ڳالھيون سنڌ ۽ ڪوريا ۾ روحاني ھڪجھڙائين ۽ ڪوريا جي ترقيءَ جي راز جون
روحانيت کان ٽيڪنالاجيءَ جي بلندين تائين پھچڻ لاءِ ڪوريا جي ڊگھي سفر جو داستان
ڪوريا جي ترقيءَ جو راز آھي پنھنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان پيار؛ پنھنجي ڌرتيءَ، ٻوليءَ، ڌرتيءَ جي ھر معمولي شئي کي به پنھنجو سمجھڻ، انفرادي ۽ ذاتي مفادن تي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ، اَنا، خُودي ۽ ”مان“ واري سوچ کي ختم ڪري ”اسان“ واري سوچ پيدا ڪرڻ؛ تعليم ۽ سائنس ٽيڪنالاجيءَ کي اھميت ڏيڻ
ڪوريائي ماڻھو ٻُڌ ھجن، ڪنفيوشس جا پوئلڳ ھجن يا عيسائي، اھي سڀ ھڪ آھن ۽ ھنن پنھنجي اندر مان خُوديءَ کي ختم ڪري، قوم جي اجتماعي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪيو آھي
اھي سڀ ڪنفيوشس جي فلسفي تي ھلندي آفاقي راز۽ رمزون پروڙڻ جي چڪر کان پاڻ کي آجو رکي پنھنجي حال جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رھيا آھن
نصير اعجاز
سنڌ مُلڪ وانگر ڪوريا به اڪثر اڳرائين ۽ حملن جو شڪار رھيو آھي ـ ڪڏھن اُتي منگول آيا ته ڪڏھن جپانين قبضو ڪيو ۽ جڏھن جپانين مان جانِ ڇُٽن ته وري آمريڪي فوج اچي ديرو ڄمايو ـ ڪوريائي قوم به اسان وانگر رُڳو پنھنجي بچاءَ ۽ آزاديءَ جي ويڙھاند ۾ رُڌل رھي آھي ـ ھنن ڪڏھن به ڪنھن جي خلاف اسان وانگر اڳرائي ۽ ٻين جي ڌرتيءَ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آھي ـ جيئن سنڌ تي ڪاھون ڪندڙ جارح قومن جا ڪيترائي ماڻھو ھتي رھي سنڌي سماج ۾ جذب ٿي ويا، تيئن منگول، چيني ۽ جپاني به ڪوريا ۾ آباد ٿي ويا ـ اڄ ڏکڻ ڪوريا جي شھر اِنچيان ۾ قائم چائنا ٽائون ۽ ڪي ٻيون آباديون اُتان جي انھيءَ تاريخي عمل جو ثبوت ڏين ٿيون ـ منگول ته ايتري تعداد ۾ ھتي رھيا جو نه رُڳو اڄ جو ڪوريائي نسل پنھنجي ڳِٽن جي اُڀريل ھڏين ۽ ننڍڙين اکين جي ڪري پاڻ کي منگول نسل جو سمجھي ٿو پر منگوليائي ۽ ڪوريائي ٻوليءَ ۾ به ايتري ھڪجھڙائي آھي جو کين ھڪٻئي سان روانيءَ ۾ ڳالھائڻ ڏکيو نٿو لڳي.

سنڌين ۽ ڪوريائي ماڻھن وچ ۾ ٻيون به ھڪجھڙائيون آھن ـ اسان به پنج ھزار ورھيه پراڻي تھذيب جا امين ھجڻ جي دعوى ڪريون ٿا جنھن جي ثبوت ۾ مُوھن جي دڙي وارن آثارن کي پيش ڪريون ٿا ته ڪوريائي قوم به پاڻ کي ڇھن کان اٺ ھزار سال پراڻي تھذيب جي وارث سمجھي ٿي ـ ڪوريا ۾ قديم آثارن مان ملندڙ ٺِڪر ۽ ٽامي جي ٿانوَن ۽ ٻين شين جي آڌار اھڙي دعوى ڪئي وڃي ٿي ـ بھرحال ڪوريا ۾ سندن پنھنجي پھرين بادشاھت 2333 قبل مسيح ۾ جُوسيان نالي بادشاھه قائم ڪئي جنھن کانپوءِ بادشاھتن جا مختلف دور ھلندا آيا آھن جن جا ثبوت اھي تاريخي محل، ڪوٽ ۽ قلعا آھن جن کي ڪوريائي قوم ڌارين جي حملن ۾ تباھيءَ کانپوءِ به نئين سِر مرمت ۽ تعمير ڪري اڄ به سنڀاليندي پئي اچي.
