سنڌ جون وساريل خوشيون: وقت سان گڏ ريتون رسمون بہ ڌُنڌلائجي ويون
هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن زندگيءَ جي ننڍڙي کان ننڍڙي مرحلي کي به خوشي، گڏيل جذبي ۽ ميلي جهڙي ماحول ۾ ملهائبو هو.
انهن روايتن مان ڪي اڄ به سنڌ جي ڪن ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪنهن حد تائين زندهه آهن، جڏهن ته ٻيون يادگيرين جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويون آهن. انهن مان هڪ گهري پاڙُن واري پر تيزيءَ سان وسرندڙ رسم آهي ننڍڙي ٻار جو طهر يعني ختني جو جشن.

عبدالله عثمان مورائي
سنڌ ۾ هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن زندگيءَ جي ننڍڙي کان ننڍڙي مرحلي کي به خوشي، گڏيل جذبي ۽ ميلي جهڙي ماحول ۾ ملهائبو هو. انهن روايتن مان ڪي اڄ به سنڌ جي ڪن ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪنهن حد تائين زندهه آهن، جڏهن ته ٻيون يادگيرين جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويون آهن. انهن مان هڪ گهري پاڙُن واري پر تيزيءَ سان وسرندڙ رسم آهي ننڍڙي ٻار جي طهر يعني ختني جو جشن.
اڄ طهر گهڻو ڪري هڪ سادو طبي عمل سمجهيو وڃي ٿو جيڪو ماهر ڊاڪٽر صاف سٿرين ڪلينڪن ۾ ڪن ٿا. اهو عمل تيز، محفوظ ۽ گهڻو ڪري ان ثقافتي رنگينين کان خالي هوندو آهي جيڪا ڪڏهن ان جي سڃاڻپ هئي. ماضي ۾ خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ هي رڳو هڪ ضرورت نه هئي پر هڪ سماجي ميلو، زندگيءَ جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جي تقريب ۽ خاندان لاءِ فخر جو لمحو هوندو هو. ٻار، جيڪو اڃا هلڻ پيو سکندو هو، کيس گهوٽ سمجهيو ويندو هو.
تقريب جي ڏينهن ان ننڍڙي ٻار کي روايتي ڪپڙا پارائبا هئا جيڪي عزت ۽ خوشيءَ جي علامت هئا. هو اڇا صاف ڪپڙا پائيندو هو، مٿي تي سنڌي ٽوپي رکي ويندي هئي ۽ کيس ڪلهن تي رنگين سنڌي اجرڪ اوڍائبي هئي. سندس چيلهه ۾ ڳاڙهي رنگ جي گوڏ ٻڌبي هئي. سندس سڄو روپ سندس شاديءَ جي ڏينهن واري گهوٽ جهڙو لڳندو هو. اها تبديلي ان وقت علامتي هوندي هئي جيڪا سندس زندگيءَ جي نئين مرحلي ڏانهن وڃڻ جي هڪ نشاني هوندي هئي، ڀلي هو پاڻ اڃا ان کي سمجهڻ لاءِ ننڍو ڇو نه هجي.

اصل عمل کان اڳ هڪ تقريب ٿيندي هئي جنهن کي سرگس چيو ويندو هو. اهو شايد هن رسم جو سڀ کان وڌيڪ پيارو ۽ دلڪش حصو هوندو هو. ٻار کي گهڻو ڪري سجايل گهوڙي تي ويهاربو هو ۽ جشن جي صورت ۾ ڳوٺ يا شهر جو چڪر لڳرايو ويندو هو. گهر وارا، مائٽ ۽ دوست گڏ هلندا هئا، جنهن سان اهو موقعو هڪ عوامي ميلي ۾ تبديل ٿي ويندو هو. اهو رڳو ٻار جو نه پر پوري برادري لاء خوشي، فخر ۽ روايت جي جاري رهڻ جو اعلان هوندو هو.
