ڌاڙيلن جو ڇِتو دور ۽ ٻيلي کاتي جي نوڪري: شاعر مير محمد پيرزادي جون يادگيريون
مير محمد پيرزادو جڏهن پَئي فارم تي مينيجر ٿيو ته اُهو ڌاڙيلن جو ڇتو دور هيو، ھُو سائين امداد شاهه وٽ ويو، جنھن چيس ته ”ٻه ڪم ڪجان. هڪ ته اُتي سائين اميرحيدر شاهه جي هڪڙي دعوت ڪري ڇڏ، ٻيو ته گارڊ ڪڏهن به پاڻ سان گڏ نه رکجان.“

رحمت پيرزادو
جڏهن بابا پَئي فارم تي مينيجر ٿيو ته اُهو ڌاڙيلن جو ڇتو دور هيو، سو سائين امداد شاهه وٽ ويو، سائينءَ چيس ته ”ٻه ڪم ڪجان هڪ ته اُتي سائين اميرحيدر شاهه جي هڪڙي دعوت ڪري ڇڏ، ٻيو ته گارڊ ڪڏهن به پاڻ سان گڏ نه رکجان.“
بابا ٻئي ڪم ڪيا ۽ ٽيون ڪم اِهو ڪيئين ته رينجرس جي ڇانوڻيءَ کان فارم جي يارنهن سئو ايڪڙ غير آباد ٻني واپس وٺي، سرڪاري مشينريءَ سان گڏ سائين امداد محمد شاهه کان ذاتي ٽريڪٽر ۽ هَرَ وٺي اُها آباد ڪرايئين. شهر جا ماڻهو حيران هيا ته سائين ميرمحمد ان غير آباد ٻنيءَ کي آباد ڪندو ته لکاپتي ٿي ويندو، ڇو ته اُها نئين زمين آهي، جيڪا اُپت لکرائيندو اها قابلِ قبول هوندي ڇو ته پُراڻو ڪو به کاتو يا رڪارڊ ناهي، جنهن سان اُپت ڀيٽي سگھجي، ان لاءِ ڪا دانهن به ڪا نه ٿيندي.
ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر بدر الدين سومرو بابا جو ڪلاس فيلو هيو ۽ بابا جي سڄي سرڪاري رڪارڊ کان واقف هيو ۽ اها ذاتي ڳالهه آهي پر لکي ٿو ڇڏيان ته بابا کان ڊاڪٽر صاحب ذاتي حيثيت ۾ پڇا ڪئي ته ”ادا پئسا کائڻا آهن يا ناهن کائڻا؟“
بابا چيس ”هڪ روپيو به ناهي کائڻو.“
ڊاڪٽر صاحب چيس ”Agreed and Proud of you.“ پوءِ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي سڪرنڊ واري يونٽ ۽ پَئي فارم جو اُن زماني جو رڪارڊ اڄ به گواهه آهي ته بهترين ڪم جو زمانو اُهو ئي هيو. جڏهن بابا اتهان ويو ته سندس کيسي جا خرچ ٿيل پئسا به اڪائونٽس وارا کيس نه پيا ڏين، جيڪي خليل مورياڻي ڊي جي ٿيو ته وڙهي بابا کي واپس وٺرائي ڏنئين.

