ٽنل فارمنگ: جديد زرعي نظام سنڌ ۽ پاڪستان جو زرعي مستقبل سنواري سگھي ٿو
ٽنل فارمنگ اهڙو جديد زرعي نظام آهي جنهن ۾ فصلن کي پلاسٽڪ يا خاص حفاظتي ڍانچي هيٺ پوکيو ويندو آهي، جتي گهم، گرمي، نمي، روشني ۽ هوا کي هڪ حد تائين ضابطو ڪري سگهجي ٿو. نتيجي طور ٻوٽا سخت گرمي، ٿڌ، تيز هوائن، ڳَڙن ۽ غير موسمي برساتن کان محفوظ رهن ٿا ۽ انهن جي واڌ ويجهه وڌيڪ صحتمند نموني ٿئي ٿي.

ننڍا هاري، ڳوٺاڻا خاندان، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ شهري ماڻهو به ننڍا ٽنل ٺاهي پنهنجي ضرورت جون تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هر گهر پنهنجي استعمال لاءِ ڪجهه ڀاڄيون پيدا ڪرڻ شروع ڪري ته نه رڳو خرچ گهٽ ٿيندو پر غذائي تحفظ به وڌندو، جڏهن ته ٻارن ۾ فطرت ۽ زراعت سان محبت پڻ پيدا ٿيندي.
سُئيڊن مان عبدالله عثمان مورائيءَ وٽان
دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر اها تهذيب جيڪا زراعت ۾ مضبوط هئي، اها اقتصادي، سماجي ۽ سياسي طور به مضبوط رهي. انسان جي بنيادي ضرورت اڄ به خوراڪ آهي، ۽ شايد هزارين سالن کان پوءِ به رهندي. مصنوعي ذهانت، جديد صنعتون ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي ضرور اهم آهن، پر جيڪڏهن زمين تي اناج، ڀاڄيون، ميوا ۽ خوراڪ پيدا نه ٿيندا ته ترقيءَ جون سڀ دعوائون بي معنيٰ بڻجي وينديون. ان ڪري زراعت رڳو هڪ معاشي شعبي جو نالو نه، پر ڪنهن به قوم جي بقا، خودمختياري ۽ استحڪام جو بنياد آهي.
پاڪستان، خاص طور سنڌ، هڪ زرعي خطو آهي، جتي لکين ماڻهن جو روزگار زراعت سان وابسته آهي، پر بدقسمتيءَ سان اسان اڃا تائين گهڻي ڀاڱي روايتي طريقن تي ڀاڙيون ٿا. ساڳئي وقت موسمياتي تبديليون، پاڻيءَ جي کوٽ، وڌندڙ گرمي پد، غير متوقع برساتون، ٻوڏون ۽ خشڪي اسان جي زرعي نظام لاءِ وڏا خطرا بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن اسان اڄ به جديد زرعي ٽيڪنالاجي ڏانهن پير نه وڌايو ته ايندڙ نسلن لاءِ خوراڪ جي فراهمي هڪ وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿي.
اهڙي صورتحال ۾ ٽنل فارمنگ مستقبل جي زراعت لاءِ هڪ انقلابي تصور طور سامهون اچي رهي آهي. ٽنل فارمنگ اهڙو جديد زرعي نظام آهي جنهن ۾ فصلن کي پلاسٽڪ يا خاص حفاظتي ڍانچي هيٺ پوکيو ويندو آهي، جتي گهم، گرمي، نمي، روشني ۽ هوا کي هڪ حد تائين ضابطو ڪري سگهجي ٿو. نتيجي طور ٻوٽا سخت گرمي، ٿڌ، تيز هوائن، ڳَڙن ۽ غير موسمي برساتن کان محفوظ رهن ٿا ۽ انهن جي واڌ ويجهه وڌيڪ صحتمند نموني ٿئي ٿي.