ماحول موسيقي، ٽهڪن ۽ ڳالهين سان ڀرجي ويندو هو. دهل وڄائڻ وارا جوش سان دهل کي وڄائيندا هئا، جن جون ڌنون گهٽين ۽ ڀر پاسي ۾ گونجنديون هيون. ساڳئي وقت ڪي ماڻهو وري شرنايون وڄائيندا هئا، جيڪا ان جشن ۾ اڃا به وڌيڪ مٺاڻ پيدا ڪندي هئي. دهل جي ڌمڪ ۽ شرنائي جو سر هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪندا هئا جيڪو نه رڳو خوشيءَ سان ڀرپور هوندو هو پر سنڌي ثقافت جي گهري سڃاڻپ به هوندو هو. وڏن لاءِ اها سندن ننڍپڻ جي ياد هوندي هئي، ننڍڙن لاءِ رنگن ۽ خوشيءَ جو ميلو ۽ والدين لاءِ فخر ۽ ساڳئي وقت فڪر جو گڏيل احساس.
طهر جو اصل عمل ڊاڪٽرن بدران حجم ڪندا هئا ۽ هن نازڪ ذميواري جا امين سمجهيا ويندا هئا. سندن ڪردار رڳو وار ڪٽڻ يا ڀت جون ديڳيون لاهڻ تائين محدود نه هوندو هو پر کين ثقافتي رسمن جا ماهر پڻ سمجهيو ويندو هو.
سڀ کان وڌيڪ اهم رڳو عمل نه پر ان سان جڙيل جذبا هوندا هئا.
عمل کان اڳ گهر جون عورتون جنهن ۾ ماءُ، ماسيون، پڦيون ۽ ڏاڏيون يا نانيون مصري کي پيهين ان جو پائوڊر تيار ڪنديون هيون. اهو مٺو پائوڊر تسلي ڏيڻ لاءِ يا سور جي احساس کي گهٽ ڪرڻ لاء نرمي سان ٻار جي وات ۾ وجهبو هو.
پوءِ هڪ اهڙي گهڙي ايندي هئي جيڪا حڪمت عملي سان ڀر پورهوندي هئي.
ٻار جو ڌيان هٽائڻ لاءِ کيس ڪو چوندو هو ته هو ڏس مٿي، سوني جهرڪي ڀت تي, ان معصوم گهڙي ۾ جڏهن ٻار حيرت سان مٿي ڏسندو هو ته، حجم پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيندو هو. اهو عمل ايترو تيز هوندو هو جو محسوس ئي نه ٿيندو هو پر پنهنجي معني ۾ تمام گهرو هوندو هو.
هن رسم ۾ مامي جو ڪردار نهايت اهم هوندو هو. ڪيترين سنڌي روايتن ۾ مامو حفاظت ۽ شفقت جي علامت هوندو آهي. تقريب دوران هو ٻار کي مضبوطي سان جهلي رکندو هو ته جيئن هو سڪون سان رهي. عمل کان پوءِ اڪثر مامو ئي ٻار کي پيار سان ڀاڪر پائي گهر واپس کڻي ايندو هو. لڳندو هو ڄڻ ٻار جي حفاظت عارضي طور سندس حوالي ڪئي وئي هجي.
پر رسم هتي ختم نه ٿيندي هئي.
جڏهن ٻار گهر موٽندو هو ته هڪ ٻي دلچسپ روايت سامهون ايندي هئي يعني گهر وارن، خاص ڪري ماءُ پيءُ تي پاڻي هاربو هو. هن رسم جو اصل سبب مڪمل طور واضح نه آهن ته ڇا اها صفائي جي علامت هئي؟ خوشيءَ جو اظهار؟ يا صرف جشن جو هڪ طريقو؟ شايد اها انهن سڀني شين جو ميلاپ هجي.
ان دوران مهمانن جي آجيان جاري رهندي هئي.
سنڌي ثقافت جو اهم حصو يعني مهمان نوازي، پنهنجي عروج تي هوندي هئي. مهمانن کي کارڪون، بوندي ۽ مختلف مٺايون ڏنيون وينديون هيون. ڪيترن گهرن ۾ خاص کاڌي جو بندوبست ٿيندو هو جنهن سان اهو موقعو هڪ وڏي دعوت ۾ بدلجي ويندو هو. گهرن ۽ اوطاقن جي اڱڻن ۾ ٽهڪا گونجندا هئا، ڪچهريون ۽ ڳالهيون هلنديون هيون ۽ رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا هئا.
هن رسم جو هڪ خوبصورت پاسو ڪرنسي نوٽن ۽ گلن جا هار هئا. مٽ مائٽ ، دوست يار ٻار جي ڳچيءَ ۾ نوٽن ۽ گلن جا هار پارائيندا هئا جيڪي دعائن ۽ خوشحالي جي علامت هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا هار سندن خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٻار جي والدين کي به ڏنا ويندا هئا.
