سنڌ ۾ ٻارن جي حقن جي بچاءَ جا قانون سردخاني ۾ ۽ سرڪاري عملدار مال لُٽڻ ۾ پُورا
ھر سال ٻارن جي خلاف ٿيندڙ زيادتين ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. رياستي سطح تي هي ڏينهن صرف رسمي بڻجي ويو آهي، بلڪل ايئن جيئن مھا بدعنوان ادارا ۽ عملدار ھر سال اينٽي ڪرپشن جو ڏينھن ملھائيندا آھن
سال ۾ هڪ ڀيرو پروگرام، تقريرون، بئنر، فوٽو سيشن، ۽ پوءِ وري ساڳي پراڻي خاموشي. جيڪي ادارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ٺهيا، اُهي به گهڻو ڪري فند، پگهارن ۽ پروٽوڪول تائين محدود ٿي ويا آهن
عرفان سنڌي
هر سال 20 نومبر تي ملھايو ويندڙ ٻارن جي عالمي ڏھاڙي پويان هڪ ڊگهي تاريخ، عالمي جدوجهد ۽ ضمير جي جاڳ جو سفر موجود آهي. هي ڏينهن صرف جشن نه پر انسانيت کي ياد ڏيارڻ وارو هڪ ذميوارانه لمحو آهي ــ اهو لمحو جنهن ۾ پاڻ کان سوال پڇجي ته اسين پنهنجي ٻارن لاءِ ڪهڙو سماج ٺاهي رهيا آهيون؟
هي ڏينهن گڏيل قومن پاران 1954ع ۾ رسمي طور قائم ڪيو ويو. ان ڏينهن جي تجويز يونيسيف ۽ ڪيترن ئي انساني حقن جي ماهرن پيش ڪئي. انهن جو دليل ھو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ ٻارن سان ٿيندڙ ناانصافين، محنت، استحصال، تشدد جنسي زيادتيون ۽ جهالت خلاف گڏيل آواز اڀرڻ ضروري آهي.
1954ع ۾ جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو ۽ هي فيصلو گڏيل قومن جي نائين سيشن ۾ پاس ڪيو ويو. هي ڏينهن جڏھن منظور ٿيو، تڏهن ان جو بنيادي مقصد هو ته دنيا جي هر ملڪ جا ٻار تعليم، صحت، تحفظ، محبت ۽ برابري جا حق حاصل ڪن.

پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيئن جيئن عالمي ٻار ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو، تيئن تيئن سماج ۾ ٻارن جي خلاف ٿيندڙ زيادتين ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. رياستي سطح تي هي ڏينهن اڪثر ڪري صرف رسمي بڻجي ويو آهي ـــ سال ۾ هڪ ڀيرو پروگرام، تقريرون، بئنر، فوٽو سيشن، ۽ پوءِ وري ساڳي پراڻي خاموشي. جيڪي ادارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ٺهيا آهن، اُهي به گهڻو ڪري فند، پگهارن ۽ پروٽوڪول تائين محدود ٿي ويا آهن. ٻارن جي حقن لاءِ قانون پاس ٿين ٿا، پر سالن تائين سردخاني ۾ پيا رهن ٿا، نه ڪو عملدرآمد، نه ڪو ذميوار ڪٽهڙي ۾.
حقيقت اها آهي ته ٻارن خلاف جنسي ڏاڍائي، مارڪٽ، قتل، اغوا، پورھيو، ۽ تشدد جا ڪيس وڌي رهيا آهن، پر ساڳي رفتار سان تحفظ جا قدم نٿا وڌن. هڪڙي پاسي عالمي ٻار ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو، ٻئي پاسي اسڪولن کان بغير، دوائن ۽ خوراڪ کان محروم، خوف ۾ پلجندڙ ٻار پنهنجي ڏينهن جو انتظار ڪن ٿا. جيڪڏهن ڏينهن ملهايا وڃن پر عمل نه هجي، ته پوءِ اهڙا ڏينهن ضمير جي خاموشيءَ جو حصو بڻجي وڃن ٿا، نه ته شعور جي بيداريءَ جو
ٻار ته سماج جو سڀ کان حساس حصو آهن، پر انهن جي خلاف ظلم سڀ کان وڌيڪ عالمي سطح تي ئي نظر آيو. ڪيترن ملڪن ءٍ سنڌ ۾ ٻار ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور آھن ، ڪٿي جنگن جو بار سندن ڪلهن تي پيو، ڪٿي بک، ڪٿي اميري غريبي جو وڏو تفاوت، ۽ ڪٿي رياستن جي وسيلن جي کوٽ. ان ڪري گڏيل قومن هن ڏينهن کي تجويز ڪيو ته دنيا هڪ گڏيل شعور، گڏيل آواز ۽ گڏيل جدوجهد پيدا ڪري.
