ڳالھيون ڏکڻ ڪوريا جي ٽوائليٽ ميوزيم ۽ اُن جي باني ”مسٽر ٽوائليٽ“ جون
ميوزيم جو باني سم جاءِ-ڊڪ Sim Jae-duck سوون (Suwon) شھر جو ميئر رهي چڪو هو. چيو وڃي ٿو سندس پيدائش بہ ٻهراڙيءَ جي پراڻي طرز جي ڪاڪوس ۾ ٿي هئي. سندس ڏاڏيءَ جو خيال هو ته جيڪي ٻار اهڙي هنڌ پيدا ٿين ٿا، اهي وڏي عمر ماڻين ٿا. شايد اهو ئي سبب هو جو هن سڄي زندگي ٽوائليٽس جي صفائي ۽ بهتريءَ کي پنهنجو مقصد بڻايو.
سندس نعرو هو ته “ٽوائليٽ رڳو گندگي صاف ڪرڻ جي جاءِ ناهي، پر اها صحت ۽ ثقافت جي علامت آهي.” هن اھو ميوزيم قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي گھر وارو پلاٽ عطيو ڪري ڇڏيو.

نصير اعجاز
پاڪستان کان بہ گھڻو پوئتي پيل مُلڪ جي سُڃاڻپ رکندڙ ڏکڻ ڪوريا جي حڪمرانن ۽ عوام اھڙي تہ سچائيءَ سان ڪم ڪيو جو اُھا قوم دنيا جي لاءِ مثال بڻجي وئي. رابندرناٿ ٽئگور ڪڏھن بہ ڪوريا ڪونہ ويو ھو، پر ھُن اڳڪٿي ڪئي ھئي تہ اڳتي ھلي اھو ملڪ ايشيا لاءِ ھڪ مشعل بڻجي ويندو. اھو ملڪ گھمندي مون کي محسوس ٿيو تہ واقعي ڪوريا تھذيب ۽ ترقيءَ جو ھڪ زندھ مثال آھي. شروع ۾ وڃڻ ٿيو تہ ھر ھنڌ جبلن کي ٽُڪي ٺاھيل سُرنگھون ڏسي اُن کي سُرنگھن جو مُلڪ چوڻ شروع ڪيم. وري جڏھن ھر شھر ۾ عجائب گھر ڏٺم تہ وائڙو ٿي ويس. ڀاڄين، سانڌاڻي ۽ مختلف اناجن جا ميوزيم، سڄي جھان مان گڏ ڪيل ايجادن جا ميوزيم وغيرہ وغيرہ. پر ھڪ ميوزيم تہ ٽوائليٽن يعني ڪاڪوسن جو بہ ڏٺم. ھتي انھيءَ ميوزيم بابت ڳالھيون ونڊيندس.
ڏکڻ ڪوريا جو اهو ٽوائليٽ ميوزيم ھڪ اھڙو عجائب گھر آھي جيڪو سڄي دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد ۽ دلچسپ ھنڌ آهي. ان کي عام طور تي “Mr. Toilet House” يا مقامي ٻوليءَ ۾ “Haewoojae” چيو ويندو آهي، جيڪو سوون (Suwon) شهر ۾ آهي.

ڏکڻ ڪوريا کي اڄ جي جديد دنيا ۾ نه صرف ٽيڪنالاجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، پر اتان جي عوامي سهولتن ۽ صفائيءَ جو معيار پڻ سڄي دنيا لاءِ هڪ نمونو آهي. خاص طور تي “ٽوائليٽ ڪلچر” جي حوالي سان ڪوريا جيڪا ترقي ڪئي آهي، اها حيران ڪندڙ به آهي ته سبق آموز پڻ.
سوون شهر جو ٽوائليٽ ميوزيم (Haewoojae) دنيا جو شايد واحد عجائب گھر آهي جيڪو انساني حاجت ۽ ان سان لاڳاپيل تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هن ميوزيم جي عمارت جو نقشو پاڻ هڪ “ڪموڊ” جهڙو آهي.
ميوزيم ۾ موجود ماڊلز ڏيکارين ٿا ته ڪوريا جي قديم معاشري ۾ ٽوائليٽ جو ڪهڙو تصور هو. ھڪ ماڊل ۾ ماءُ ٻار کي پيرن تي ويهاري پاٽي ڪرائي رھي ھئي، جنھن کي ڏسي مان حيران ٿي ويس ته اها هڪ فطري تربيت هئي جيڪا سنڌ ۾ بہ نسلن کان هلي اچي پئي. سنڌ ۾ بہ اڳي جيئن ڳوٺن ۾ ماڻھو حاجت لاءِ گھرن کان نڪري ويندا ھئا، جنھن لاءِ چئبو ھو تہ جھنگ جي خيال کان وڃان، يا گھرن سان لڳ چوديواريءَ اندر کُليل ڪاڪوس ھوندا ھئا، ۽ وري ڪاڪوسن اندر چُلھا ٺھڻ لڳا، تيئن ڪوريا ۾ ساڳيو سلسلو ھو، جنھن جي عڪاسي ڪئي وئي ھئي.

