Editor's pickMain Slideثقافت

تون منهنجي پويان اچڻ چاهين ٿو ته رت _ڦُڙن واري واٽ وٺيو هليو اچ

ڪُتي جي ڀونڪ تي ڪڏهن ستارا ڇرڪندا نه آهن، ڪڏهن چنڊ کي چڙ نه ايندي آهي، ڪڏ هن سج جي روشنيءَ ۾ گهٽتائي نه آئي آهي، ڪڏهن وڻن جي ڇانو ڇڊي نه ٿي آهي، ڪڏهن گُلن جو واس ڪوماڻو نه آهي ته پوءِ تو تي ۽ مون تي ڪهڙو فرق پوندو.

رسول حمزا توف تنهنجي لاءِ دنيا جي شروعات داغستان جي پهاڙن کان ٿئي ٿي، منهنجي لاءِ دنيا جو صبح ڪارونجھر جي ڪور تان اُڀري ٿو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ٿر جي مٽي، ماروئڙن جي قرب، قومي غيرت، ڌرتيءَ سان سچي محبت ۽ انساني قدرن، جيئڻ جي اتساهه، لوڪ روايتن ۽ ادب جي اڻکٽ سونهن جي عڪاسي

ڀارو مل امراڻي سوٽھڙ

*رسول حمزا توف جيئن تنهنجي لاءِ دنيا جي شروعات داغستان جي پهاڙن کان ٿئي ٿي، منهنجي لاءِ دنيا جو صبح ڪارونجھر جي ڪور تان اُڀري ٿو، تو پنهنجي ڳوٺ سداگام کي محبوب لکيو آهي ، آئون منهنجي ٿر جي هر واهڻ وستي کي محبت جو مر ڪز سمجهان ٿو.

* ٿر ۾ جتي مارئي ڄائي اتي ڦوڳ به پيدا ٿيو هو ، اڄ به آزمائش جي گهڙي اچڻ تي ڦوڳ جاوارث چٽا ٿي پوندا آهن.

*جتي روي نه پهتو اتي ڪوي پهتو. يعني شاعر جي تخيل جي اڏام سج جي روشني کان به بلند آهي، هيءَ منهنجي خطي جي عام چوڻي آهي، انهيءَ کان وڌيڪ شعر شناسيءَ جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو،

* اسين ٿر جاماڻهو ڏڪار جي ڏينهن ۾ اڪ جهڙي ڪڙي ڪساري وڻ ۾ ڦٽندڙ ڦلڙين مان جيئڻ جو اتساهه وٺندا آهيون.

* باز کي اُڏام ۽ جهڙپ کانسو اءِ ڇا ٿو اچي ؟ هن وٽ ٻين پکين جهڙي مٺڙي ٻو لي به ناهي ، پاريهر جي ڳٽڪار ۾ ازل جي گيت جهڙو آلاپ آهي جنهن کي ٻُڌڻ جي لاءِ منهنجي ٿر جا ماڻهو وڏي اسر جو اٿي پکين کي داڻا ڏيڻ لاءِ ويندا آهن .

* منهنجي شاعري ڪَتِين جو جهر مر ۽ منهنجو نثر ٽيڙوءَ جو اهو ٽمڪو آهي جنهن جي اڀرڻ ۽ لهڻ تي منهنجي خطي جا ڌنار مال وٿاڻ ڏانهن واريندا ۽ وٿاڻ مان اٿاريندا آهن.

* ٿر جي واريءِ تي هلندي منهنجي پيرن ۾ ايترا ڇالا ٿي پيا آهن، جو هاڻي جُتِي به لاهي نٿو سگهان ، تون منهنجي پويان اچڻ چاهين ٿو ته رت _ڦڙن واري واٽ وٺيو هليو اچ ، مون پنهنجا پير ڦَٽي پويان ايندڙ پانڌيئڙن جي لاءِ گهاڙو گهڙي ڇڏيو آهي ،

* منهنجي خطي جي مردن وٽ عورت جو عاشق نه پر معشوق ٿيڻ جي روايت آهي.

* حسد اها آڳ آهي جنهن ۾ دشمن سان گڏ دوست پڻ سڙي ويندا آهن، اسين حسد جي آڳ کان گهڻو پري محبت جي اولي ۾ رهون ٿا، جتي نه حسد جي آڳ جلائي سگهي ٿي، نه نفرت جو پاڻي ٻوڙي سگهي ٿو .