اسان کي رڳو هڪ ڀيرو وڻن مان لاٿل تازي ماکي ملي، جيڪا غلام حيدر ڪيريو ڊرائيور ٻيلي مان جلباڻين کي چئي لهرائي آيو هيو. (غلام حيدر ڪيريو ڪجھ ڏينهن اڳي گذاري ويو، اناالله وانا اله راجعون.) مان ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ته بابا پَئي ٻيلي تي مئنيجر هيو ۽ کيس هڪ جيپ مليل هئي، جنهن جو ڊرائيور غلام حيدر ڪيريو مرحوم هيو. هاڻي مون کيس فوٽوءَ ۾ جھور پوڙهو ڏٺو پر ان وقت هُو گلاب جي گُل جهڙو جوان هئو ۽ اِن تَر جي سڀني ڪيرين وانگر Active ۽ Extra Efficient هيو. ٿيو ڇا ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سڪرنڊ جو ڊائريڪٽر ڪو پنجابي هيو، جيڪو غلام حيدر ڪيريي سميت ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو. اسان کي صبح سان تڏهن خبر پئي جڏهن غلام حيدر ڪيريي جي امڙ اچي در کڙڪايو ۽ بابا کي منٿون ڪندي روئندي چيو ته ”منهنجو پٽ اغوا ٿي ويو آهي، تيستائين نه اُٿنديس جيستائين واپس نه ڪرائي ڏيندين.“
بابا کيس آٿت ڏئي آفيس هليو ويو ۽ سائين امداد شاهه سان ملي سائين امير حيدر شاهه جي معرفت مشڪل سان غلام حيدر ڪيريي کي ڇڏرائي آيو. جيئن غلام حيدر واپس آيو ته مٺايون ورهايون ويون، پر شام جو ئي وري کيس فوجي کڻي ويا ته اسان جي ماڻهوءَ پنجابي ڊائريڪٽر کي تو کڻايو آهي. وري بابا ڏي سندس امڙ روئندي آئي، سائين هاڻي وري ڪا واهر ڪر، بابا چيس ”امان انهن ڌاڙيلن کان ته منهنجو ابو به تنهنجي پُٽ کي ڪو نه ڇڏائي سگھندو. باقي انتظار ڪر، ضروري پڇا ڳڇا کان پوءِ پاڻ ئي ڇڏي ڏيندس.“ ۽ ٿيو به ايئن، ته شايد ٻن ڏينهن کان پوءِ غلام حيدر ڪيريي کي واپس ڇڏي ويا.
هُو فرض شناس ڊرائيور هيو، ڪجھ ڏينهن هُو اسان کي اسڪول به کڻي ويندو هيو. پوءِ نئين گاڏي بابا کي ملي ته مون غلام حيدر کان پڇيو ”چاچا هي گاڏي هُن کان ڀلي آهي؟“
چئين ”نه سائين هُوءَ پراڻي گاڏي مکڻ هئي.“
بابا جي فرض شناسي رڳو ڊرائيورَن کي ڌاڙيلن کان ڇڏائڻ تائين نه هئي پر هڪ ڀيري پَئي فارم جي مئنيجريءَ دوران بابا کي رات جو ٻين وڳي ٽريڪٽر تي پَئي ٻيلي جي فار تان ماڻهو وٺڻ آيو ته ”سائين پاڻيءَ جي واري تان جھيڙو پيو ٿئي، اصل مڙس مري پَوندا. مهرباني ڪري توهان هلو.“ بابا اڌ رات جو اٿي انهن سان هليو ويو ته هاري کيس رات جو آفيس ايندي ڏسي ماٺ ٿي ويهي رهيا جھيڙو ٽَري ويو. صبح جو رَکئي کوکر ڌاڙيل، چاچا بچل جلباڻيءَ کي ميار ڏيندي چيو ته ”پيرزادي کي چئهُ ته باقي چوڙيون بچيون آهن اُهي به مون کي پارائي وڃي.“

اسان جي گھر لاءِ سالن کان ڪاٺيون ٻيلي مان بابو ٽريڪٽر تي ٽالهي ڀرائي آڻيندو هيو، ٽالهي ايندي هئي ته ڀِت جي ٻاهران بيهاري ماڻهو ڪاٺيون ٿَلهي تي بي ترتيب اڇلي ويندا هئا. انهن مزدورَن لاءِ گوشت ۾ پلاءُ رڌيو ويندو هيو. ٻئي ڏينهن سائيڪل تي ڪهاڙو کڻي هڪ ملاح ذات جو مزدُور ايندو هيو، جيڪو ڏينهن ۾ ڪاٺيون چيري انهن کي ترتيب سان هڪ ڀت جي ڀرسان ڍير ڪري ويندو هيو. اُن زماني ۾ سئي گيس نه هئي، تنهن ڪري ڪجھ ماڻهو سيلينڊر تي ماني پچائيندا هيا ته ڪجھ ڪاٺين تي پچائيندا هئا.
