روشنين جو شهر اونداهين جي رحم ڪرم تي: ڪراچيءَ ۾ بجلي جي بحران جو داستان
ڪراچيءَ جو شهري بجلي چورن جي چوري، اشرافيه جي مفت خوري، آءِ پي پيز جي لٽ مار ۽ بين الاقوامي جنگين جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي. جيڪو شهر پوري ملڪ جو معاشي ڦيٿو هلائي ٿو، اڄ ان کي اونداهين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي.

ليکڪ ابراھيم صالح محمد
ڪراچي، جنهن کي سئو سال اڳ کان وٺي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي رونقن، تجارتي سرگرمين ۽ راتين جي اُجالن جي ڪري “روشنين جو شهر” چيو ويندو هو، اڄ بدترين بلدياتي ۽ توانائيءَ جي بحران جو شڪار آهي. هڪ اهڙو شهر جنهن خطي ۾ سڀ کان پهرين بجلي جي بلبن جي چمڪ ان وقت ڏٺي جڏهن آمريڪا جا ڪيئي شهر اونداهيءَ ۾ ٻڏل هئا، اڄ اتان جا شهري 16 کان 18 ڪلاڪن جي ڊگھي لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجليءَ جي عذاب ۾ مبتلا آهن. اھا محض هڪ ٽيڪنيڪي ناڪامي ناهي، بلڪه ان جي پٺيان ڪارپوريٽ نااهلي، رياستي استحصالي نظام، اشرافيه جون مراعات ۽ بين الاقوامي جيو پوليٽڪس جو هڪ ڊگھو داستان لڪل آهي.
ڪراچي ۾ بلدياتي نظام ۽ اسٽريٽ لائيٽس جي تاريخ انتهائي منفرد ۽ شعوري بيداريءَ جي عڪاس آهي. برطانوي راڄ جي ابتدائي دور ۾ ڪراچي جي سڙڪن تي ليمپ پوسٽن کي روشن ڪرڻ لاءِ روايتي نباتاتي (سرنهن وغيره) يا حيوانات جي چرٻيءَ جو تيل استعمال ڪيو ويندو هو. اهي ليمپ مڌم روشني ڏيندا هئا جن کي روزانو بلديہ جا ملازم هٿ سان ٻاريندا ۽ وسائيندا هئا.
جڏهن بلديہ روشنيءَ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پهرين گاسليٽ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ته ان دور جي ڪراچي جي شهرين ان خلاف هڪ تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. شهرين جو چوڻ هو ته گاسليٽ جي ٻرڻ سان پيدا ٿيندڙ تيز بوءِ ۽ دونھون شهر جي ماحول ۽ آبهوا کي زهريلو ڪري رهيو آهي، جنهن سان انساني صحت کي شديد خطرا ٿي سگهن ٿا. اھو احتجاج ان ڳالهه جو ثبوت هو ته ان دور جو ڪراچي شھر معاشي ۽ ماحولياتي طور تي ڪيترو بيدار ۽ حساس هو.

عوام جي انهن خدشن ۽ ٽيڪنالوجي جي جدت جي ڪري، سيپٽمبر 1913ع ۾ ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو بجلي متعارف ڪرائي وئي. ان عظيم مقصد لاءِ برطانوي راڄ تحت “ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني” (KESC) جو بنياد رکيو ويو. ان وقت جي معروف بلدياتي اڳواڻ، سياستدان ۽ جديد ڪراچي جي باني سيٺ هرچندراءِ وشنداس شهر کي جديد نموني ترقي وٺرائڻ لاءِ بجلي آڻڻ ۾ مُکيہ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن 1913ع ۾ ڪراچيءَ جا روڊ رستا بجلي جي بلبن سان چمڪڻ لڳا، ته اھو ھن خطي ۾ هڪ معجزي کان گھٽ نه هو. ان ئي دور ۾ ڪراچيءَ کي پهريون ڀيرو “روشنين جو شهر” ھجڻ جو خطاب مليو. دلچسپ ڳالهه ھيءَ آهي ته ان وقت آمريڪا جي به ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ بجلي ايتري عام نه ٿي هئي جيتري ڪراچي ۾ متعارف ٿي چڪي هئي.
ڪي اي ايس سي (KESC) جي ابتدائي ڪاميابيءَ جو هڪ وڏو راز ھيءُ هو ته ان ۾ ڪراچي جي معزز شهرين، هندو ۽ مسلم اشرافيه ۽ تاجرن سيڙپ ڪئي ھئي. ان دور ۾ ڪمپنيءَ جا شيئرز کليل مارڪيٽ ۾ دستياب هئا ۽ پراڻا خاندان انهن شيئرز کي دور انديشي ۽ فخر جي علامت طور خريد ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته ڪمپني مسلسل منافعو (Dividend) وراهيندي هئي.