اسان جو سنڌ مُلڪ به مختلف وقتن تي ھڪ کان وڌيڪ حصن ۾ ورھايل رھيو آھي جنھن جو آخري مثال ٽالپر حڪمرانن وارو دور آھي، جنھن جي باقيات خيرپور رياست ته پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به وڏي عرصي تائين قائم رھي ـ ايئن ئي ڪوريائي اُپٻيٽ به مختلف دورن ۾ ٽن رياستن ۽ بادشاھتن ۾ ورھايل رھيو آھي ـ اھڙي طرح سندن تاريخ به ڌارين جي حملن توڙي اندروني ڦوٽ ۽ بغاوتن سان ڀريل آھي.

ڪوريائي سماج ۽ ڪلچر تي به سنڌ وانگر مختلف ڌرمن ۽ عقيدن جو اثر رھيو آھي ـ جيئن سنڌ ۾ ھندومَتِ، ٻُڌ مَتِ ۽ اسلام جو اثر رھيو آھي، تيئن ڪوريا ۾ قديم شاماني عقيدي جو اثر رھيو جنھن جي جاءِ اڳتي ھلي ٻُڌ مَتِ ۽ ڪنفيوشس جي عقيدن والاري ۽ ٻه کن صديون اڳ کان عيسائيت به ھتي پنھنجي جاءِ ٺاھي ورتي ـ ڪجھه ڳالھين ۾ ڪوريائي قوم تي شاماني عقيدن جو اثر اڄ به موجود آھي ـ مثال طور شاماني عقيدي موجب رُوحن ۽ ديوتائن جو انگ ھزارن ۾ آھي ۽ اھي ھر شئي ۾ موجود آھن ـ انھيءَ جي پَڪ ڪوريا جي دوري (4 کان 13 مارچ 2018) ۾ ٿي جڏھن اسان جي گائيڊ عورت شيرون ٻڌايو ته ڪوريا جي ھر گھر ۾ مختلف خُدائن جي پُوڄا ٿئي ٿي يعني مختلف ديوتائن ۽ روحن کان دعا گھري وڃي ٿي ـ مثال طور گھر ۾ داخل ٿيڻ سان دعا گھربي ڇو ته سندن عقيدي موجب گھر جو به ھڪ خُدا آھي ـ اسان سنڌي به ، مسلمان توڙي ھندو يا عيسائي، گھڻن خدائن کان نه پر پنھنجي ھڪ ئي رب کان اُٿڻ ويھڻ مھل، سفر جي شروعات ۾، گھر مان نڪرڻ مھل، ماني کائڻ وقت توڙي ھر قدم تي دعائون گھرندا آھيون ـ اھا ٻي ڳالھه آھي ته اڄ ايڪيھين صديءَ ۾ پير پائڻ جي باوجود به اسان ڪيترن ئي وھمن، وِسوَسن ۽ ٻين مُدي خارج ۽ دقيانوسي عقيدن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آھيون جن کي عام ماڻھو پنھنجي لاعلميءَ ڪارڻ روحانيت ۽ صوفي ھجڻ جي دعوى ڪري پاڻ کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.

