ڳالھيون چينين جي نَڪ، تيزرفتاريءَ جي سزا، ڊريگن پارڪ ۽ گلاس بِرج جون
چين ۾ ڊريگن، خير، برڪت، خوشحالي ۽ شينھن قوت ۽ اقتدار جي علامت آھي. ماڻهو اڪثر پنھنجي گاڏين جي پويان ۽ گهرن ۾ ڊريگن جون تصويرون ۽ اسٽڪر هڻندا آهن.
مقرر حد کان تيز ڊرائيو ڪرڻ تي پوائنٽس ڪٽجن ٿيون ۽ پنجن سالن لاءِ لائسنس رد ٿيو وڃي
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
پنجويھ آڪٽوبر 2024: رات پروگرام ٺاهيوسين ته اڄ گلاس برج ڏسڻ هلنداسين، جيڪا نئننگ جي بھترين تفريح گاهه آهي، ان جو سڄو نالو آهي. Long men water capital science پر هتي آءٌ ان کي پنھنجي سھوليت خاطر ’ڊريگن واٽر پارڪ‘لکندس. جو هن پارڪ ۾ هنڌ هنڌ تي ڊريگن جا ننڍا ننڍا نھايت خوبصورت سونھري رنگ سان پينٽ ٿيل مجسما کُتل هئا. شروع ۾ ڊريگن جو هڪ وڏو نھايت خوبصورت مجسمو کتل هو، جنھن جي وات مان پاڻي ڦوهاري جي شڪل ۾ وهي هيٺ ڪري رهيو هو. اهو پاڻي سندس پويان پري کان نھايت خوبصورت ٺھيل ننڍي ڪسيءَ جي وسيلي اچي رهيو هو.
چين ۾ ڊريگن، خير، برڪت ۽ خوشحالي ۽ شينھن قوت ۽ اقتدار جون علامتون/ نشانيون آهن. ماڻهو اڪثر پنھنجي گاڏين جي پويان ۽ گهرن ۾ ڊريگن جون تصويرون ۽ اسٽڪر هڻندا آهن.

اڄ جمع جو ڏينھن هئڻ ڪري کشين کي به موڪل هئي، سو وشال، نسيم، مريم، کشين ۽ آءٌ ڏهين بجي ڌاري ’ڊريگن واٽر پارڪ‘ روانا ٿياسين. گاڏي کشين هلائي رهي هئي. جڏهن اسٽيرنگ تي ويھندي آهي ته ڏاڍي جذباتي ٿي ويندي آهي، کيس تيز ڊرائيو ڪرڻ جو وڏو شوق آهي، پر مجبور آهي ته پاڻ تي ضبط رکي، نه ته سندس پوائنٽس ڪٽجي ويون ته پنجن سالن لاءِ لائسنس رد ٿي ويندس. وشال اڳيان ويٺو ته چيومانس ”ابا، اسپيڊ تي ڪنٽرول رکرائجينس.“ ڪار پنھنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ آءٌ ٻاهر ڏسڻ لڳس. هاڻ مريم اسان سان هِري ويئي آهي، سو اسان سان گڏ پويان مزو لايو ويٺي هئي، سندس کل به مزيدار آهي. منھنجي پوٽي شفق جھڙي. ماڻهنس وشال کي چيو ته ”مريم جو نڪ ته صفا آهي ئي ڪونه….تنھنجي نڪ تي ته ويو ئي ڪونهي.“
مون چيس، ”وشال ماڻهين تنھنجو نڪ ڇڪي ڪڍيو هو. جي ماڻهين هتي هجي ها ته مريم جو نڪ به ڇڪي وڏو ڪري ها.“
جنھن تي وشال چيو، ”چينياڻيون منھنجي نڪ تي صفا چَريون آهن.“
جنھن تي کلندي چيم ته، ”لڳي ٿو ته کشين به تنھنجي نڪ تي چري ٿي هئي.“ جنھن تي وشال، مون ۽ ماڻهنس وٺي ٽھڪ ڏنو ته کشين به کلڻ لڳي. وري وشال جڏهن چينيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايس ته وري کلي. ان کي چئبو آهي، ٻوڙو کلي ٻه دفعا.