* ڌرتيءَ تي وڇون ڏسي منهنجا همعصر حيرت نه کاءُ ، اونداهه راتين ۾ اُڀ جي تارا منڊل ۾ پڻ وڇون نظر ايندو آهي ،

*آئون ۽ وويڪ آنند سوچ ۾ سرچي نه سگهيا آهيون ، منهنجي سوچ جو سفر پنهنجي ڌرتيءَ کان شروع ٿئي ٿو ، آئون پنهجي وارياسي ڀونءِ تي سانوڻ جو صبح ڏسڻ چاهيان ٿو.

* ماڻهو ڪيترو به ڪُٻَو ٿي وڃي ، پر ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ اچڻ سان سڌو ٿي پوندو آهي.

*ماءُ کان وڌ ڀانئي هُو ڏائڻ آهي.

(هڪ ٿري چوڻي )

*سانوڻ جي رت ۾ ڀتوارڻ جڏهن مٿي تي مانيءَ جو ٽٻڪو (کارو) رکي ٻنيءَ ۾ هر ڪاهيندڙ پنهنجي ور لاءِ ماني کڻي رواني ٿيندي آهي، تڏهن سندس ٻانهياري لوڏ تان لکين حسن جا منظر گهوري ڇڏڻ تي دل چوندي آهي.

*اسان وٽ انساني عظمت کي اڳيان رکي فن جي تخليق ڪئي ويندي آهي ، وارياسي خطي جي روايتن ۾ مٽي ۽ ماڻهو مقدس آهن، مٽي جي محبت ۽ ماڻهپي جي مان کانسواءِ فن وڌوا جو ويس آهي.

*سماجي اوسر جي ايجنڊا ايستائين اڌوري ۽ اڻپوري آهي، جيستائين ڌرتيءَ جا قديم ماڻهو هن سفر ۾ شامل نه آهن.

*شاه لطيف جي شاعريءَ جيان شيخ اياز جي شاعري، اسان ٿر جي ڀٽن ۾ ڏٿ وانگر ڳولي لڌي آهي ، هاڻي اياز جا نقاد ڊرائنگ رومن جا دانشور نه پر لُڪن ۾ هلندڙ اسين کٿيرا هونداسين ، شيخ اياز جي شاعريءَ جو واس ٿر جاڪولهي ، ڀيل،منگهواڙ ۽ سماٽ محسوس ڪندا ، جيڪي هن ڌرتي جا اصل ڌڻي آهن.

*ماڻهوءَ جا ميرڙا ڳل به سڳنڌڀري اجري گل کان پيارا هوندا آهن، هڪ دفعي هٿ ڇهاءُ سان نازڪ پنکڙين جو ساءُ وسري ويندو آهي.

*ٿر ۾ رنگين روايتون آهن ته سنگين حڪايتون پڻ ملن ٿيون، زندگي ڪڏهن مٺي مُرڪ جهڙي لڳندي آهي ته ڪڏهن ڪوسي لڙڪ جهڙي پڻ محسوس ٿيندي آهي.

* اسين قربن جاڪُٺل اهي ماڻهو آهيون ، جيڪي وڇوڙي جو وِهُ پي سگهون ٿا، پر پنهنجي پياري کي وسا رڻ جو تصو ر به نٿا ڪري سگهون.

* وقت جي هڪ حاڪم هڪ فقير کي هزارن جي دستي ڏيندي چيو ته هي وٺ پئسا. ماڻهن کي چئجان ته هڪ حاڪم مليو، جنهن مون کي هزارن جي دستي ڏني. فقير دستي وٺي نفرت جي پوري شدت سان هيٺ اڇلائي ۽ چيائين تون به ماڻهن کي ٻڌائجان ته هڪ فقير وٽ حاڪم جي ساراهه ڪرڻ جي لاءِ مليل پئسن جي ڪيتري اهميت هئي .!

* اسين ان مٽيءَ جا ٺهيل آهيون، جنهن تي جبر ۽ ظلم ڪو اثر نه ڪندو آهي، ان جي ڪري هر ڪو ذهن مان ڪڍي ڇڏي ته هو اسان کي جهڪائي سگهي ٿو.

*ڪُتي جي ڀونڪ تي ڪڏهن ستارا ڇرڪندا نه آهن، ڪڏهن چنڊ کي چڙ نه ايندي آهي، ڪڏ هن سج جي روشنيءَ ۾ گهٽتائي نه آئي آهي، ڪڏهن وڻن جي ڇانو ڇڊي نه ٿي آهي، ڪڏهن گُلن جو واس ڪوماڻو نه آهي ته پوءِ تو تي ۽ مون تي ڪهڙو فرق پوندو.