سنڌ جهڙي صوبي لاءِ، جتي هر سال پاڻي جي کوٽ وڌندي پئي وڃي، ٽنل فارمنگ هڪ نعمت ثابت ٿي سگهي ٿي. روايتي زراعت ۾ پاڻي جو وڏو حصو ضايع ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته ٽنل فارمنگ سان گڏ ڊرپ ايريگيشن جهڙا جديد نظام استعمال ڪرڻ سان پاڻي سڌو سنئون ٻوٽن جي پاڙن تائين پهچي ٿو، جنهن سان پاڻي جي وڏي بچت ممڪن ٿئي ٿي. مستقبل ۾ پاڻي تيل کان به وڌيڪ قيمتي وسيلو بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري پاڻي جي هر ڦڙي کي بچائڻ قومي ذميواري آهي.
اڄ دنيا جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي. پاڪستان جي آبادي به مسلسل واڌ ۾ آهي، جنهن سان گڏ خوراڪ جي گهرج به وڌندي ويندي. جيڪڏهن پيداوار ساڳئي رفتار سان نه وڌي ته طلب ۽ رسد جي وچ ۾ وڏو فرق پيدا ٿيندو، جنهن جو نتيجو خوراڪ جي کوٽ، مهانگائي ۽ غربت جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. ٽنل فارمنگ محدود زمين تي به وڌيڪ پيداوار ڏئي سگهي ٿي، جنهن سان نه صرف ملڪي ضرورتون پوريون ٿي سگهن ٿيون پر زرعي برآمدات ۾ پڻ نمايان واڌارو آڻي سگهجي ٿو.

ٽنل فارمنگ جو هڪ اهم فائدو اهو به آهي ته ان ۾ سڄو سال فصل پوکي سگهجن ٿا. عام حالتن ۾ جيڪي ڀاڄيون يا ميوا مخصوص مند ۽ موسم تائين محدود هوندا آهن، اهي ٽنل اندر وقت کان اڳ يا وقت کان پوءِ به پيدا ڪري سگهجن ٿا. جڏهن مارڪيٽ ۾ ڪنهن شيءِ جي کوٽ هوندي آهي ته ان جي قيمت وڌي ويندي آهي، تنهن ڪري هاري کي به وڌيڪ منافعو حاصل ٿيندو آهي. اهو زرعي شعبي کي وڌيڪ ڪاروباري ۽ منافعي بخش بڻائي سگهي ٿو.
ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته ٽنل فارمنگ رڳو ٽماٽن يا ڪڪڙين تائين محدود آهي، پر حقيقت ان کان گهڻي وڏي آهي. ٽماٽو، مرچ، ڀينڊي، پالڪ، سلاد، گوبي، بند گوبي، واڱڻ، ڪڪڙيون، گجرون، موريون، ڌاڻا، ڦودنو ۽ ٻين ڪيترين ڀاڄين سان گڏ اسٽرابيري، گدرا، ڇاهيون، گلن جا فصل، خوشبودار جڙي ٻوٽيون، دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوٽا ۽ اعليٰ معيار جا ٻج به ڪاميابي سان پوکي سگهجن ٿا. ڪيترن ملڪن ۾ اعليٰ قيمت وارا زرعي فصل به ٽنل فارمنگ ذريعي پوکي عالمي مارڪيٽن تائين پهچايا وڃن ٿا.
جيڪڏهن تحقيق ۽ جديد زرعي سائنس کي وڌيڪ واڌارو ملي ته مستقبل ۾ ڪپهه جي ٻوٽن جي نرسري، ڀاڄين جا ٻج، دوائن لاءِ خام مال ۽ ٻيا ڪيترائي ڪيش ڪراپس يعني ڪڻڪ، ڪمند به ڪنهن ننڍي حد يا مخصوص مرحلن ۾ ٽنل فارمنگ ذريعي وڌيڪ ڪاميابي سان پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سان زرعي آمدني ۾ واڌ ۽ خطري ۾ گهٽتائي ايندي.