هڪ ڀيرو ملاحن ۽ شايد جلالاڻن جو جھيڙو ٿيو ۽ هڪ ملاح مري پيو، اسان وٽ ملاح ڪهاڙو کنيون بيٺو هيو ته هڪ جلالاڻي صاحب موٽرسائيڪل تي بابا سان ملڻ لاءِ آيو، جيڪو اڪثر بابا وٽ ايندو رهندو هيو. اُن ڏينهن ڀاڳ ڀلو هيس، هُو به اسان جي در تي ته مان به در تي ملي ويو مانس، پريان بابو تڪڙو تڪڙو ڄڻ ڀڄندو پَئي آيو، ته مان جلالاڻيءَ کي چيو ته ”هُو اچي پيو بابا.“ بابا هُن کي تڪڙو سڏ ڪيو ته هُن اسٽارٽ ٿيل بائيڪ هلائي، هُو مَٽيو ته ملاح به ڪهاڙي سان ٻاهر نڪتو. پر جلالاڻي صاحب ۽ بابا بائيڪ تي وڃي چڪا هئا.
رات جو بابا چيو ”بس ٿورو فرق ٿي ويو، نه ته جلالاڻي چون هان ته ميرمحمد صاحب ملاحن جي ونگار وَهي ويو.“ پر اتفاق اِهو ٿيو ته اُهو ئي جلالاڻن جو آفيسر پوءِ سڪرنڊ شهر ۾ ملاحن هٿان بي درديءَ سان ماريو ويو. جيستائين ماڻهن جي هٿن ۾ ڪهاڙي جي جاءِ تي ڪتاب نه ايندو تيستائين اهڙا جوان بي ڏوها ماريا ويندا. ڇو ته هُن جو ڊائريڪٽ جھيڙو ٿيل نه هيو پر هُو آفيسر ماڻهو هيو تنهن ڪري چڱو ڏِسي ماريو ويو.
مٺل ملاح سان بابا جي ياري مٿو مَٿي تي هئي، مون کي ياد آهي ته 1981ع ۾ بابا جو پهريون ڪتاب ”مکڙيون ماڪ ڦڙا“ ڇپيو ته حيدرآباد مان پهريون ٻه ڪاپيون مٺل ئي کڻي آيو هيو. بابا پنهنجي هٿ ۾ پنهنجو پهريون ڪتاب کڻي ويٺو هيو. ڄڻ کيس اعتبار ئي نه ايندو هجي. ڇا ته خوشي هئي بابا جي چهري تي، مٺل ملاح به ڄڻ اُڏامندو آيو هيو.
مٺل سان بابا جا ڀوڳ هوندا هيا. هڪ ڀيري مٺل ملاح آيو چيئين ”سائين! ڇا ته وِيرَ چڙهي هئي سمنڊ تي، اخبار ۾ پڙهيو هوندوَ! ست ماڻهو مري ويا. مان به ويرَ جو ٻڌي ملاحن سان ڊاٽسن تي چڙهي پيس.“
بابا چيس ”ڀلا مري ويل اَٺ نه ٿيا ڇا! تون ته ڪوشش پوري ڪئي.“ مٺل ڪياڙي کَنهي کلڻ لڳو.
هڪ ڀيري مٺل آيو چيئين ”سائين! ڀٽائيءَ جو هڪڙو بيت مليو آهي، پر اهو اتي تنهنجي دوڪان تي نه سمجھي سگھبو، توهان کي مون سان هلڻو پوندو، اتي ڳوٺ کان اڳ ۾ هڪڙي ڇپري آهي. اِهو بيت اُتي هلي توهان کي ٻڌائيندس. ڇو ته رات جو اسان موالي ماڻهو اتي ويهندا آهيون، سو ڪنهن مهل جو اُهو بيت رسالي مان مليو ته بس ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيئين.“
بابا منظور کي چيو ته ”چنگچيءَ واري کي وٺي آ ته اسان مياڻ مان ٿي اچئون.“
چنگچيءَ تي مياڻ کان اُتر ۾ ڳوٺ جي ڀرسان پنڌ ڪري اُن ڇپري تي پڳاسين ته سَرسبز اصل ڪارو سائو (Lush Green) گاهه هيو. سياري جا ڏينهن هيا ٽي ٿيا هئا شام جا، اسان به اُتي ڪاٺ جي بينچ تي وڃي ويٺاسين، ته مٺل چانهه گھرائي ۽ اُتي هي بيت ٻڌايئين:
سامي مَڙهي سندياءِ، سامهين مون سِيلُ ٿي،
سا تو ڪوههُ اَڏياءِ، جي نانگا وڃئين نڪري. (شاهه)
تِن ڏينهَن ۾ تازو سائين حنيف شاهه تلهار هليو ويو هيو، سو بابا اُن بيت کي اوڏانهن ڇڪيو. مٺل ملاح وضاحت ڏني ته ”سائين! سِيلُ هڪ چهنبدار وڏو سڌو ڪنڊو ٿيندو آهي، هيءَ مڙهي وري ٺري جا خمار بس ڳالهه ئي نه پڇو.“ پوءِ اسان دير سان اتهان واپس موٽيا هياسين.