ورھاڱي کان پوءِ ڪراچي جي آبادي ۽ بجليءَ جي طلب ۾ اوچتو بي پناھ واڌارو ٿيو. نجي انتظاميا ان تيز رفتار طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ ھڪدم وڏي پئماني تي سيڙپ ڪرڻ کان قاصر هئي. ان صورتحال جو فائدو وٺندي، 1952ع ۾ پاڪستان حڪومت (خواجه ناظم الدين جي دور ۾) ڪارپوريٽ قانون ۽ شيئر هولڊرز جي حقن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. حڪومت نجي شيئر هولڊرز جو ڪو باقاعده ساليانو يا خصوصي اجلاس گھرائڻ بنا ڪمپنيءَ جو انتظامي ڪنٽرول زبردستي پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيو.
حڪومت ڪمپنيءَ جي 58 سيڪڙو کان وڌيڪ اڪثريتي شيئرز تي قبضو ڪري نجي مالڪن ۽ ننڍن سيڙپڪارن کي فيصلن کان بلڪل الڳ ڪري ڇڏيو. سيڙپڪارن سان اھو هڪ وڏو دوکو هو، جنهن کان پوءِ 16 مارچ 1953ع تي ان کي سرڪاري رڪارڊ ۾ ڪمپنيءَ جي جاءِ تي ڪارپوريشن بڻائي “ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن لميٽيڊ” جي نالي سان رجسٽر ڪيو ويو. بعد ۾، 2005ع ۾ حڪومت ان کي ٻيهر نجي شعبي جي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ اڄ ھي ادارو “ڪي اليڪٽرڪ” (K-Electric) جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي.
اڄ ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا تي سنگين الزام آهي ته اها ڪراچي جي پراڻن ۽ ڳتيل آباديءَ وارن علائقن (جھڙوڪ لياري، ملير، ڪياماڙي وغيره) ۾ سياسي ۽ معاشي بنيادن تي بدترين لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي. ڪمپنيءَ “هاءِ لاس ايرياز” (وڌيڪ نقصان وارا علائقا) جي هڪ متنازعه پاليسي اختيار ڪئي آهي. ان پاليسي تحت جنهن علائقي ۾ بجلي چوري (ڪنڍا سسٽم) وڌيڪ ٿئي ٿي يا بلن جي ريڪوري گھٽ ٿئي ٿي، اتي ڪي اليڪٽرڪ پوري علائقي جي بجلي بند ڪري ڇڏيندي آهي.
ھيءُ طريقو سراسر ناانصافي ۽ “اجتماعي سزا” جي برابر آهي. جيڪي معزز خاندان پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ کان وٺي اڄ تائين نسل در نسل ايمانداريءَ سان پنهنجا بل ادا ڪري رهيا آهن، انهن کي به چورن سان گڏ اونداهين ۾ ڌڪيو ويندو آهي. بجلي چوري روڪڻ ۽ چورن کي پڪڙڻ ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا جو ڪم آهي، پر اهي پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ قانون پسند شهرين کي سزا ڏين ٿا.
ان کان به وڌيڪ ظلم ھي آهي ته بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي ڪري ٿيندڙ مالي نقصان جو هڪ وڏو حصو نيپرا (NEPRA) جي منظوريءَ سان “فيول ايڊجسٽمينٽ” ۽ مختلف “سرچارجز” جي صورت ۾ انهن ئي ايماندار واهپيدارن جي بلن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. يعني چوري ڪو ٻيو ڪري ٿو ۽ ان جي قيمت اهي شهري ادا ڪن ٿا جيڪي باقاعدگي سان بل ڀرين ٿا.
پاڪستان ۾ بجلي، گئس جا بل ۽ پيٽرول پمپ هاڻي عام شهرين جي سهولت لاءِ نه، بلڪه حڪومت لاءِ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻجي چڪا آهن. وفاقي ادارو براءِ آمدني (FBR) انڪم ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۾ ناڪاميءَ جو ملبو بجليءَ جي بلن تي وجهي ٿو. هڪ عام واهپيدار جي بل جو تقريباً 40 کان 50 سيڪڙو حصو صرف مختلف ٽيڪسن (جي ايس ٽي، ايڊوانس انڪم ٽيڪس، ٽي وي فيس وغيره) تي مشتمل هوندو آهي.