ٽنل فارمنگ جو هڪ وڏو فائدو ماحولياتي حفاظت پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته فصل محفوظ ماحول ۾ پوکيا وڃن ٿا، ان ڪري ڪيترائي نقصانڪار جيت ۽ بيماريون گهٽ ٿين ٿيون، جنهن سبب جراثيم ختم ڪرڻ وارين دوائن جو استعمال گهٽجي وڃي ٿو. ڀاڻن، خاص ڪري يوريا، کي به ضرورت مطابق محدود مقدار ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان زمين جي زرخيزي برقرار رهي ٿي ۽ ماحولياتي گدلاڻ به گهٽ ٿئي ٿي. مستقبل جي دنيا جو رجحان آرگينيڪ ۽ محفوظ خوراڪ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ٽنل فارمنگ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
هي تصور رڳو وڏن زميندارن تائين محدود نه هجڻ گهرجي. ننڍا هاري، ڳوٺاڻا خاندان، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ شهري ماڻهو به ننڍا ٽنل ٺاهي پنهنجي ضرورت جون تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هر گهر پنهنجي استعمال لاءِ ڪجهه ڀاڄيون پيدا ڪرڻ شروع ڪري ته نه رڳو خرچ گهٽ ٿيندو پر غذائي تحفظ به وڌندو، جڏهن ته ٻارن ۾ فطرت ۽ زراعت سان محبت پڻ پيدا ٿيندي.
بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اڃا تائين زراعت کي جديد صنعت طور نه پر روايتي روزگار طور ڏٺو وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ايندڙ دور ۾ سمارٽ ايگريڪلچر، مصنوعي ذهانت، سينسر ٽيڪنالاجي، سولر توانائي، پاڻي بچائيندڙ نظام ۽ ڪنٽرول ٿيل ماحول واري زراعت دنيا جي خوراڪ جي پيداوار جو بنيادي حصو بڻجندا. جيڪڏهن اسان وقت سر انهن ٽيڪنالاجين کي اختيار نه ڪيو ته عالمي مقابلي ۾ پوئتي رهجي وينداسين.
حڪومت جي ذميواري آهي ته ٽنل فارمنگ کي قومي زرعي پاليسي جو اهم حصو بڻائي. هارين کي سولا قرض، سبسڊي، سولر سسٽم، ڊرپ ايريگيشن، معياري ٻج، فني تربيت ۽ مارڪيٽ تائين سڌي رسائي فراهم ڪئي وڃي. زرعي يونيورسٽين ۽ تحقيقاتي ادارن کي زميني حقيقتن سان ڳنڍي نئين تحقيق کي هارين تائين پهچايو وڃي. هر ضلعي ۾ ماڊل ٽنل فارمنگ فارم قائم ڪري نوجوانن کي عملي تربيت ڏني وڃي ته جيئن زراعت هڪ جديد ۽ منافع بخش پيشو بڻجي سگهي.
اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته مستقبل جون جنگيون شايد زمين يا تيل لاءِ نه، پر پاڻي ۽ خوراڪ لاءِ ٿين. جنهن ملڪ وٽ پنهنجي خوراڪ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي، اهو ئي مضبوط ۽ خودمختيار رهندو. ان ڪري زراعت ۾ تحقيق، جدت، پاڻي جي ڪارائتي استعمال، نون ٻجن جي تياري، جديد مشينري ۽ ٽنل فارمنگ جهڙن طريقن تي سيڙپڪاري ڪرڻ قومي سلامتي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي برابر آهي.
سنڌ وٽ زرخيز زمين، محنتي هاري ۽ زرعي روايتن جو وڏو خزانو موجود آهي. ضرورت صرف اها آهي ته اسان پراڻن طريقن سان گڏ جديد سائنس کي به قبول ڪريون. پاڻيءَ جي هر ڦڙي کي بچايون، زمين جي هر انچ مان وڌيڪ ۽ بهتر پيداوار حاصل ڪريون، ۽ زراعت کي ايندڙ نسلن لاءِ وڌيڪ پائيدار بڻايون.
جيڪڏهن اڄ اسان ٽنل فارمنگ، جديد آبپاشي نظام، زرعي تحقيق ۽ موسمياتي تبديليءَ جي مطابق پاليسين تي سنجيدگي سان ڪم ڪيو ته اسان نه رڳو پنهنجي وڌندڙ آبادي جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهنداسين ، پر دنيا جي زرعي مارڪيٽن ۾ به هڪ مضبوط حيثيت حاصل ڪري سگهنداسين. زراعت اسان جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي ۽ ان کي جديد بڻائڻ صرف هڪ اختيار نه پر وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.
________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



