سنڌي ادب: دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟ (وائِي)
شاعر: علي عابد سومرو
ادبي دنيا ۾ علي عابد سومرو جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ علي محمد سومرو شڪارپور ضلعي جي تاريخي ڳوٺ ”ميان جو ڳوٺ“ جو آھي. صحافت، ادب، ترجمو، اشتهارسازي ۽ ڪريئيٽِو رائيٽنگ ۽ علائقائي ميڊيا سان ڪم ڪرڻ جو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي جو تجربو اٿس. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ايم. اي. (سنڌي ادب) ۽ ايم. اي. (انٽرنيشنل رليشنز) جون ڊگريون حاصل ڪيل اٿس. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ مارڪيٽنگ ۽ ڪميونيڪيشنز جي اداري ۾ ڪم ڪري ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي پاران سنڌي ٻوليءَ ۾پهرين کان اٺين درجي تائين اٺ درسي ڪتاب شايع ٿي چڪا اٿس، جيڪي سنڌ جي نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ان کان سواءِ ٻارن لاءِ سندس شاعريءَ جو ڪتاب “ڊڄڻو گدڙ” پڻ شايع ٿي چڪو آهي.

دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟
ويجها ها دل کي ،
جيڪي دلبَرَ سي ، دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
هانوَ جون پاڙون هئا،
مِٺڙا ، مِصري جي َ دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
ڪکُ نه ها سَهندا،
پنهنجي ياريءَ تي ، دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
پل به رهي سگهندا
جيڪي هئا نه پري دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
چِنتائون رکندا هئا
پنهنجون پاسي تي ، دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
خطڙن ۾ رکندا هئا
دِل پنهنجي کولي دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
تصويرُن ۾ پاڻَ سان
جن کي ڏٺُم پَئي ، دوستَ ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
گهر ڀاتين کان وڌ مِٺا،
لڳندا هُئا جيَ ، دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
يادون هن رهجي ويون،
دل جي اڱڻ تي ، دوستَ ، الائي ڪاڏي ويا ؟!
__________

علي عابد سومرو



