پاڪستان ۾ جاگيرداري نظام پنھنجا چنبا مڪمل طور کوڙي چُڪو آھي
اڳوڻا حڪمران سنئون سڌو وڏيرن کي استعمال ڪندي، هارين لاء ڌرتي ٽامو ڪندا هئا، پر هاڻي وري انهن به نئين پاليسي اپنائي ديسي وڏيرن سان گڏ ٻاهريان واپاري به بڇي ڇڏيا آهن۔ جيڪي فصل لهڻ مهل اگهه گهٽائي، هارين جو مال هڙپ ڪن ٿا، جڏهن فصل وڪامجي واپارين وٽ پهچي ٿو ته، وري اگهه وڌائي ٿا ڇڏين يعني اهي واپاري رڳو هارين جو مال هڙپ نه ٿا ڪن پر عوام جي کل به لاهين ٿا۔

موجوده دور ۾ جڏهن ملڪ اندر جاگيرداري نظام پنهنجا چنبا مڪمل طور تي کوڙي چڪو آهي ته، هن وقت سنڌ کي وري هڪ نئين حيدر بخش جتوئيء جهڙي شخصيت جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي پر، افسوس جو پري پري تائين ڪوبه اهڙو اڳواڻ نظر نٿو اچي، جيڪو هارين، پورهيتن ۽ مظلوم طبقي جو حال ڀائي ٿي پئي۔
ڪو روپ مٽائي موٽي آءُ: شاهه عنايت کان حيدر بخش جتوئيءَ تائين سنڌ جي ھاري مزاحمتي تاريخ
حميد منگي
سنڌ جي مٽي ته پنهنجي جاء تي زرخيز رهي ئي آهي پر، سنڌ جا ماڻهو به ايترا قربائتا ۽ محبتي رهيا آهن، جو جيڪو به هتي هڪ ڀيرو آيو آهي، هتي جو ئي ٿي رهجي وڃي ٿو ۽ ورلي ڪو وڃڻ جون وايون ڪندو هجي، باقي نه ته، اڪثر هتي رهي هتان جي ماڻهن ۾ رچي بسي هن ئي ڌرتي ۽ ماڻهن جي اهنجن جي خاتمي لاء ڪوششون ڪندي ڏٺا ويا آهن۔ ان حوالي سان هونئن ته ڪيترائي نالا آهن جيڪي هتان جا نه هئا پر، اهي جڏهن سنڌ ڏانهن لڙي آيا ۽ ڪجهه عرصو سنڌي ماڻهن جي وچ ۾ رهيا ته، کين سُڌ پئي سنڌي ماڻهو حد درجي جا سڌا، سچا، کرا، مهمان نواز ۽ امن پسند پڻ آهن ته، انهن پنهنجا ديس ئي وساري ڇڏيا۔ سنڌ جي تاريخ اهڙن ماڻهن ۽ قومن جي قصن سان ڀري پئي آهي۔
انهن مان ڪيئي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا پر، في الحال ذڪر شاهه عنايت شهيد جو ڪجي ٿو، جيڪو الائي ڪيترا ديس مٽائيندو، جڏهن سنڌ پهتو ته، زندگيء جي آخري گهڙين تائين هن پاڻ کي سنڌ لاء ئي ارپي ڇڏيو۔ شاهه عنايت شهيد سنڌ ۾ رهي، نه رڳو دنيا جي پهرين طبقاتي جدوجهد جو بنياد وڌو پر هتان جي جاگيرداري نظام جو ساهه مٺ ۾ ڪندي ”جيڪو کيڙي سو کائي“ وارو نعرو ڏئي سڄي برصغير ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هئو۔ اهو سڄو ڪمال هن ڌرتيء جو آهي۔ نتيجي طور سنڌ جي اڪثر وڏيرن کي گڏجي تنهن وقت جي هندستاني سرڪار وٽ شڪايت ڪرڻي پئجي وئي۔ نتيجي ۾ شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ، هارين کي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو۔
شاهه عنايت جي شهادت کانپوءِ، هارين جي هلچل لڳ ڀڳ هڪ ڏيڍ صديء تائين ماٺي ئي رهي، مغلن جي جاء جڏهن انگريزن والاري تڏهن، هڪ ڀيرو وري حيدر بخش جتوئي شاهه عنايت جو نئون روپ وٺي، هاري هلچل ۾ نئين سر ساهه وڌو۔ حيدر بخش جتوئي جيڪو سنڌ جي مشهور سياسي، ادبي ۽ هاري اڳواڻن مان هڪ هو، ان سرڪاري نوڪريء کي لت هڻي، پنهنجي شعوري دور کان آخري وقت تائين، نه رڳو هارين جي حقن لاء وڙهيو ۽ جدوجهد ڪئي پر، هن سنڌ جي سياست ۽ ادب ۾ به نوان لاڙا پيدا ڪيا۔ جنهن ڪري ئي کيس “باباءِ سنڌ” جو لقب ڏنو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پوري زندگي هارين جي حقن لاء پاڻ پتوڙڻ سان گڏ سماجي ناانصافين خلاف ۽ عوامي ڀلائين لاءِ به وقف ڪري ڇڏي هئي.