جيڪڏھن وڏين طاقتن جي سازشن جي نتيجي ۾ ڪوريا اُتر ۽ ڏکڻ جي ٻن حصن ۾ ورھايل نه ھجي ھا ته اِھو چڱو وڏو ملڪ ھجي ھا ڇو ته ڪوريائي اُپٻيٽ ايشيا جي زميني حدن کان يارھن سئو ڪلوميٽر ڊيگھه ۾ سمنڊ ۾ نڪتل آھي ـ انھيءَ جي صرف ھڪ پاسي اُتر م زميني پاڙيسري ملڪ چين آھي جڏھن ته ٽن پاسن کان سمنڊ وڪوڙيو بيٺو اٿس ـ ان اُپٻيٽ جي اڌ کان ڪجھه گھٽ حصي ۾ ڏکڻ ڪوريا آھي جنھن جي ايراضي ھڪ لک ۽ صرف 32 چورس ڪلوميٽر (38623 چورس ميل) يعني سنڌ کان به گھٽ آھي جڏھن ته تاريخ جي ڏاڍاين جي نتيجي ۾ سُڪڙجي ويل سنڌ جي ايراضي به ھڪ لک چاليھه ھزار 9 سئو 15 چورس ڪلوميٽر (54408 چورس ميل) آھي ـ سنڌ ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ ھڪ وڌيڪ ھڪجھڙائي ھيءَ آھي ته سندن آبادي پنج ڪروڙن جي ويجھو آھي ـ
سنڌ ۽ ڪوريا وچ ۾ ڀيٽ ان ڪري ڪئي اٿم ته ڪوريا صدين جو سفر سنڌ وانگر ئي طئه ڪندي گھڻو اڳتي نڪري وئي آھي پر سنڌ ڪڇونءَ واري رفتار سان قدم کڻي رھي آھي ۽ اسان جو سمورو سماج بھتريءَ بدران بگاڙ جو شڪار آھي.
مون پنھنجي گائيڊ شيرون کان به سندن ترقيءَ جو راز پڇيو ھو ۽ جيڪو جواب ھن ڏنو، اھي ساڳيون ڳالھيون ڪوريا جي مختلف شھرن ۾ ميئرن ۽ ڊپٽي ميئرن به پنھنجي تقريرن ۾ ورجايون ـ “اسان جي ترقيءَ جو راز آھي پنھنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان پيار؛ پنھنجي ڌرتيءَ، پنھنجي ٻوليءَ؛ ڌرتيءَ جي ھر معمولي شئي کي به پنھنجو سمجھڻ؛ پنھنجي انفرادي ۽ ذاتي مفادن تي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ؛ پنھنجي اَنا، خُودي ۽ “مان” واري سوچ کي ختم ڪري “اسان” واري سوچ پيدا ڪرڻ؛ تعليم ۽ سائنس ٽيڪنالاجيءَ کي اھميت ڏيڻ،” ھنن ٻڌايو ھو.

روحانيت کان ٽيڪنالاجيءَ جي بلندين تائين پھچڻ لاءِ ڪوريا وارن ڊگھو سفر طئه ڪيو آھي ـ مون سندن روحاني فلسفن کي به خاص طور سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ـ ڪوريا جي ھر سفر ۾ سِئول شھر جي پريزيڊنٽ ھوٽل ۾ لازمي طور رھڻ جو موقعو ملندو آھي جنھن جي ھر ڪمري ۾ ٻه ڪتاب پڙھڻ لاءِ رکيل ھوندا آھن _ ھڪ گوتم ٻُڌ جون تعليمات ۽ ٻيو عيسائين جو مقدس ڪتاب ـ مان ھر ڀيري انھن ڪتابن کي پڙھندو رھيو آھيان ـ خاص طور ڪنفيوشس جي پوئلڳ ماڻھن واري صوبي ۾ گھمڻ دوران ته مونکي سندن روحاني رمزن جي گھڻي پروڙ پوندي رھي آھي ـ ھن سفر ۾ ڪوريا جي روحاني گاديءَ واري شھر اَندونگ Andong ۾ ھڪ ڪتاب Korean Spiritual History سوکڙيءَ طور مليو جنھن کي پڙھڻ سان خبر پئي ته سندن سموري فلسفي جو بنياد انسانيت تي رکيل آھي.