بابا ٻڌايو ته هڪ ڀيرو خبر پئي ته ٺٽي ۾ ڪو محمد ابراهيم جويي زبردست ليڪچر ڏنو آهي. جن دوستن وٽ اُهو پروگرام ٿيو هيو، بابا انهن سان خط ۽ ڪتابت ڪئي ۽ نيٺ مٺل ملاح ٺٽي موڪليو ويو ته اُها ڪيسيٽ کڻي ايندو، جنهن ۾ جويي صاحب جو ليڪچر رڪارڊ ٿيل آهي. سو مٺل ملاح ڪنهن خميس تي ويو ۽ جمعي تي موٽي آيو پر ڪيسيٽ نه آندئين. بابا پڇيس ”مٺل ڏي حال احوال؟“
”سائين ٺٽي ۾ رات رهياسين، ڪيسيٽ به ملي ۽ اُتي ٻڌي به ورتم، صبح جو نڪتس ته وين ڪلٽي ٿي پئي. ٻه ماڻهو مَري به ويا، مشڪل سان ماتليءَ مان ٻي گاڏي مِلي، حيدر آباد پهتس ته ڏسان ته ڪيسيٽ ته کيسي ۾ ناهي. سو وري ٻي گاڏيءَ ۾ واپس ويس، مون کي به بوڇڻ ڪُلهي تي هيو، ايڪسيڊنٽ واري جڳهه تي پهتس ته هڪ ٻن ماڻهن مون کي به سڃاتو، اصل ۾ اتهان ڪو ڊرائيور حادثي کان پوءِ فرار ٿي ويو هيو، سو پوليس وارَن مون کي ڊرائيور سمجھيو، ڇڏن ئي نه پيا. پوءِ زوريءَ جانِ ڇڏايم، چين ته موٽي آيو ڇو آن؟ سو چيو مانِ ته ڪيسيٽ رهجي وئي آهي، اُتي وڏي منڇيءَ گلي مان جھلي چيو ته ”سِرُ بچيو اَٿئي ميان جا فقير! وري ٻيهر آيو آهين، هتي ٻه ماڻهو مري ويا آهن، توکي ڪيسيٽ جي لڳي آهي.“ بس سائين! پوءِ به گھڻي جاچيم پر اتان به نه ملي. سو احوال اِهو آهي.“ بابا وارا ڪافي عرصي تائين مٺل جي اِن ڳالهه تي پيا کلندا هئا.
مٺل ملاح جو ٻيو واقعو ٻڌائيندا آهن ته هُو هڪ ڏينهن گھران نڪتو ته چيئين ”اڄ ايڏي رش ڇاجي آهي.“ ماڻهن چيس ”مٺل اڄ عيد جو ڏينهن آهي.“ کيس هڪ پُٽ هيو ۽ گھر واري گُذاري وئي هيس. سو اڃا به ڪي ڳالهيون آهن پر ڇا لکجن، خاص طور تي مٺل جي هڪ هالا واري عشق جي ڳالهه ڇڏي ٿو ڏيان. هاڻي ته وڃي ڳالهيون ئي رهيون آهن.
اسان جي ماسيءَ جي مڙس جو نالو لال بخش هيو کيس پيار سان ”مٺل مٺل“ سڏيندا هيا، هڪ ڀيري مٺل ملاح اسان جي گھر جو دروازو ٺڙڪايو ته امان پڇيس ”ادا ڪير آهي؟“
”امان مان مٺل. “
”ادا صاحب اوطاق ۾ ويٺو اٿَوَ.“ ايئن چئي امان وري اوطاق واري اندرئين در مان اچي چيو ”ٻاهر ادو لال بخش بيٺو اَٿَوَ، در ته کوليوس.“ اسان کل روڪي نه سگھياسين، مٺل ته اندر اچي به ويو، چيئين ”کلو ڇاتي ٿا.“ هاڻي مٺل کي ڇا ٻُڌايون ته امان تنهنجو تعارف اڳي ئي ڪرائي وئي آهي.