20 نومبر کي چونڊڻ جا ٻه وڏا سبب هئا
(1) هن ئي تاريخ تي 1959ع ۾ “ٻارن جي حقن جو اعلان منظور ٿيو
(2) ۽ 1989ع ۾ ان ڏينهن تي ٻارن جي حقن بابت عالمي معاھدو [سي آر سي] (CRC) پڻ منظور ڪيو ويو، جنهن کي انسانيت جي سڀ کان اهم دستاويزن مان هڪ شمار ڪيو وڃي ٿو.
هي رڳو تاريخ ناهي، پر هڪ اهڙو حوالو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته ٻارن بابت عالمي سوچ ڪيئن آهستي آهستي پختي ٿي. انساني تاريخ ۾ شايد ٻار ئي هو جيڪي سڀ کان وڌيڪ تماشائي سمجهيا ويا. هنن کان راءِ نه پڇي ويندي هئي، هنن جي آوازن کي وڏن جي آوازن هيٺ دٻايو ويندو هو، ۽ انهن جي حقن کي ”ننڍو آھين “ جي نالي تي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. عالمي ٻار ڏهاڙو اهو تاريخي قدم آهي جنهن انساني شعور کي اهڙي طرف موٽايو جتي ٻار کي هڪ مڪمل انسان سمجهيو وڃي. اسان جي سنڌ جي تهذيبي روايتن ۽ اسان جي اجتماعي روين ۾ ٻارن جي حيثيت هميشه عزت واري رهي آهي، پر وقت سان گڏ سماجي مسئلا وڌيا ۽ ٻار ڪيترين ئي نئين خطري واري حالتن جو شڪار ٿيڻ لڳا. اسڪولن مان ٻارن جو ڊراپ آئوٽ وڌڻ، غربت سبب ٻار جو مزدوري ڪرڻ، ٻارن سان جنسي تشدد ، جنسي زيادتين جا واقعا، اسڪولن ۾ جسماني سزائون، ۽ گهريلو دٻاءُ ــ اهي سڀ حقيقتون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته عالمي ٻار ڏهاڙي کي ملھائڻ رڳو هڪ رسمي عمل ناهي، پر ذميواريءَ جو هڪ مڪمل پيغام آهي. ٻار رڳو مستقبل نه آهن؛ هو موجود وقت جا به پنهنجا حق رکندڙ فرد آهن. سندن مسڪراهٽ رياستن جي سلامتي آهي، سندن تعليم قومن جو محفوظ سرمايو آهي، سندن تحفظ انساني سماج جي شان آهي، ۽ سندن بنيادي ضرورتن جي پورائي ڪو اختيار نه پر هڪ اخلاقي فرض آهي. عالمي ٻار ڏهاڙو ان احساس کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ملهائجي ٿو ته ٻار ڪنهن به رياست جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن، ۽ انهن جي شخصيت، ذهنيت ۽ شعور کي ساڳي سنجيدگي سان سنوارڻ ضروري آهي.