*ڌرتي ڪنهن خاص ٽولي نه پر پنهنجن سمورن ڪارن ، گورن ، ننڊن ، وڏن ڪک ڄاون جي ماءُ هوندي آهي.

* وارياسي جا گل اڪثر ٽڙڻ کان اڳ ۾ ڇڻي ويندا آهن، ڪو ورلو لُري ۽ لُڪ سهي ٽڙندو آهي ، جنهن جو ٽڙڻ جهنگل ۾ منگل ڪندو آهي ، سندس حُسن تي آڪاش جا نو لک تارا موهجي پونداآهن، سانوڻ جا بادل مينهن ڦڙا وسائي ساڻس پريت جو اظهار ڪندا آهن.  

* دنيا جي سچي ۽ سولي حقيقت هڪ سج ۽ ٻه پاڇا آهي، جنهن کي هر ماڻهو چِٽو ڏسي ۽ سمجهي ٿو، اسين ٿر جا ماڻهو سج جي پهرين ڪرڻي کان اڳ پاڻيءَ ڳڀي جي لاءِ نڪري پونداآهيون، ۽ سج لٿي گهر ورندا آهيون. ٻئي پاڇا جيئڻ جا جتن ڪندي مٿي لنگهائيندا آهيون .

*گوڙي مندر کان هيٺ ويندي پوري پارڪر ۾ سرخ گهوڙا نظر ايندا، اهي پارڪر جي رهواسين بيگڙي جي حملي کان پوءِ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت جي لاءِ تيار رکيا آهن، جيئن ڪو بيگڙو ٻيهر حملو نه ڪري سگهي.

* پئسي کي ڪيڏي به همه گير طاقت ملي وڃي، پر پيار کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي، پئسي تي جسم خريد ڪري سگهجن ٿا پر روح نه ، روح ته پيار ۾ صرف روح سان رچندو آهي .

* اڪيلائي جي راتين ۾ ڪنهن تڙپ ۽ تمنا ۾ لڇندي ڏسي چنڊ واريءَ جي دڙن تي ذرو ذرو ٿي ويندو آهي، من موهن ڀڳت جو رو ح بڻجي ڀٽائي جي آڳر تي حا ضري ڀري ڳائيندو ايندو آهي ته ” سر تيون آهين تان وڃو ڙي وڃو ، منهنجو لکيو لڪن سان…..“.

* ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ظالم ماڻهوءَ جي اندر ۾ پڻ شرافت ايئن جهلڪو کائيندي آهي، جيئن ٿر۾ مينهوڳي ڪاري رات جو وڄ چمڪندي آهي.

(تلسي ڪرت رامائڻ)

*ڳاڙھاڻ گُلن ۾ جيئن سهڻو ڏيک ڏيندي آهي تيئن ماڻهوءَ جي ڳلن تي به پياري لڳندي آهي، پيلاڻ رڳو گلن ۾ سونهي ٿي .

* سج کي پنهنجي روشني آهي، پوءِ به گرهڻ ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن دئيت به ديوتائن تي ڀاري ٿي ويندا آهن پر انهن جي فتح عارضي هوندي آهي.

* گرهڻ سج جو هجي يا چنڊ جو اسان وٽ گرهڻ کي روشني ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ رڪاوٽ سمجهيو ويندو آهي، احتجاج طو ر گرهڻ وقت ماني نه کائبي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ڊڀ اُڇليا ويندا آهن. جيئن ڊڀن جي تيز ڌار پاڻيءَ ۾ پاڇولي کي ٽوڙي ٿي ، تيئن گرهڻ پڻ ٽٽي پوي .

* پکي اونداهه راتين ۾ به پنهنجو آکيرو ڳو لي وٺندا آهن، اسان جي پيار جا پکيئڙا سڏ ونت سارنگا جهڙي سڪ رو ح ۾ سمائي پهرن جي اونداهه ۾ پنهنجي پريت تائين پهچندا آهن.

* اسان وٽ ماڻهوءَ جي سونهن جو معيار ٻاجهارو سڀاءُ ، گهڻگهرو من ۽ اعتماد جو عڪس رکندڙ اکيون آهن ۽ ڪوجهپڻي جي دائريڪار ۾ ماڻهوءَ جي من ۾ ڪُوڙ ، سڀاءَ ۾ ڏاڍ ۽ اکين ۾ لوڀ جا ليئا اچن ٿا.

_____________

Bharu Mal-Sindh Courier

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button