سيڻن جا ٿورا مڃڻ جو ڏينھن بہ ملھائڻ گھرجي: ھڪ نئين روايت جي رِٿ (आभार दिवस)
شاديءَ کانپوءِ نياڻي پنھنجي ساھرن جي گھر کي ئي پنھنجو گھر – سنسار سمجھي ھر طرح سان سينگارڻ سنوارڻ ، سُکيو – ستابو ۽ خوش رکي ٿي. اھڙي ھر ھڪ نُنھن جي ماتا – پتا جا سچ پچ ٿورا مڃڻ گھرجن.
ھوءَ پنھنجا ھڙئي مٽ مائٽ ، سکيون – ساھيڙيون ڇڏي نئين گھر ۾ اچي ٿي ۽ ان کي جيءَ جان سان اڏي ٿي . اھا سيڻن جي ناياب سوغات آھي .
ناري لڇواڻي، بيراڳڙھ، ڀوپال
اسانجي گھرِ سال ۾ ھڪ مقرر ڏينھن تي پريوار جي ڌيءُ ، ڀيڻ ۽ نُنھن جو قدر ڪندي سندن سنمان ڪرڻ جي روايت ڪجھ سالن کان عمل ۾ آيل آهي . ايئن ڪندي من کي خاص سُڪونَ جو احساس ٿيندو آھي . شل ، ھر پريوار ۾ ايئن ٿئي (جيڪڏھن ڪنھن کي اھا ھڪ سٺي ڳالھ لڳي تـ …….)

اڄ ان طرح جي ھڪ ٻي بہ رٿا من ۾ آئي آھي .
ڪنھن پريوار ۾ ڪا ڪنيا (ڌيء) جنم وٺي ٿي ، ان کي لاڏ ڪوڏ سان پالي، نپائي، پڙھائي لکائي، سيکاري سمجھائي قابل بڻائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ھرڪو مائٽ ڪندو ھوندو يا ايئن چئجي تہ ڪندو ئي آھي . بس…. تنھن کان پوءِ سندس وھانوٓ جي تياري ……

ڪيتري عجيب ڳالھ آھي جڏھن ڌيءَ پڙھي لکي ، سڀ ڪجھ سِکي ، دنياداري نڀائڻ جي قابل بڻجي ٿي ان وقت ماءُ پيءُ سندس قابليت جو ذرا بہ فائدو وٺڻ جي ڪوشش نٿا ڪن، بلڪ پنھنجي جگر جي ٽڪري کي جيترو جلد ٿي سگهي پاڻ کان جدا ڪري ڪنھن اجنبي شخص ۽ اجنبي پريوار جي حوالي ڪرڻ ۾ جُنبي ٿا وڃن. ماءُ پيءُ جو اھو مھان تياڳ ٻين سڀني تياڳن کان علحدو آھي . ڪنھن ڪڏھن انھن جي ان ڪيفيت کي محسوس ڪرڻ جي ٿوري بہ ڪوشش ڪئي آھي؟ نہ ، بلڪل نہ .

شاديءَ کان پوءِ سندن لاڏليءَ جي عقل ، علم ۽ سوچ سمجھ جو سڄو لاڀ پيارن ساھرن کي ! ڇاڪاڻ تہ ھاڻي اھو ئي ھن جو پنھنجو گھر – سنسار آھي . ان گھر – سنسار کي ھر طرح سان سينگارڻ سنوارڻ ، سُکيو – ستابو ۽ خوش رکڻ واري ھر ھڪ نُنھن جي ماتا – پتا (مائٽن) جا سچ پچ ٿورا مڃڻ گھرجن. ھوءَ پنھنجا ھڙئي مٽ مائٽ ، سکيون – ساھيڙيون ڇڏي نئين گھر ۾ اچي ٿي ۽ ان کي جيءَ جان سان اڏي ٿي . اھا سيڻن جي ناياب سوغات آھي .

انڪري سال ۾ ھڪ ڏينھن اھڙو ھجڻ بہ لازمي ٿو لڳي جنھن ڏينھن سدوري نُنھن جي مائٽن جا ٿورا مڃيندي ، سڪ، ادب ۽ صدق سان سندن واجب سنمان ٿيڻ گھرجي . ان لاءِ نُنھن جي جنم واري تاريخ طئہ ڪري سگھجي ٿي .

اسان اھو ڪرڻ وارا آھيون .
__________________

ناري لڇواڻي، ناليوارو شاعر ۽ ڪلاڪار آھي. ھُو انڊيا جي رياست مڌيہ پرديش جي راڄڌاني ڀوپال لڳ ھردارام نگر (بيراڳڙھ) شھر ۾ رھي ٿو.




شاعر شري ناري لڇواڻي پاران شروع ڪيل رسمون سڀني برادرين پاران اختيار ڪيون وينديون. اهو سماج کي سٺو پيغام ڏئي رهيو آهي.