اسان جي سنڌ ۾ ڪيترائي ٻار معاشي دٻاءُ سبب اسڪول وڃڻ بدران دڪانن يا ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا. ڪيترائي ٻار تشدد جو شڪار ٿين ٿا، جنسي واقعا، ميڊيڪل غفلت، لاپرواهي، ۽ ايندڙ پيڙهين جو بار سندن معصوم ڪلهن تي آهي. اهي سڀ حقيقتون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته عالمي ٻار ڏهاڙو رڳو خوشي جو ڏينهن ناهي، پر هڪ سوال آهي ـــ ته اسان جي اوليتن ۾ ٻار ڪهڙي نمبر تي آهن؟ ڇا اسين پنهنجي ٻارن کي رڳو ايندڙ نسل جي نالي سان ياد ڪري رهيا آهيون يا سندن موجود ضرورتن کي به سمجهي رهيا آهيون؟ ٻارن بابت ڳالهائڻ جو مطلب رڳو انهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ نه، پر انهن جي دنيا کي سمجهڻ پڻ آهي. ٻار دنيا کي محبت جي اک سان ڏسڻ ٿا، سندن لاءِ اعتماد، احترام، توجه ۽ تحفظ سڀ کان وڏي دولت آهي. جيڪڏهن سماج ٻارن جي حقن کي نظرانداز ڪري ٿو، ته اهو سماج پنهنجي ئي بنيادن کي ڪمزور ڪري ٿو. تهذيب ۽ ترقي جو اصل امتحان ان ڳالهه ۾ آهي ته سماج پنهنجي ڪمزور فردن سان ڪيئن پيش اچي ٿو. ٻار معاشري جو سڀ کان نرم، معصوم ۽ بيخطا حصو آهن، تنهنڪري انهن لاءِ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ انسانيت جو بنيادي فرض آهي. سوال هتي اڀري ٿو ته عالمي ٻار ڏهاڙو اسان کي ڇا سيکاري ٿو؟ اهو اسان کي سيکاري ٿو ته ٻارن جي تربيت کي هڪ فڪري فن ۽ ذميواري طور ڏٺو وڃي. ٻارن تي هٿ کڻڻ کي “تربيت” جو نالو ڏيڻ، يا سندن خوف کي “محبت” جي صورت ۾ لڪائڻ، سڄو سماج بگاڙي ٿو. ٻارن جو حق آهي ته کين عزت ملي، سندن ڳالهه ٻڌي وڃي، سندن سوالن جو جواب ڏنو وڃي، ۽ کين پنهنجو پاڻ هئڻ جي آزادي ڏني وڃي. والدين جي ذميواري صرف پالڻ نه، پر شعور پيدا ڪرڻ به آهي؛ اساتذہ جو ڪردار صرف پڙهائڻ نه، پر انسان ٺاهڻ به آهي؛ ۽ رياستن جو فرض صرف قانون ٺاهڻ نه، پر انهن جي عملداري کي يقيني بڻائڻ به آهي. عالمي ٻار ڏهاڙو اسان کان گهر ٿو ڪري ته ٻارن کي ملڪ جي مستقبل لاءِ رڳو خواب طور نه ڏسون، پر انهن جي موجود جيتري اهميت سمجهون. جيڪو ٻار اڄ بک، خوف ۽ محروميءَ ۾ جيئي ٿو، اهو ڪڏهن به روشن مستقبل جي تعمير نٿو ڪري سگهي. ٻارن کي محفوظ، خوش، تعليم يافته ۽ بااعتماد ماحول ڏيڻ سان ئي سماج کي قوت ملندي. جتي هي ڏينهن اسان جي ضمير تي دستڪ ڏئي ٿو چوي ته ٻارن جو حق ڪنهن مهلت جو محتاج ناهي، سندن مُرڪ ڪنهن حڪومتي اجلاس جي موڪل جي منتظر ناهي، ۽ سندن تحفظ ڪنهن سياسي ترجيح جو محتاج ناهي. ٻارن کي محفوظ ڪرڻ، تعليم ڏيڻ، سندن نفسيات کي سمجهڻ ۽ انهن لاءِ اهڙو سماج ٺاهڻ جنهن ۾ هو بنا ڊپ جي وڌي سگهن ـــ اهو سڀ انسانيت جو فرض آهي. هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو رهي ٿو ته ٻارن کي مستقبل سمجهڻ کان اڳ موجود سمجهو، ۽ انهن جي هر ضرورت کي اڄ ۽ هاڻي پورو ڪريو. ڇو ته ٻار ئي ته اهي آهن جن جي ذريعي سماج جي ڪهاڻي اڳتي وڌندي آهي، ۽ سندن معصوم مُرڪ ئي سماج جو سڀ کان وڏو سچ ۽ سڀ کان وڏو امتحان آهي.
_______________

عرفان سنڌي ڪوٽڙيءَ ۾ رھندڙ فري لانس ليکڪ آھي