مٺل ملاح جو جوڙ هوندو هيو سائين احمد نواز سومرو. جاکوڙي، سچو ماڻهو. هڪ ٻه تنظيمي گڏجاڻيون سندس ڪوارٽر تي مون به اٽينڊ ڪيون، اُتي احمد نواز سومري جي ڳالهه اهميت سان ٻڌي ويندي هئي. بابا سان هُنن جو روز جو ملڻ هوندو هيو. اِن لاءِ پرسنل تعلق واريون ڪجھ يادگيريون هتي لکڻ مناسب سمجھان ٿو. هڪ ڀيري شام جو بابا وٽ آيو، چيئين ”سائين ڪلهه امان کي ڏيکارڻ ڊاڪٽر ڏانهن ويس، گھر ۾ پٽ جو ڪو مسئلو هيو، ڪجھ ٻاهر جا ڪم، وري گاڏي به مشڪل سان ڪيم، ڪجھ ٻيون به دوائون وٺڻيون هيون سو هرٻر ۾ وڃي ڊاڪٽر تائين پهتس. ڊاڪٽر ته توهان سٺو ٻڌايو پر ڪا رش هيس پوءِ ڪمپائونڊر کي مڙئي خرچي ڏئي چيومانس ته مٺياڻيءَ مان آيو آهيان، سو هن پوءِ ڪنهن ٻئي جي نمبر تي موڪليو، امان کي وڃي ڊاڪٽر جي سامهون ويهاريم ته ڊاڪٽر امان جي طبيعت مان ته مطمعن هيو پر چيئين ته ”پوڙهي ته ٺيڪ آهي پر مون کي توهان جي طبيعت ٺيڪ نه ٿي لڳي، ٻاهر پنهنجو بلڊپريشر چيڪ ڪرايو، ننڊ به لڳي ٿو ته نه ٿي اچئي، پوڙهي ٺيڪ آهي تون پنهنجي طبيعت جو خاص خيال رک.“ سو سائين اهي اَٿَو حال احوال.“
بابو کل ۾ اونڌو هجي. پوءِ ڄڻ اِها ڳالهه ڪچهرين ۾ محاورو بڻجي وئي ته ”مريض ته ٺيڪ آهي پر (Attendant) جو علاج ٿيڻ گھرجي.“
سائين احمد نواز سومرو جڏهن رٽائير ٿيو ته سندس فيملي اڳ ئي حيدرآباد هلي وئي هئي، سائين اوڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪري ويهي رهيو. ٻارن چيس ”بابا تون رٽائير ٿيو آهين، هاڻي پينشن گھر ويٺي پئي ملندي. توهان هاڻي اسان کي ٽائيم ڏيو، گھروارَن ۽ ٻارن کي وقت ڏيو.“ پر سائينءَ چيو ”نه بابا! سائين ميرمحمد هتي، سائين زين شاهه هتي، مٺل ملاح هتي، منير شاهه هتي، ٻيا سڀ هتي، مان هِن شهر ۾ چاليهه پنجاهه سال رهيو آهيان، هاڻي مان هي شهر نه ڇڏيندس ۽ مون کي حيدرآباد ۾ مزو به نه ٿو اچي.“ ايئن هُو رٽائيرمينٽ کان پوءِ به ڪافي عرصو اُتي ئي رهيو. ايئن بابا به شهر ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيو. 1969ع کان 2019ع تائين پنجاهه سال سڪرنڊ ۾ رهيو.