ڪتاب جي مُھاڳ ۾ ليکڪ ڪانگ اِن تاءِ Kang In-Tae لکي ٿو: “قديم چيني ڪتابن ۾ ڪوريا جي ماڻھن جي سُڃاڻپ ھڪ اھڙي شڪل سان ڪئي وئي جنھن جو مطلب ھو “انسان” ـ چيني ادب ۾ اسان جي وڏڙن لاءِ اھڙي نشاني انھيءَ ڪري لکي وئي جو اھي جھنگ جي وحشي جانورن جيان نه پر مُھذب انسانن وانگر رھندا ھئا ـ چين جي ئي قديمي ڪتابن ۾ لکيل آھي ته ھتان جا ماڻھو اھنسا ۾ يقين رکندڙ ھئا ۽ ھڪٻئي سان به جھيڙا جھٽا ڪونه ڪندا ھئا ۽ نه ئي ھنن ٻين جي زمين، مال ۽ ملڪيت تي ڪڏھن قبضو ڪيو يا اھڙي ڪا خواھش رکي ـ ڪوريا تي تمام گھڻيون اڳرائيون ٿيون پر ڪوريا ڪڏھن به ڪنھن پاڙيسري ملڪ تي قبضي جي ڪوشش نه ڪئي ـ”
ڪوريا جي قديم روحاني ڪلچر جي تاريخ حيرت ڏياريندڙ آھي ـ سندن روحاني تھذيب جي ھڪ مُکيه ڳالھه آھي “پنھنجي آدرشن کي حقيقت جو رُوپ ڏيڻ” ۽ ھڪ اھڙو سماج، جنھن ۾ آدرشن کي حقيقت جو رُوپ ملي، تنھن کي ھُو “دَيدانگ سوسائٽي” Daedong Society سڏيندا ھئا جنھن جو مطلب آھي “ھر ماڻھوءَ کي ھڪ جيتريون خوشيون ڏيڻ” ـ اِھو ڪنفيوشس جي تعليمات جو بنيادي اُصول ھو جنھن تي ڪوريا جي بادشاھه جَوسيان (جنھن جو مٿي ذڪر ٿي چُڪو آھي) عمل ڪرڻ شروع ڪيو ھو ـ کيس يقين ھو ته ڪوريا جو روحاني ڪلچر ھڪ ڏينھن سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏيندو، ڪانگ اِن تاءِ لکي ٿو.

ھتي ڪوريائي ڪرسچن ماڻھو به مجموعي طور ساڳي نفسيات رکن ٿا ـ مونکي سِئول ۾ ھڪ ڪميونٽي چرچ ۾ وڃڻ جو موقعو مليو جتي موسيقيءَ سان عبادت جي ابتدا ٿي ـ ھتان جو اڌڙوٽ عمر جو پادري مسٽر چَو جُنگ مِن ڪيترائي ورھيه اڳ صحافيءَ طور ڪم ڪري چُڪو ھو ـ “مون 25 سال ھڪ ٽي وي چئنل لاءِ ڪرائم رپورٽر طور ڪم ڪيو جنھن دوران حادثن ۽ ڏوھن جا واقعا رپورٽ ڪندو ھئس ـ پر مان مطمئن ڪونه ھئس ـ سوچيندو ھئس ته پنھنجي ملڪ جي عوام کي مان رُڳو ذھني پِيڙا واريون خبرون ٿو پھچايان ـ کين ڪنھن خوشيءَ ۽ ذھني سُڪون جي خبر ڏيڻ گھرجي ۽ اھو خيال ايندي ئي مون صحافت ڇڏي چرچ واري راھه اختيار ڪئي،” ھن پنھنجي تقرير ۾ ٻڌايو.
سندس تقرير کانپوءِ ھڪ ٻئي پادري مسٽر شِن ڪِي آن ڪجھه ماڻھن جا پنھنجي مسئلن بابت لکي موڪليل سوال پڙھيا ۽ جھونو پادري انھن جا جواب ڏيندو ويو ـ جڏھن شِن ڪِي آن اسٽيج تي آيو ھو ته ھن بلڪل صاف لھجي ۾ اسان کي “السلام عليڪم” چئي کِيڪاريو ھو ـ رات جو ڊنر تي مسٽر شِن ڪِي آن سان تفصيلي ڪچھري ٿي جنھن ۾ ٻڌايائين ته ھُو دل جي بيمارين جو سينئر ڊاڪٽر آھي ۽ ميڊيڪل جي ڊگري اُزبيڪستان مان ورتل اٿس ـ پنھنجي تعليم دوران ھو ھڪ ٻه ڀيرا اسلام آباد گھمي چُڪو ھو ـ شِن ڪِي آن ھڪ ئي وقت ڊاڪٽري به ڪري ٿو ۽ اسان جي مولوين وانگر ڏوڪڙن تي نمازون پڙھائڻ ۽ واعظ ڪرڻ بدران ڪميونٽي چرچ ۾ رضاڪاراڻي طور خدمتون به انجام ڏئي ٿو.