اهي گهڙيون رڳو عام رواج ۽ رسمون نه هيون پر اهي اجتماعي احساس جا عڪس هئا. اهي اهڙي سماج جي نمائندگي ڪندا هئا جتي هڪ فرد يا خاندان جي خوشي گڏيل خوشي بڻجي ويندي هئي جتي ورهائڻ سان خوشي وڌندي هئي ۽ جتي روايتون ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍينديون هيون.

۽ پوء وقت سان گڏ تبديلي اڻٽر ٿي پئي.
طب جي ترقي ۽ صفائي بابت شعور وڌڻ سان حجمن جو ڪردار هوريان هوريان ختم ٿيڻ لڳو. والدين ڊاڪٽرن ۽ ڪلينڪن کي ترجيح ڏيڻ لڳا ته جيئن ٻارن لاءِ محفوظ ماحول يقيني بڻائي سگهجي. اها تبديلي نه رڳو عملي پر ضروري به هئي. صحت هميشه اول هجڻ گهرجي.
پر هن تبديلي ۾ اهي رواجي شيون وڃائجي ويون.
رسمن جا رنگ، موسيقي، گڏيل کل ڀوڳ، ٽهڪا، جذباتي ڳوڙها ۽ ثقافتي حسن هوريان هوريان گهٽجي ويا. اها رسم جيڪا ڪڏهن هڪ زندهه سماجي ميلو هوندو هو اهو هاڻي هڪ خانگي طبي عمل بڻجي ويو.
پر ڇا اهو ضروري آهي؟
منهنجي خيال ۾ ترقي جو مطلب روايتن کي ختم ڪرڻ نه هجڻ گهرجي پر انهن کي نئين روپ ۾ زندهه رهڻ گهرجي.
اهو بلڪل ٿي سگهي ٿو ته طهر ڀلي ڊاڪٽر محفوظ طريقي سان ڪن ۽ ساڳئي وقت ان سان جڙيل خوشيون، لباس، گڏجاڻيون، دهل ۽ شرنايون ۽ کاڌو ورهائڻ جاري رکجي.
روايتون بيهنديون ناهن پر اهي وقت سان گڏ تبديل ٿينديون آهن ۽ انهيءَ تبديلي ۾ هڪ موقعو لڪل هوندو آهي ته ڪيئن ماضي کي ياد رکي ان کي نئين معنيٰ ڏجي.
سنڌ ۾ شايد اسان هن رسم جو خاتمو نه پر ان جي تبديلي ڏسي رهيا آهيون. ڪجهه ڳوٺاڻن علائقن ۾ اها اڃا زندهه آهي، جڏهن ته شهرن ۾ اها نئين شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي.
آخرڪار سوال اهو ناهي ته روايتون تبديل ڇو ٿين, پر اهو آهي ته ڇا اسان انهن جي روح کي زندهه رکڻ چاهيون ٿا؟
ڇاڪاڻ ته انهن رسمن ۾ خاندانن، برادرين ۽ انسانيت جون ڪهاڻيون لڪل آهن. اهي اسان کي سيکارين ٿيون ته زندگيءَ جون ننڍڙيون گهڙيون به اهم هونديون آهن، خوشي ورهائڻ سان وڌندي آهي ۽ ثقافت رڳو ورثو نه پر هڪ جيئرو جاڳندو تجربو آهي.
جڏهن مان هي ڪالم لکان پيو ته منهنجي ذهن تي موري جا ٻه ڪردار ذهن تي تري آيا، هڪ هو چاچو پريو منگي جيڪو طهر ڪرڻ جو ماهر هو ۽ ٻيو چاچو احمد خان مڱڻهار جنهن جي دهل وڄائڻ جو انداز ئي نرالو هوندو هو.
موري جي انهن ٻنهي معتبر ڪردارن کي ذهن ۾ آڻيندي مون سوچو ته شايد سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به ڪو ننڍڙو ٻار سجايل گهوڙي تي ويٺو هجي، گهوٽ وانگر تيار، دهل جي ڌمڪ ۽ شرنائين جي سرن سان، ٽهڪن ۽ محبتن ۾ گهريل ۽ کيس خبر ئي نه هجي ته هو هڪ اهڙي روايت جو حصو آهي جيڪا وسرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي۔
____________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