نيٺ اسان ’ڊريگن پارڪ‘ وٽ پھچي وياسين. ٻاهريون نظارو ئي اهڙو سُھڻو هو، جو ڪيا بات هي. ڪار پارڪ ڪري اسان هوريان هوريان پارڪ ڏانھن وڌڻ لڳاسين. ڇا ته وڻ گل ۽ ٻوٽا هئا، ساوڪ ئي ساوڪ، اکيون ان ساوڪ سبب ڄڻ وڌيڪ روشن ٿيڻ لڳيون. رستي جي ٻنھي پاسن ستن اٺن فُٽن جي فاصلي تي ٺھيل ٿنڀن ۾ ڊريگن جا خوبصورت سونھري مجسما لڳل هئا. جيڪي الائجي ڪيترا هئا. روڊ جي مٿان چين جا جهنڊا ۽ سينگار لڳل هو. ڪجهه وقت اڳ جيڪو آزاديءَ جو هفتو ملھايو ويو هو. اها سجاوٽ ان موقعي تي ڪئي ويئي هئي. اسان هلندا اندرينءَ گيٽ وٽ ٽڪيٽ گهر وٽ پھتاسين. آسپاس ڪولڊ ڊرنڪس، ٽوپين ۽ سوينرس جا ننڍا ننڍا شاپس هئا، جيڪي مايون هلائي رهيون هيون. اتي کشين اندر ٽڪيٽ وٺڻ ويئي، في فرد 20 يوان جي ٽڪيٽ هئي. وشال وري اتان ٻه ٽوپيون ورتيون، هڪ منھنجي لاءِ ٻي ماڻهنس لاءِ. ماڻهنس پاتي ته چيومانس ”هاڻ ته صفا منڊم ٿي لڳين، بس رڳو پينٽ پائي.“ جنھن تي کلي. پوءِ سڄي پارڪ جي سير جي دوران اسان کي اهي ٽوپيون پاتل رهيون. ٽڪيٽ ڏيکاري اندر گهڙياسين ته شٽل بيٺي هئي، جنھن ۾ وڃي ويٺاسين. پنڌ هلون ها ته اڌ ۾ ئي ويھي رهون ها. ڇاڪاڻ ته پارڪ تمام وڏي آهي. سڄو ڏينھن گهُم، تڏهن به شايد کُٽي. پارڪ ۾ ماڻهو تمام گهٽ هئا. شايد پويون تاريخون هيون ان ڪري. اسان شٽل ۾ ويٺاسون ته شٽل هلڻ لڳي. شٽل ۾ ٻيا به چيني ويٺا هئا. اتي شٽل گاڏي کان سواءِ ريل به شٽل جي صورت ۾ هلندي آهي. جيڪا پڻ اڳيان بيٺي هئي. شٽل هلڻ شروع ڪيو ته اسان آسپاس ڏسڻ شروع ڪيو. جڏهن ٻاهريون ماحول خوبصورت هوندو آهي ته اندر پاڻمرادو بُود ۾ اچي ويندو آهي. بس ڇا ڏسي ڇا ڏسجي، ايڏا ته خوبصورت نظارا هئا، جو ڍؤ ئي نه پي ٿيو.

شٽل پنھنجي آخري اسٽاپ تي بيٺي، جتي سامھون هڪ وڏو ڊريگن جو مجسمو ٺھيل هو، جنھن جي وات مان پاڻي نڪري رهيو هو، جيڪو ڦوهاري جي شڪل ۾ وهي هيٺ ٺھيل وڏي حوض ۾ پئي رهيو هو. جنھن ۾ وري ننڍيون ننڍيون مڇيون تري رهيون هيون. اهو پاڻي مٿي ٺھيل سمينٽ جي اڇي ڪنول جي گل مان ننڍين ننڍين ڪَسين جي صورت ۾ وهي اچي ڊريگن جي وات مان ٿي نڪتو. اسان کي پريان کان ئي گلاس برج نظر اچي رهي هئي، جنھن تي چين جو ڳاڙهو پنجن تارن وارو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. ڪجهه پريان هڪ ريسٽورينٽ ٺھيل هئي. اسان مٿي چڙهي ٿڪاسين ته اتي ويھي پاڻ سان آندل پاڻي ۽ جوس پيتوسين، کشين ٿيلهيءَ مان اوٻاريل بيدا ڪڍي اسان جي اڳيان رکيا، جيڪي هوءَ گهران رڌي کڻي آئي هئي، اسان ٻه ٻه بيدا کاڌا ته به بچي پيا.
پھرين ڏينھن ڇا ٿيو جو فليٽ تي صبح جو آءٌ اندران ڪمري مان نڪري ٻاهر صوفي تي اچي ليٽي پيس، جاڳ ٿيم ته ڏٺم ته منھنجي اڳيان ٽيبل تي ڇھه اوٻاريل بيدا ۽ گرم کير جنھن ۾ سويا بين پيل هو رکيا هئا. جيڪي صبح جو سوير کشين ڊيوٽي تي وڃڻ کان اڳ منھنجي اڳيان رکي ويئي هئي.چيني اوٻاريل بيدن جا به شوقين آهي. هڪئي مھل ڇھه ست بيدا کائڻ سان به سندن ڪُک سائي نه ٿئي. اسان ته هڪ کائون ته ڄڻ لک کٽيوسين.