ڪوريائي ماڻھو ٻُڌ ھجن، ڪنفيوشس جا پوئلڳ ھجن يا عيسائي، اھي سڀ ھڪ آھن ۽ ھنن پنھنجي اندر مان خُوديءَ کي ختم ڪري، قوم جي اجتماعي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪيو آھي ـ “اھي سڀ ڪنفيوشس جي فلسفي تي ھلندي آفاقي راز۽ رمزون پروڙڻ جي چڪر کان پاڻ کي آجو رکي پنھنجي حال جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رھيا آھن،” ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جي باني صدر مسٽر لِي سانگ ڪِيءَ، جيڪو پاڻ عيسائي آھي، اسان جي دوري جي آخري ڏينھن سِئول شھر ۾ ايس ڪَي ٽيليڪام ڪمپنيءَ جي اِسپيس مَيٽيورولاجيڪل ڪنٽرول سينٽر ۽ سَم سَنگ (جنھنکي اسان سام يا سَيم سنگ چئون ٿا) جي ڊِسپلَيَ سينٽر وٺي ويندي چيو ـ ٻئي ڪمپنيون دنيا جي وڏين ۽ مشھور ڪمپنين ۾ شمار ٿين ٿيون.
انھيءَ ڏينھن اسان ٻنھي ڪمپنين جون حيران ڪندڙ ايجادون ڏٺيون ـ سَم سنگ، جنھن جي لفظي معنى آھي ٽي تارا، ھڪ ريفريجريٽر تيار ڪيو آھي جنھنکي کولڻ کانسواءِ ان جي در تي ڪئميرا واري اسڪرين ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته منجھس ڪھڙيون ۽ ڪيتريون شيون پيل آھن ـ انھيءَ فِرج جو موبائل فون سان به ڪنيڪشن ھوندو ۽ توھان گھر کان ٻاھر ڪٿي به ھجو ته فرج ۾ رکيل شيون ڏسي سگھو ٿا ته جيئن ڪا شئي کُٽل ھجي ته گھر ويندي وٺي وڃو ـ ساڳيءَ فرج ۾ لڳل سسٽم ذريعي موسيقي به ٻڌي سگھو ٿا ـ بلڪل ساڳيءَ ٽيڪنالاجيءَ سان ھنن ڪارپيٽ ڪلينر به تيار ڪيو آھي جنھن کي توھان موبائل فون ذريعي گھر کان پري ڪٿان به ھلائي گھر پھچڻ کان اڳ گھر جي صفائي ڪري سگھو ٿا ـ ھڪ سئو پنج انچ اسڪرين واري ٽي وي ۽ اھڙيون ٻيون اليڪٽرانڪ شيون ته کوڙ ھيون ـ ھڪ دلچسپ ايجاد ھئي وڏي ايل سي ڊي ٽي وي اسڪرين جي شڪل واري ڪئميرا جنھن جي آڏو بيھي اسڪرين تي لکيل OK جي بٽڻ دبائڻ سان فوٽو اسڪرين تي اچي وڃي ٿو ـ ٻئي ھنڌ ان فوٽوءَ جي ڪلر اسڪيم جو سرشتو ھيو ۽ ٽئين ھنڌ وري ھڪ اسڪرين تي پنھنجي اِي ميل ايڊريس ٽائيپ ڪرڻ سان اھا تصوير اِي ميل ذريعي سيڪنڊن ۾ پھچي وڃي ٿي ـ مان پاڻ ان مرحلي مان لنگھيس ۽ فوٽو نه رُڳو اِي ميل تي حاصل ڪيم پر اھو فوٽو سَم سنگ جي وڏي ھال ۾ اسڪرينن تي موجود رھيو ـ آيا جي نالي سان سندن ھڪ ٻي پراڊڪٽ ھئي جيڪا ٽيبل تي رکيل ھئي ـ ان جي ڀرسان بيھي “آيا” سڏڻ سان شيشي جي اندر رنگبرنگي لائيٽ ڦرڻ شروع ٿئي ٿي ۽ جڏھن ان کي حڪم ڪبو ته ديوار تي لکل ٽي وي کول يا بند ڪر ته حيرت انگيز نموني ٽي وي کُلي ۽ بند ٿئي ٿي ـ ايئن ئي توھان ھٿ جي اشاري سان ٽي وي چئنل مٽائي سگھو ٿا .

