ڀروسي وارو ۽ پنهنجو ساهه سمجهندا آهيون.

شيڪسپيئر جي ناٽڪ جي اها سِٽ اسان کي خبردار ته ڪري ٿي، پر اسان کي اها ھدايت به ڏئي ٿي ته ڀلي دنيا ”شيطانن“ سان ڀريل هجي، پر اسان کي انهن جهڙو ناهي ٿيڻو. جيڪڏهن دنيا ۾ اونداهي وڌي وئي آهي، ته پوءِ ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪرڻ بدران، اچو ته اسان پاڻ ڪنهن جي اُميد جو سبب بڻجون.
انگريزي ادب جو اڀياس
شيڪسپيئر جي ناٽڪ دي ٽيمپسٽ (The Tempest) جو هڪ جملو ”جهنم خالي آهي ۽ سڀئي شيطان هتي آهن“ گھڻو مشھور آھي. اھو ناٽڪ اصل ۾ انساني لاڳاپن، ڀروسي جي ٽٽڻ ۽ ان کانپوءِ جي روحاني سفر بابت، شيڪسپيئر جو نھايت ئي اھم ادبي ڪم آھي. حقيقت ۾ اھوهڪ انتهائي اونھو، حساس ۽ انساني نفسيات جي عڪاسي ڪندڙ موضوع آهي. انھيءَ ناٽڪ ۾ دٻيل مرڪن ۽ واقف چهرن ۾ لڪل اونداهيءَ کي شيڪسپيئر اھڙي نموني پيش ڪيو آھي جو انساني نفسيات سولائيءَ کي پروڙي سگھجي ٿو.
زندگيءَ جي هڪڙي موڙ تي پهچي جڏهن معصوميت جو پردو اکين تان هٽندو آهي، تڏهن ڪجهه جملا صرف لفظ نه، پر اسان جي پنهنجي روح جو آواز بڻجي ويندا آهن. جڏهن وليم شيڪسپيئر لکيو هو ته، ”جهنم خالي آهي ۽ سڀئي شيطان هتي آهن،“ ته سندس مقصد ڪنهن خيالي دنيا جي سڱن وارن راڪاسن ۽ بلائن جو ذڪر ڪرڻ نه هو. هُو اصل ۾ ان وحشتناڪ سچائيءَ تان پردو کڻي رهيو هو ته دنيا ۾ سڀ کان وڏو زخم ڪو ڌاريو نه، پر اهي عام ماڻهو ڏيندا آهن جن کي اسان ڪڏهن پنهنجو ويجھو، پنهنجو ڀروسي وارو ۽ پنهنجو ساهه سمجهندا آهيون.
اسان ٻالڪپڻ کان ٻڌندا ايندا آهيون ته بُرائي گجگوڙ ڪندي، وڏي واڪي ايندي آهي. پر عمر جي هڪ حصي ۾ رسڻ کانپوءِ اها سڃاڻپ ٿيندي آهي ته بَدِي اڪثر ڪري خاموشيءَ سان، تمام نرميءَ سان پير کوڙيندي آهي. اها ڪنهن اهڙي ڌوڪي جي روپ ۾ اچي ٿي جيڪو توهان کان ٻيهر ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ جي سگهه کسي وٺندو آهي. اها بي رحم خاموشيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي جڏهن توهان کي ڪنهن جي سهاري جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هوندي آهي.
سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها ناهي ته دنيا ۾ اونداهي موجود آهي؛ تڪليف ڏيندڙ حقيقت اها آهي ته اها اونداهي اڪثر ڪري انهن مُھانڊن تي مرڪندي نظر ايندي آهي، جن کي اسان سڀ کان وڌيڪ چاهيندا آهيون.
”انسان کي ڪنهن به جنگ ۾ ايتري سگهه ناهي لڳائڻي پوندي، جيتري پنهنجي ئي اندر جي ان محبت سان وڙهڻ ۾ لڳي ٿي جيڪا هڪ غلط انسان سان ٿي وڃي. “
جڏهن زندگيءَ جا حادثا اسان کي اندر کان ٿورو سخت، ٿورو محتاط بڻائي ڇڏيندا آهن، تڏهن اسان جي اندر هڪ عجيب تبديلي ايندي آهي. اسان سچائي، خلوص ۽ انساني همدرديءَ کي اڃا وڌيڪ شدت سان ڳولڻ شروع ڪندا آهيون. جنهن انسان پنهنجي ويجهو کان روحاني ۽ جذباتي اونداهي ڏٺي هجي، ان لاءِ ڪنهن جي ننڍڙي ۽ سچي نرمي به ڪنهن مقدس معجزي کان گهٽ ناهي هوندي. پوءِ خبر پوندي آهي ته اصل خوبصورتي چهرن ۾ ناهي، پر نيتن جي پاڪائيءَ ۾ هوندي آهي.
درد ۽ تڪليف انسان کي ٻن رستن تي بيهاري ڇڏيندا آهن.
هڪ رستو: جتي ماڻهو انسانيت تان ڀروسو کڻي، پاڻ به ان تلخيءَ جو حصو بڻجي ويندا آهن.
ٻيو رستو: جتي ماڻهو پاڻ ان درد مان گذري، ٻين لاءِ سهارو بڻجندا آهن.
شيڪسپيئر جي اها سٽ اسان کي خبردار ته ڪري ٿي، پر اسان کي اهو اختيار به ڏئي ٿي ته ڀلي دنيا ”شيطانن“ سان ڀريل هجي، پر اسان کي انهن جهڙو ناهي ٿيڻو. ڪجهه ماڻهو تڪليف ملڻ کانپوءِ انسانيت تان ويساهه وڃائي ويهندا آهن، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي پاڻ ڪنھن ڏيئي وانگر ٻرندا آهن، ته جيئن ڪو ٻيو انسان انسانيت تان اعتبار نه وڃائي.
جيڪڏهن دنيا ۾ اونداهي وڌي وئي آهي، ته پوءِ ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪرڻ بدران، اچو ته اسان پاڻ ڪنهن جي اُميد جو سبب بڻجون.
______________
انگريزيءَ تان ترجمو: جيمناءَ
ايڊيٽنگ: نصير اعجاز



