Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سچل سرمست: رياڪاري، فرقيواريت ۽ تنگ نظريءَ خلاف آواز اٿاريندڙ شاعر

سچل جو عشق هڪ باطني بغاوت آهي. سندس ڪلام ۾ هندو، مسلم، سِک يا ڪنهن به ڌرم جي حدبندي نظر نٿي اچي۔ هو انسانيت کي هڪ ئي سرچشمي سان ڳنڍي ٿو، محبت جي سرچشمي سان.

سچل وقت جي مذهبي پيشوائن ۽ سماجي رياڪارن تي تنقيد ڪئي۔ ان جرئت سبب کيس مخالفت به سهڻي پئي، پر هن سچ چوڻ نه ڇڏيو۔ ان ڪري ئي کيس سارو سچ سڏيو ويو۔

حڪيم پريم چاندواڻي

سنڌ جي صوفي روايت جڏهن به ياد ڪئي وڃي ٿي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيء کان پوءِ جنهن نالي تي دل بي اختيار ٿي وڃي ٿي، اهو آهي سچل سرمست۔ سچل کي سچل سارو سچ، ان ڪري سڏيو ويو، ڇاڪاڻ⁠ ته سندس زبان تي جيڪو به آيو، اهو بنا ڪنهن لڪ جي سچ بڻجي نڪتو۔ سندس شاعريءَ ۾ نه رڳو عشق جي باهه آهي، پر فڪر جي روشني ۽ وحدت جي وسعت به موجود آهي۔

صوفياڻو رنگ: عشق جو ازلي پيغام

سچل سرمست جي شاعريءَ جو بنيادي محور عشق آهي، اهو عشق جيڪو رڳو انساني محبت تائين محدود نه، پر ڪائنات جي خالق سان هڪ روحاني لاڳاپي جو اظهار آهي۔ هن وٽ عشق هڪ باطني بغاوت به آهي، جيڪا ظاهري رياڪاري، فرقيواريت ۽ تنگ نظريءَ خلاف آواز اٿاري ٿو۔

سچل چوي ٿو ته انسان جي اصل سڃاڻپ مذهب، ذات يا قوم ۾ ناهي، پر ان جي اندر موجود نور ۾ آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪلام ۾ هندو، مسلم، سِک يا ڪنهن به ڌرم جي حدبندي نظر نٿي اچي۔ هو انسانيت کي هڪ ئي سرچشمي سان ڳنڍي ٿو، محبت جي سرچشمي سان۔

وحدت الوجود جو اثر

سچل سرمست جي فڪر تي ابن عربي جي فلسفي وحدت الوجود جو گهرو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔ وحدت الوجود جو بنيادي تصور اهو آهي ته ڪائنات ۾ موجود هر شئي دراصل هڪ ئي وجود جو اظهار آهي۔ خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ جدائي هڪ ظاهري پردو آهي، حقيقت ۾ سڀ ڪجهه هڪ آهي۔

سچل پنهنجي شاعريءَ ۾ هن فڪر کي نه صرف بيان ڪيو، پر ان کي محسوس به ڪرايو۔ جڏهن هو چوي ٿو ته:

مان تون آهيان، تون مان آهين۔

ته اها رڳو لفظن جي راند ناهي، پر هڪ اهڙو روحاني تجربو آهي، جتي “مان” جي انا ڳري وڃي ٿي ۽ تون جي حقيقت ظاهر ٿي پوي ٿي۔

انا جي نفي ۽ سچ جي جرئت

سچل جي شاعريءَ ۾ انا جي نفي وڏي اهميت رکي ٿي۔ هن انا کي سڀ کان وڏو پردو قرار ڏنو، جيڪو انسان کي پنهنجي اصل کان پري ڪري ٿو۔ جڏهن انسان پنهنجو پاڻ کي الڳ سمجهي ٿو، تڏهن ئي نفرت، تعصب ۽ ظلم پيدا ٿين ٿا۔ پر جڏهن هو وحدت کي سمجهي ٿو، تڏهن سندس اندر عاجزي، محبت ۽ همدردي جنم وٺن ٿا۔

سچل سرمست پنهنجي دؤر ۾ به بيباڪ هو۔ هن وقت جي مذهبي پيشوائن ۽ سماجي رياڪارن تي تنقيد ڪئي۔ ان جرئت سبب کيس مخالفت به سهڻي پئي، پر هن سچ چوڻ نه ڇڏيو۔ ان ڪري ئي کيس سارو سچ سڏيو ويو۔

ٻوليءَ جي وسعت ۽ فڪر جي عالمگيريت

سچل سرمست سنڌيء سان گڏ سرائيڪي، فارسي، اردو ۽ عربيءَ ۾ به ڪلام چيو۔ اها لساني وسعت هن جي فڪر جي عالمگيريت جو ثبوت آهي۔ هن لاءِ ٻولي رڳو اظهار جو ذريعو هئي، اصل مقصد دلين تائين رسائي هو۔

اڄ جي دؤر ۾ سچل جو پيغام

اڄ جڏهن دنيا فرقن، تعصبن ۽ ذاتي مفادن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي، تڏهن سچل سرمست جو پيغام وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو۔ وحدت الوجود جو فلسفو اسان کي سيکاري ٿو ته انسانيت هڪ آهي، ۽ سڀئي رنگ، نسل ۽ عقيدا هڪ ئي حقيقت جا مختلف عڪس آهن۔

سچل جو صوفياڻو رنگ اسان کي اهو سيکاري ٿو ته سچ ڳالهائڻ جرئت آهي، محبت ڪرڻ عبادت آهي، ۽ وحدت کي سمجهڻ نجات آهي۔

سچل سرمست جي شاعري رڳو لفظن جو مجموعو ناهي، پر هڪ روحاني سفر آهي، هڪ اهڙو سفر جيڪو “مان” کان “اسان” تائين وٺي وڃي ٿو، ۽ آخرڪار “هڪ” حقيقت تائين پهچائي ٿو۔

سچل سارو سچ رڳو لقب ناهي، پر هڪ فڪري سچائي آهي۔ هن جي شاعريءَ ۾ وحدت الوجود جو اثر انسان کي پنهنجي اندر جھاتي پائڻ تي مجبور ڪري ٿو، جتي هو ڏسي سگهي ٿو ته جدايون رڳو وهم آهن، حقيقت هڪ ئي آهي ۽ اها حقيقت محبت آهي۔

___________

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button