حيدر بخش جتوئي 7 آڪٽوبر 1901ع، ڳوٺ بکو ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، اتان ئي تعليم حاصل ڪري سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي، مختيارڪاريءَ واري نوڪري ڪندي، جڏهن هن جو واسطو سنئون سڌو هارين سان پيو ۽ سندن معاشي حالتن جي ڄاڻ پيس ته، کيس ضمير جو آواز ڪن پيو۔ جيڪو هاري تتيءَ ٿڌيءَ ۽ رات ڏينهن پورهيا ڪري ٻين سمورن شعبن جي سمورن ماڻهن لاء ان اپائي ٿو، ان جي حالت ٻين جي ڀيٽ ۾ ڳڻتيء جوڳي آهي، هُو پنهنجن ٻارن، ٻچن ۽ گهرڀاتين سميت ڦاٽل ڪپڙا پهري، پيرين اگهاڙي جي رهيو آهي ته، ضمير صلاح ڏنس ته، هو انهن غريب هارين لاء ڪجهه ڪري، نتيجي طور ڪجهه ڏينهن جي سوچ ويچار کانپوء هو سرڪاري نوڪريءَ کي الوداع چئي هارين جي حقن لاء عملي طور تي ميدان ۾ لهي پيو۔
حيدر بخش جتوئي، ”سنڌي هاري ڪميٽي“ ٺاهي نه رڳو پورهيتن سان حال ڀائي ٿيو پر، زميندارن جي ظلمن، بيگارن ۽ غير منصفاڻي زرعي نظام خلاف هڪ زبردست تحريڪ به هلائي. حساس دل رکندڙ حيدر بخش جتوئي، رڳو هارين جي حقن لاء جدوجهد نه ڪئي پر، ان سان گڏ هو سماج ۾ ٿيندڙ ٻين ناانصافين خلاف به جاکوڙيندو رهيو۔ اڳتي هلي هن جڏهن محسوس ڪيو ته، سنڌ جو علم ۽ ادب به مظلوم طبقي جو همراهي نه پيو ڪري ۽ شاعر شاعريء جهڙي صنف کي هٿ وٺي صرف نفيس جذبن لاء استعمال پيو ڪري ته، هن مزاحمتي شاعري ڪري لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي هڪ نئون رخ ڏئي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته، شاعري رڳو محبوب جي وارن، هٿن ۽ ان جي گهمڻ ڦرڻ جي ادائن جي تعريف ڪرڻ جو نالو ناهي پر شاعريءَ ذريعي مظلوم ماڻهن ۽ طبقن جي ڳالهه ڪري انهن ۾ شعور به پيدا ڪرڻ سان گڏ هلچل هلائي سندن آواز کي سگهو به ڪري سگهجي ٿو۔
نتيجي طور سنڌي علم، ادب، شاعريءَ ۽ نثر ۾ هڪ نئون لاڙو متعارف ٿي پيو۔ حيدر بخش جتوئي رڳو سٺو شاعر نه هئو پر، هو بهترين ليکڪ به ثابت ٿيو. سندس شاعري، مضمونن ۽ سرڪاري ادارن ۽ اعلي عملدارن ڏانهن موڪليل خطن ۾ انساني آزادي، انصاف، هارين جا حق ۽ وطن دوستي نمايان موضوع رهيا، جن کي اڳتي هلي، ٻين شاعرن ۽ اديبن به اپنايو، جنهن ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، نجم عباسي، انور پيرزادو، استاد بخاري ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيترائي شاعر ۽ اديب شامل ٿي ويا۔ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سياسي حوالي سان ترقي پسند سياست کي پسند ڪندڙ اڳواڻ هئو۔ هو جمهوريت جي حمايت, هارين ۽ مزدورن جي حقن جو دفاع, سماجي اڻ برابري, نوآبادياتي ۽ استحصالي نظامن جو پڻ وڏو مخالف رهيو۔