ان استحصالي نظام جو ٻيو وڏو سبب نجي بجلي گھرن (IPPs) سان ڪيل ظالماڻا معاهدا آهن. انهن معاهدن تحت حڪومت ڪمپنين کي “ڪپيسٽي چارجز” (Capacity Charges) ادا ڪرڻ جي پابند آهي. ان جو مطلب آهي ته اهي ڪمپنيون بجلي پيدا ڪن يا نه ڪن، انهن کي پلانٽ چالو رکڻ جي فيس اربين ڊالرن جي صورت ۾ ادا ڪئي ويندي. گذريل ڪجھ سالن ۾ پاڪستان انهن آءِ پي پيز کي کربين رپيا ادا ڪيا، جن جو ٻوجھ عام واهپيدارن جي اگھن ۾ اضافي جي صورت ۾ منتقل ڪيو ويو.
رياستي ناانصافيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ طرف غريب ۽ سفيد پوش شهري مهانگي بجليءَ جي ٻوجھ هيٺ دٻجي چڪو آهي، ته ٻئي طرف ملڪ جي اشرافيه — بشمول عدليه، انتظاميا (بيوروڪريسي) ۽ اسيمبلي ميمبرن — کي لکين يونٽ مفت بجلي ۽ پيٽرول فراهم ڪيو ويندو آهي. ان مفت خوريءَ جو سمورو مالي خسارو به گھمي ڦري عام واهپيدارن جي بلن ۾ ٽيڪنيڪل نقصانن جي صورت ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. جڏهن رياستي ادارا پاڻ ان استحصالي نظام مان فائدو حاصل ڪري رهيا هجن، ته عدالتون ۽ انتظاميا به انهن مافياز جي خلاف ڪو ئي ٺوس قدم کڻڻ کان قاصر نظر اچن ٿيون.
ملڪي نااهلي ۽ استحصالي نظام سان گڏوگڏ، بين الاقوامي حالتن به ڪراچي جي شهرين تي قهر ڪيو آهي. وچ اوڀر ۾ جاري جنگ پاڪستان جي توانائيءَ جي بحران کي شديد ترين بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان پنهنجي بجليءَ جو هڪ چوٿائي حصو در آمد ٿيل ايل اين جي (LNG) يعني مائع گئس مان ٺاهيندو آهي، جنهن جو 99 سيڪڙو حصو قطر ۽ يو اي اي مان اچي ٿو.
جنگ دوران ايران جي جوابي حملن جي ڪري قطر جي سڀ کان وڏي گئس تنصيبات (راس الفان) کي شديد نقصان پهچو، جنهن کي مڪمل طور تي ٺيڪ ٿيڻ ۾ سال لڳي سگهن ٿا. ان کان علاوه بحري رستي جي غير محفوظ ٿيڻ جي ڪري قطر سپلاءِ معطل ڪري ڇڏي، جنهن سان پاڪستان کي گئس جي فراهمي بي انتها گھٽجي وئي.
ان گئس بحران جو سڌو اثر بجليءَ جي واهپيدارن تي پئجي رهيو آهي. گئس جي ڪميءَ سبب سستا پاور پلانٽس بند ٿي چڪا آهن، جنهن سان لوڊشيڊنگ جو وقت 24 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي. ٻئي طرف، گئس جي ڪميءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت انتهائي مهانگي فرنس آئل جو استعمال ڪري رهي آهي، ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ گئس جون قيمتون وڌڻ جي ڪري جيڪا اضافي لاڳت اچي رهي آهي، اها “فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ” (FPA) جي نالي تي واهپيدارن جي بلن ۾ وجهي عوام تي مهانگائيءَ جو هڪ نئون بم ڪيرايو پيو وڃي.
ھاڻ ھتان جو شهري چورن جي چوري، اشرافيه جي مفت خوري، آءِ پي پيز جي لٽ مار ۽ بين الاقوامي جنگين جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي. جيڪو شهر پوري ملڪ جو معاشي ڦيٿو هلائي ٿو، اڄ ان کي اونداهين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي. جستائين آءِ پي پيز جي معاهدن تي مڪمل نظرثاني نٿي ڪئي وڃي، اشرافيه جون مفت مراعات ختم نٿيون ٿين ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي اجتماعي سزا جي پاليسيءَ جو خاتمو نٿو ٿئي، تيستائين ڪراچي جي شھرين سان ناانصافي جاري رهندي ۽ “روشنين جو شهر” صرف تاريخ جي ڪتابن تائين محدود ٿي رهجي ويندو.
_____________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