ايس ڪي ٽيليڪام ٽاور ته دنيا ئي ٻي ھئي، جتي خلائي مرڪز ۾ مٿي وڃڻ لاءِ پھرين ته روبوٽ اسان جي سُڃاڻپ ڪئي ۽ پوءِ ايليويٽر تي چڙھڻ لاءِ گيٽ کُليو ـ مٿي پھچڻ تي ھڪ ريل ڪار اچي بيٺي جنھن ۾ سوار ٿي اسان 1300 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار جو مزو ورتو ۽ پوءِ وڃي خلائي اسٽيشن پھتاسين جنھن ۾ سوار ٿي خلا ۾ گھمندا رھياسين ـ خلائي اسٽيشن کانپوءِ ھولوگرام جو مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ ڪمپنيءَ جي مالڪ ٻئي ھنڌان ويھي نه رُڳو اسان جي گروپ سان پر آمريڪا ۽ روس جي ڪمپنين جي نمائندن سان به ايئن ڪچھري ڪئي ڄڻ اسان سڀ ھڪ ھنڌ ويھي ڳالھائي رھيا ھُجون.
انھيءَ کان اڳ ڪوريائي دوري جي پھرين ڏينھن ۾ اسان سُوان Suwon شھر ۾ سَم سنگ جو جديد ميوزم ۽ اِنوويشن سينٽر توڙي ڊَيگُو Daegu شھر ۾ ھڪ ٻيو اِنوويشن ٽاورگھمي چُڪا ھئاسين جتي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بيشمار نئين ايجادن وارين رٿائن تي ڪم ڪري رھيا ھئا ـ ڊَيگُو شھر ۾ ھنن اھڙي ڇَٽي به ايجاد ڪئي آھي جيڪا مينھن وسڻ جي اڳڪٿي ڪري موبائل فون تي اطلاع ڪري ٿي ۽ جيڪڏھن فون گھر يا آفيس ۾ ڪٿي گُم ٿئي ته انھيءَ ڇَٽيءَ ذريعي ھٿ ڪري سگھجي ٿي.
ڪوريا جي ٽيڪنالاجي ترقيءَ جون اھي صرف ڪجھ جھلڪيون آھن ـ اوھان ڪوريا گھمڻ ويندو ته ھر شھر ۽ ھر رستي، ھر عمارت، ھر جابلو سُرنگھ ۽ فلاءِ اوورن کي ڏسي توھان کي سندن ٽيڪنالاجي ترقيءَ جو اندازو ٿي ويندو.
ڪوريا جي ھر دوري ۾ مان سندن تاريخ، ثقافت، رسمن رواجن، ڌرمن عقيدن ۽ روحانيت وارن لاڙن کي نظر ۾ رکندي اھو سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھيان ته ھنن تمام ٿوري وقت اندر ايتري ترقي ڪيئن ڪئي جو اھا وراھيل قوم اڄ ايشيا جي اقتصادي ٽائيگر جي حيثيت ماڻڻ سان گڏ ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا جو دَيوُ بڻجي اُڀري آئي آھي ـ اِھو به سوچيندو آھيان ته اسان سنڌي ڇو اڄ تائين پٺتي آھيون ؟ ڪنھن دوست دلاسو ڏنو ته ھر انساني سماج ڊِي جنريشن Degeneration ۽ رِي جنريشن Regeneration جي عمل مان لنگھندو آھي، معاشرا کرندا ۽ ڊھندا آھن ۽ وري ٺھندا ۽ سُڌرندا آھن ـ نيٺ سنڌي سماج ۾ به تبديلي ايندي ـ اھو دليل ٻڌي دل کي آٿت ڏني اٿم ته سنڌي سماج ۾ ھزارين ورھين کان جاري ڊِي جنريشن جو عمل شال اڳتي ھلي رِي جنريشن ۾ بدلجي ۽ اسان جا ايندڙ نسل به ٻين قومن جيان خوشحالي ۽ ترقي ماڻين ـ پر في الحال ته اسان اڃان ته روحانيت جي اھڙي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿا پيا آھيون جنھن جي عڪاسي ڪنھن شاعر ھنن لفظن ۾ ڪئي آھي:
اسان جي پيرن ھيٺان لطيف جي ڌرتي کسڪندي پئي وڃي،
اسان اڃان به مُرڪندي مزارن تي چوليون چاڙھيون ويٺا،
اسان اڃان به ننڊ جو ٺرو ٺوڪي نئين صبح کي ڳوليون ويٺا
اسان اڃان به پاڻ کي ڳوليون ويٺا ـ
____________________
نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ يارھن ڪتابن جو ليکڪ آھي