جيتوڻيڪ هو عملي طور گهڻو ڪري هارين جي تحريڪ سان سلهاڙيل هئو، انڪري هن هارين ۾ ترقي پسنديء وارا لاڙا به متعارف ڪرايا۔ جڏهن ته حيدر بخش جتوئي کي سنڌ جي جديد تاريخ ۾ انهن شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن عوامي حقن جي جدوجهد کي منظم شڪل ڏني. سندس نالو سنڌ ۾ هاري تحريڪ، ترقي پسند سوچ، سماجي انصاف سان ڳنڍيل آهي. اڄ به حيدر بخش جتوئي سنڌ جي هارين، مزدورن ۽ ترقي پسند حلقن لاءِ جدوجهد، سچائي ۽ عوامي خدمت جي اهڃاڻ طور ياد ڪيو وڃي ٿو. جڏهن سندس وفات 21 مئي 1970ع ۾ ٿي ته، سنڌ جا هاري وري ويڳاڻا ٿي ويا۔
موجوده دور ۾ جڏهن ملڪ اندر جاگيرداري نظام پنهنجا چنبا مڪمل طور تي کوڙي چڪو آهي ته، هن وقت سنڌ کي وري هڪ نئين حيدر بخش جتوئيء جهڙي شخصيت جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي پر، افسوس جو پري پري تائين ڪوبه اهڙو اڳواڻ نظر نٿو اچي، جيڪو هارين، پورهيتن ۽ مظلوم طبقي جو حال ڀائي ٿي پئي۔ جڏهن ته موجوده دئور جا هاري اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشڪلاتن حوالي آهن۔ اڳوڻا حڪمران سنئون سڌو وڏيرن کي استعمال ڪندي، هارين لاء ڌرتي ٽامو ڪندا هئا، پر هاڻي وري انهن به نئين پاليسي اپنائي ديسي وڏيرن سان گڏ ٻاهريان واپاري به بڇي ڇڏيا آهن۔ جيڪي فصل لهڻ مهل اگهه گهٽائي، هارين جو مال هڙپ ڪن ٿا، جڏهن فصل وڪامجي واپارين وٽ پهچي ٿو ته، وري اگهه وڌائي ٿا ڇڏين يعني اهي واپاري رڳو هارين جو مال هڙپ نه ٿا ڪن پر عوام جي کل به لاهين ٿا۔
اهڙي سڄي صورتحال کي حڪمران به ڏسي رهيا آهن ته، زرعي کاتي جا اعلي عملدار به انهيء ڌنڌي ۾ واپارين سان ٻانهن ٻيلي ٿي هارين ۽ عوام سان ٿيندڙ لٽ ڦر ۾ مصروف آهن پر، ڪو به نوٽيس نٿو وٺي۔ بس آخر ۾ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته، او حيدر بخش جتوئي، ڪو روپ مٽائي موٽي آءُ۔
______________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.