اتي پٿر جي دور کان وٺي ڪاٺ جي قديم ٽوائليٽس ۽ پوءِ اڄ جي جديد سينسر واري نظام تائين جي سفر کي تمام خوبصورتيءَ سان ماڊلز ذريعي سمجھايو ويو آهي.
ان ميوزيم جي پٺيان هڪ تمام دلچسپ شخصيت جو هٿ آهي، جنهن کي پيار مان “مسٽر ٽوائليٽ” سڏيو ويندو هو. هن ميوزيم جو باني سم جاءِ-ڊڪ Sim Jae-duck هو، جيڪو ڏکڻ ڪوريا جي شهر سوون (Suwon) جو ميئر رهي چڪو هو. سندس زندگي ۽ هن مقصد سان لاڳاپيل ڪجهه اهم ۽ دلچسپ پهلو آهن. چيو وڃي ٿو ته سم جاءِ-ڊڪ جي پيدائش پاڻ هڪ ٽوائليٽ (ٻهراڙيءَ جي پراڻي طرز جي ڪاڪوس) ۾ ٿي هئي. سندس ڏاڏيءَ جو خيال هو ته جيڪي ٻار اهڙي هنڌ پيدا ٿين ٿا، اهي وڏي عمر ماڻين ٿا. شايد اهو ئي سبب هو جو هن سڄي زندگي ٽوائليٽس جي صفائي ۽ بهتريءَ کي پنهنجو مقصد بڻايو.
2007ع ۾ هُن ورلڊ ٽوائليٽ ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو. سندس مقصد دنيا جي غريب ملڪن ۾ صفائيءَ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ انساني صحت لاءِ محفوظ ٽوائليٽس فراهم ڪرڻ هو. سندس نعرو هو ته “ٽوائليٽ رڳو گندگي صاف ڪرڻ جي جاءِ ناهي، پر اها صحت ۽ ثقافت جي علامت آهي.”
هن اھو ميوزيم قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي گھر وارو پلاٽ عطيو ڪري ڇڏيو. سم جاءِ-ڊڪ پنهنجي 30 سال پراڻي خانداني گهر کي ڊاهي، اتي هڪ نئين عمارت تعمير ڪرائي جنهن جي شڪل ڪموڊ (Toilet Seat) جهڙي هئي. هن ان عمارت جو نالو “Haewoojae” رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي “اهو هنڌ جتي انسان پنهنجون پريشانيون ختم ڪري ٿو.”