بيدا کائي، پاڻي ۽ جوس پيئڻ دوران آسپاس جا نظارا به ڪندا رهياسين. ٿڪ ڀڃي، تازا توانا ٿي وري پنڌ پياسين. وچ تي هيٺ هڪ ننڍي ڍنڍ نظر آئي، جنھن ۾ ڪسيءَ جي صورت ۾ ڪٿان پاڻي اچي رهيو هو. اتي ئي هڪ پل ٺھيل هئي. جنھن جي ڀرسان هڪ حوض ٺھيل هو ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي وڏيون هئڊيون مڇيون تري ۽ ٽپا ڏيئي رهيون هيون. مون سوچيو ته جي اهڙيون مڇيون اسان وٽ ايئن ترنديون نظر اچن ها ته ڪڏهوڪيون کاڄي پيچي هضم ٿي وڃن ها. پر سائين چيني وڏا ذميوار قسم جا ماڻهو آهن. پنھنجي شين کي سنڀالين ٿا. اهو ڊريگن پارڪ جبلن جي وچ ۾ هو، جن تي ننڍيون ننڍيون ڏاڪڻيون ۽ هٽس ٺھيل هئا، روڊ جي ڪنارن تي ڪافي هنڌن تي ڪنفيوشس جا ننڍا ننڍا مجسما ڪي هٿ ٻڌيو ته ڪي ٻين شڪلين ۾ ٺھيل هئا. ڪنفيوشس قديم چيني فلاسافر آهي، جنھن جي تعليم جا چينين تي وڏا اثر آهن. ويھين صديءَ جو هڪ اهم چيني مورخ ’ننگ يولان‘ چيني تاريخ تي ڪنفيوشس جي اثرن کي مغرب ۾ سقراط جي اثرن جھڙو قرار ٿو ڏي.
ڪٿي ڪٿي وري هلندڙ ڦيٿا ٺھيل هئا. مطلب ته پارڪ کي سُھڻو بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئائون. اتي هڪ هوٽل به ٺھيل آهي، جتي سياح رات رهي به سگهن ٿا. بھرحال ڪافي هلڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ هاڻ اسان گلاس برج تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪا مٿي اسان کي نظر اچي رهي هئي. اچڻ مھل مون سوچيو هو ته هتي ضرور ڪي پکي، ڪانگ، ڪبوتر ۽ جهرڪيون وغيره نظر اينديون. انهن جي ڪان ڪان، ڳٽرڳون ۽ چھه چھه ٻڌڻ ۾ ايندي، پر هتي ڪاريءَ وارا ڪک هئا. هڪ هنڌ هڪ پڃري ۾ بند مور نظر آيو ۽ بس. حقيقت ۾ باغ ۽ بَستان پکين ۽ پکڻن کان سواءِ ائين ٻُسا ٻُسا لڳندا آهن، جيئن لوڻ کان سواءِ کاڌو بي سوادي هوندو آهي.

اسان هلندا مٿي چڙهڻ لڳاسين. ڪافي ور وڪڙ ۽ ڏاڪڻيون چڙهندا مٿي ته پھتاسين پر گلاس برج جي ڊيگهه ڏسي همت ئي نه پي ٿي. کشين کي چيم ني ڇو (چڙهه)، ته هٽي پري ٿي دل تي هٿ رکي چيائين، ”ابو، ڦان.. ڦان…“ (ابو مون کي ڊپ ٿو ٿئي). پوءِ وري مون کي چيائين، ”ابو… ني ڇو….“ [ابو، تون چڙهه] مون کان کل نڪري ويئي ۽ چيم ”ڦان…. ڦان..“ پوءِ ته سڀ اچي کلياسين. ٿوري دير بيھي آسپاس ڏسي، روح تازو ڪري، هوريان هوريان هيٺ لھي آياسين. ’ڊريگن پارڪ‘ جي وزٽ گهڻو ٿڪائي ڇڏيو هو. گهر پھچي ڦان ٿي اچي ڪرياسين. ڊريگن پارڪ گهمڻ جي ڪري اڄ جمع نماز پڙهي نه سگهياسين. اڄ نئننگ (چين) ۾ اسان جو ٽيون جمع آهي.
*
شام جو ابوذر اقبال آيو ۽ پاڻ سان ڪتاب Common knowledge about Chinese Culture کڻي آيو، جنھن جي هڪ پاسي چيني ۾ ته ٻي پاسي انگريزي ۾ لکيل آهي، جنھن ۾ هڪ باب قديم چيني ادب بابت به آهي. ڪجهه ڏينھن اڳ جڏهن مون کيس پنھنجو ڪتاب ’دلي جيسا مين ني ديکا‘ ڏنو ته چيائين، ’انڪل!‘، مون وٽ به هڪ ڪتاب پيو آهي، جيڪو اوهان کي ڏيندس. پنھنجي ان اردو ڪتاب جي هڪ ڪاپي پاڻ سان کڻي آيو هئس. هيستائين ٻه باب پڙهيا اٿس، جن کيس مزو ڏنو. مون ڪتاب ڏيڻ تي سندس مھرباني مڃي ته کلندي چيائين، ”حساب برابر هوگيا.“
ابوذر هتي گوانگسي يونيورسٽي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. اصل صوابي، ڪي پي ڪي جو آهي. لڳ ڀڳ روز شام جو ايندو آهي. ڪلهه چيائين ته انڪل ڪلب چلين؟ چيومانس هل ته اهو جھان به ڏسون. چيائين، هڪ ٻن ڏينھن ۾ بُڪنگ ٿو ڪرايان.
هاڻ ڏسان ته ڪڏهن ٿو وٺي هلي.
اسان کي ڪلب جو پروگرام ٺاهيندي ڏسي رضوان ۽ شھزاد چيو ته، ”ابوذر هم ڀي چلينگي.”
______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي
Excellent articles