هڪ ڀيرو فارم تان بابا ۽ مان ڪوڏوءَ جي ٽانگي تي چڙهياسين، فار سڪرنڊ شهر کان ٻه اڍائي ميل پري هيو. تڏهن فارم ۽ شهر جو وچ خالي هوندو هيو، هاڻ ته زرعي فارم به شهر ٿي ويو آهي. ڪوڏوءَ جي ٽانگي ۾ ڪافي دير ويٺا هياسين، ڪوڏو ٽانگو هلائي ئي نه پيو، وري هڪ فيلڊ اسسٽنٽ ڪيريو اچي چڙهيو، (نالو ياد نه ٿو اچي پر ڏاڍو ڀلو ماڻهو هيو.) ته به ڪوڏو هيڏانهن هوڏانهن سواريءَ لاءِ لئونڻا هڻي رهيو هيو، نيٺ بابا چيس ”ابا تيسين ته پَنڌ به پُڄي وڃون هان!“
ڪوڏو ڀورڙو ۽ ڳاڙهي رنگ جو هوندو هيو ۽ گھوڙو به اڇي رنگ جو هوندو هيس. هڪ نيٽ جو لڪڻ به هٿ ۾ هوندو هيس، جنهن ۾ رسي ٻڌل هوندي هئي، اها ڪشميري جهڙي مضبوط رسي هئي، جنهن ۾ ڌڪ هوندو هيو. سو گھوڙي کي هلڪو هڻي گاڏي هلائڻ شروع ڪيئين ۽ چوڻ لڳو ”سائين گھوڙو به گاڏي تڏهن هلائيندو جڏهن گاڏيءَ ۾ وزن هجي، ٻه ٽي ته ماڻهو هجن.“
بابا چيس ”پوءِ ٻه سگھا جوان رک، انهن کي کاراءِ پيار، تاتي پالي ڀلا لٽا پارائي گھوڙي گاڏيءَ ۾ ويهاري ڇڏ، ٻي صورت ۾ تو وارو گھوڙو سڌرندو ڪو نه.“ بابا جو ايئن چوڻ ۽ اچي ٿو ڪيريو ٽهڪ ڏئي، پوءِ ته کلي کيرا ٿي وياسين. ڪوڏوءَ ڪَنُ کَنهي چهبڪ هلايو ته گھوڙو ڊوڙڻ لڳو.
اهي گھوڙا گاڏيون قاضي احمد روڊ سان نيشنل بينڪ ڪراس ڪري، مڇيءَ وارَن جي دوڪانن وٽ، لاکي پنساريءَ جي دوڪان ڀرسان مئن بازار جي ڀرسان بيهندا هيا، اتي ئي قاضي وريل جيڪو ذات جو خاصخيلي هيو اُن جي حڪمت جو مرڪز هوندو هيو، جتي اسان اڪثر دوا وٺڻ ويندا هياسين. اُن کان اڳي اسٽيشن روڊ تي حاجي حيدر پنجابي ٻارَن جو ماهر ڊاڪٽر هوندو هيو. تڏهن ڊسپوزيبل سرنجز جو زمانو نه هيو، ڊاڪٽر حيدر جو ڪمپائونڊر گرم پاڻيءَ ۾ شيشي جون سرنجون پيو اوٻاري صاف ڪندو هيو. بهرحال هاڻي گھوڙا گاڏيءَ جو ته رواج ئي ختم ٿي ويو، ڪجھ گھوڙا باقي عيدن شاهه جي اوطاق تي بچيل هوندا، ڇو ته اُهو گھوڙن جو شوقين هيو.
هاڻي چنگچيءَ وارَن جو دور آهي، نه ته بابا جڏهن ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري جي آفيس، فيلڊ ڀرسان سائينس ڪاليج سڪرنڊ وٽ ٺهرائي ته روز ٽانگي تي چڙهي آفيس ويندو هيو. پوءِ چاڪليٽي ڪلر جي سنگل ڪئبن گاڏي اداري کي ڊائريڪٽر لاءِ ملي ۽ اُها چارج بابا وٽ هئي ته گاڏي به بابا جي انڊر ۾ رَهي، پوءِ بابا اُن گاڏيءَ ۾ ايندو ويندو هيو.
ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري جي آفيس واري پلاٽ وٽ، شهباز ڪالونيءَ جي شايد پلاٽنگ ٿيڻ لڳي هئي. سو بابا پاڻ ويهي اُن آفيس جي جاءِ واپس ورتي، نه ته سڪرنڊ جي رندَن جي نيت نه هئي. پوءِ به بابا کي پيا ميارون ڏيندا هيا ته ”توهان زوريءَ اسان کان اِهو پلاٽ وٺي ويا آهيو. اِهو فارم جو هيو ئي ڪو نه.“ بهرحال اهي داستان تفصيل سان لکڻ جهڙا آهن. (ھلندڙ)
_________________

ليکڪ رحمت پيرزادو