2009ع ۾ سندس وفات کانپوءِ، سندس خاندان ان قيمتي ملڪيت ۽ پلاٽ کي سوون سٽي ڪائونسل کي عطيو ڪري ڏنو، ته جيئن ان کي هڪ عوامي ميوزيم طور استعمال ڪري سگهجي.
سم جاءِ-ڊڪ جي ڪوششن جي ڪري ئي ڏکڻ ڪوريا ۾ 2002ع جي ورلڊ ڪپ دوران پبلڪ ٽوائليٽس کي جديد بڻايو ويو. هن اهو ثابت ڪيو ته هڪ معمولي سمجهي ويندڙ شئي تي ڌيان ڏئي سڄي ملڪ جي سياحت ۽ صحت جي معيار کي ڪيئن بلند ڪري سگهجي ٿو.
اڄ اهو ميوزيم سڄي دنيا جي سياحن لاءِ ڪشش جو مرڪز آهي، جتي ٻارن کي راند ئي راند ۾ صفائيءَ جي اهميت سيکاري ويندي آهي.
ڏکڻ ڪوريا جي سڀ کان وڏي خوبي اتان جا پبلڪ ٽوائليٽس آهن. چاهي اها ڪا پارڪ هجي، ميٽرو اسٽيشن هجي يا ڪا عام گھٽي، توهان کي هر هنڌ ٽوائليٽ ملندا. اهي ٽوائليٽ صرف نالي جا نه پر تمام گهڻو صاف سٿرا هوندا آهن. اتي صابڻ، ٽشو پيپر ۽ گرم پاڻي جي سهولت موجود هجڻ هڪ عام ڳالهه آهي. ھتان وانگر نہ جتي ھڪ تہ پبلڪ ٽوائليٽ اڻلڀ، ۽ جيڪي آھن، اُتي پئسا ورتا وڃن ٿا، ۽ اندر گھڙ تہ گندگي ۽ غلاظت ايتري جو ان ڌپ کان ڀڄي ماڻھو ٻاھر نڪريو اچي.
ڪوريائي ٽوائليٽس ۾ اڪثر جديد بِيڊيٽ (Bidet) سسٽم لڳل هوندو آهي، جنهن ۾ سيٽ کي گرم ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي خودڪار نظام جهڙيون سهولتون هونديون آهن.

ڪوريا جي صفائيءَ جو اصل راز سندن تعليمي نظام ۾ آهي. اسڪولن ۾ ٻارن کي صرف ڪتابي علم نه، پر سماجي ذميواريون به سيکاريون وڃن ٿيون. ٻارن کي ننڍي عمر کان اها تعليم ڏني وڃي ٿي ته رستن يا کليل هنڌن تي پيشاب ڪرڻ هڪ غير مُھذب عمل آهي. ان کي سختيءَ سان روڪيو وڃي ٿو ته جيئن شهرن جي فضائن ۾ بُوءِ پيدا نه ٿئي ۽ بيماريون نه پکڙجن. ٻارن کي سيکاريو وڃي ٿو ته ٽوائليٽ استعمال ڪرڻ کانپوءِ ان کي ايندڙ شخص لاءِ اوترو ئي صاف ڇڏڻ گهرجي جيترو اهو کين مليو هو. اسان ھڪ شھر ۾ قديم زماني جو ھڪ قلعو ڏسڻ وياسين جتي ڪوريائي اسڪولي ٻارن جون بسون ڀري سياحت ۽ پنھنجي ڪلچر کان واقف ڪرڻ لاءِ آندو ويو ھو. اتي جيئن تہ ھر وقت سياحن جي اچ وڃ رھي ٿي تنھنڪري قلعي جي ٻاھران ھڪ مخصوص ھنڌ تي ڪنٽينرن ۾ جديد ٽوائليٽ ٺاھيا ويا ھئا، پر مجال جو انھن جو گندو پاڻي يا ٻيو ڪو گند ڪنٽينرن کان ٻاھر ھاريل ھجي.
ڏکڻ ڪوريا جي هن “ٽوائليٽ انقلاب” سياحن تي تمام مثبت اثر وڌو آهي. جڏهن هڪ پرڏيهي سياح ڪنهن به هنڌ بنا ڪنهن هٻڪ جي پبلڪ ٽوائليٽ استعمال ڪري سگهي ٿو، ته ان ملڪ جو وقار وڌي وڃي ٿو.
ڏکڻ ڪوريا جو ٽوائليٽ ميوزيم ۽ اتان جو صفائي وارو نظام اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته صفائي صرف هڪ ضرورت ناهي پر اها هڪ ثقافت ۽ تهذيب جو حصو آهي. جيڪڏهن قومي سطح تي ارادو هجي ۽ ٻارن جي صحيح تربيت ڪئي وڃي، ته ڪنهن به معاشري مان گندگي جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو.
________________
نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت ياتھن ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو ست ڀيرا ڏکڻ ڪوريا وڃي سمورو ملڪ گھمي چُڪو آھي.



