دھليءَ ۾ سنڌي اڪيڊميءَ جا ٽي وڏا ثقافتي ۽ ادبي پروگرام اڄ کان شروع
ناليواري ليکڪ ۽ صحافي مرحوم ڪي. آر. ملڪاڻيءَ جي ياد ۾ قومي سيميناراڄ ٿيندو، چيٽي چنڊ جو وڏو پروگرام سڀاڻي آچر 3 مئي تي ۽ سنڌي صوفي سنگيت پروگرام 10 مئي تي رکيو ويو آھي

نئين دهلي: دهلي سرڪار جي آرٽ، ڪلچر اينڊ لئنگئيجز کاتي جي ماتحت ڪم ڪندڙ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ هلندڙ مهيني مئي 2026ع ۾ ٽي اهم ثقافتي، ادبي ۽ موسيقيءَ جا پروگرام ڪوٺائڻ جا انتظام ڪيا آهن. انهن پروگرامن ۾ نامور ليکڪ ۽ صحافي مرحوم ڪي. آر. ملڪاڻي جي ياد ۾ قومي سيمينار، چيٽي چنڊ مهوتسو ۽ سنڌي صوفي سنگيت اتسو شامل آهن.
هيٺ انهن ٽنهي پروگرامن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪجي ٿي:
مرحوم ڪي. آر. ملڪاڻي جي ياد ۾ قومي سيمينار (2 مئي)
سنڌي اڪيڊمي دهلي ۽ سنڌي عورتن جي سماجي ۽ ادبي تنظيم ’مارئِي‘ جي گڏيل سهڪار سان نامور صحافي، ليکڪ، اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر ۽ اڳوڻي ليفٽيننٽ گورنر مرحوم ڪي. آر. ملڪاڻيءَ جي زندگي ۽ خدمتن تي هڪ ڏينهن وارو قومي سيمينار اڄ 2 مئي تي ڪرايو پيو وڃي.
پروگرام صبح جو 10:30 وڳي ڪانسٽيٽيوشن ڪلب آف انڊيا، رَفي مارگ، نئين دهلي ۾ ٿيندو. هي سيمينار دهلي جي وڏي وزير شريمتي ريکا گپتا ۽ آرٽ، ڪلچر اينڊ لئنگئيج کاتي جي وزير شري ڪپِل مِشرا جي رهنمائيءَ هيٺ ٿي رهيو آهي. سيمينار ۾ ٽي اهم ادبي سيشن رکيا ويا آهن، جن کانپوءِ کليل بحث وارو سيشن ٿيندو:
پهريون سيشن: مقالو ڊاڪٽر رميش ايس. لال پيش ڪندو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ڪندو ۽ بحث ۾ شالني ساگر حصو وٺندي.
ٻيون سيشن: مقالو محترمه وينا شرنگي پيش ڪندي، صدارت ڀڳوان اٽلاڻي ڪندو ۽ بحث ڪندڙ ڊاڪٽر هاسو دادلاڻي هوندو.
ٽيون سيشن: مقالو ڊاڪٽر جيٺو لالواڻي پيش ڪندو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر روي پي. ٽيڪچنداڻي ڪندو ۽ بحث هيرو ٺاڪر ڪندو.
هي پروگرام وينا شرنگي (ڪنوينر، مارئِي) ۽ سنڌي اڪيڊمي جي سيڪريٽري جي نگرانيءَ ۾ ڪرايو پيو وڃي.

چيٽي چنڊ مهوتسو (3 مئي)
سنڌي اڪيڊمي دهلي ۽ ’پرگتي شيل سنڌي سماج سميتي‘ جي گڏيل سهڪار سان آچر ڏينهن 3 مئي 2026ع تي دهليءَ ۾ ”ڀويهه چيٽي چنڊ مهوتسو“ جو شاندار پروگرام منعقد ٿيندو.
وقت ۽ هنڌ: شام جو 5:00 وڳي کان، دلي هاٽ، پيتم پورا، دهلي.
پروگرام جو افتتاح دهلي جي وڏي وزير شريمتي ريکا گپتا ڪندي، جڏهن ته خاص مهمان آرٽ ۽ ڪلچر وارو وزير شري ڪپل مشرا هوندو.
هن موقعي تي شري شنڪر لالواڻي (ايم پي، اندور)، سُشري بانسري سوراج (ايم پي، نئين دهلي)، شري ستِش اپاڌياءِ (ايم ایل اي)، شريمتي شِکا راءِ (ايم ايل اي) ۽ شري راجڪمار ڀاٽيا (ايم ايل اي) پڻ شرڪت ڪندا.
ثقافتي ۽ راڳ جا رنگ:
هن ميلي ۾ سنڌي ثقافت جي واڌاري لاءِ ملڪ جي ناليوارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، جن ۾ ممبئيءَ کان مشهور گلوڪار موهت لالواڻي ۽ سمرن آهوجا جڏهن ته دهليءَ مان مِتالي ڪرسيجا شامل آهن. هي پروگرام پرگتي شيل سنڌي سماج جي صدر وجي اسراڻي ۽ اڪيڊمي جي سيڪريٽري جي انتظامن هيٺ ٿي رهيو آهي.

سنڌي صوفي سنگيت اتسو (10 مئي)
سنڌ جي صوفياڻي راڳ ۽ فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌي اڪيڊمي دهلي پاران آچر 10 مئي 2026ع تي ”سنڌي صوفي سنگيت اتسو“ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
وقت ۽ هنڌ: شام جو 3:00 وڳي کان، ڪي. ايس. بالاڻي آڊيٽوريم، ايس. اي. ايس. بابا نڀراج اسڪول، لجپت نگر، نئين دهلي.
هن صوفياڻي محفل ۾ ممبئيءَ مان خاص طور تي گِريش ساڌواڻي شرڪت ڪري پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو. ان سان گڏ دهليءَ جا مقامي راڳي نند ڀاٽيا ۽ ديوي بَدلاڻي پڻ صوفياڻو ڪلام پيش ڪندا.
سنڌي اڪيڊمي دهلي جي سيڪريٽري پاران عام شهرين، اديبن، عالمن ۽ موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ سمورن سنڌين کي انهن ٽنهي ثقافتي ۽ ادبي پروگرامن ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي ته جيئن ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بقا واري هن سفر کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي.
_________________



