اسرائيلي فوجي ڪاررواين غزہ کي ڏڪار ڏانهن ڪيئن ڌڪي ڇڏيو؟
انگ اکر ٻڌائين ٿا ته غزہ جا ماڻهو هاڻي صرف بک نه پر بقا جي جدوجهد ۾ مبتلا آهن، ۽ خاص طور ٻار ان بحران جو سڀ کان وڏو نشانو بڻجي رهيا آهن۔
مُشتاق ٽانوري
غزہ، جيڪو سالن کان سخت ناڪابنديءَ هيٺ رهيو آهي، هاڻي پنهنجي تاريخ جي بدترين انساني بحران ڏڪار ۾ ڦاٿل آهي۔ گڏيل قومن ۽ سي اين اين جي رپورٽن مطابق، اسرائيلي فوجي حڪمتِ عملين نه رڳو امداد روڪي آهي، پر خوراڪ ۽ زندگي بچائڻ واري سامان کي باقاعدي هڪ هٿيار جي طور استعمال ڪيو آهي. 5 فيبروري 2024 تي اسرائيلي فوج مرڪزي غزہ ۾ گڏيل قومن جي خوراڪ کڻندڙ قافلي تي فائرنگ ڪئي۔ هي قافلو اڳواٽ اسرائيلي فوج ۽ گڏيل قومن ٻنهي کان منظور ٿيل هو۔ حملي کان پوءِ گڏيل قومن کي اتر غزہ ڏانهن سڀ رسدون بند ڪرڻيون پيون، جنهن سان لڳ ڀڳ ٽي لک ماڻهو خوراڪ کان محروم ٿي ويا۔ جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته اسرائيل امدادي سامان کي پنھنجي طريقن سان روڪيندو رهيو:

* دوائون، وينٽيليٽر، پاڻي صاف ڪرڻ جا نظام ۽ ٻيون اهم شيون داخل ٿيڻ نه ڏنيون ويون۔
* معمولي سببن تي به انساني امداد روڪجي وئي۔
* نتيجي ۾ اسپتالون ۽ صحت جا مرڪز بغير وسيلن جي رهجي ويا۔
اسرائيل پراڻو امدادي ورهائڻ وارو نظام ختم ڪري، هڪ نئون فوجي ڪنٽرول هيٺ نظام قائم ڪيو، جنهن کي غزہ هيومنٽيرين فائونڊيشن (جي ايڇ ايف) سڏيو ويو۔ صرف چار وڏا مرڪز قائم ڪيا ويا، جتان لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهن کي امداد ملڻي هئي۔
* پر انهن مرڪزن ۾ پاڻي، صفائي ۽ تحفظ موجود نه هو۔
* گهڻا مرڪز جنگي علائقن ۾ هئا، جتي وڃڻ ماڻهن لاءِ جان جو خطرو هو۔
* غزہ شهر جي محاصري دوران اسرائيلي فوج بيڪريون، اٽي جون مِلون ۽ خوراڪ جا گودام تباهه ڪري ڇڏيا.
* مقامي زراعت ۽ خوراڪ جي پيداوار مڪمل طور ختم ٿي وئي۔
* نتيجي ۾ ماڻهن وٽ خوراڪ جو ڪو به ٻيو ذريعو باقي نه رهيو۔
تازين رپورٽن مان صورتحال جي سنگيني واضع ٿئي ٿي، غزه جي 96 سيڪڙو آبادي شديد خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي. اپريل 2025 تائين، پنج لک ماڻهو بک يا فاقي کي منهن ڏئي رهيا هئا۔ آگسٽ 2025 ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ سڄي آبادي خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي، جن مان ٻٽيھ سيڪڙو 6 لک 70 هزار ماڻهو مڪمل طور ڏڪار ۾ آهن۔ جولاءِ 2025 تائين پنجن سالن کان ننڍا ٻارنهن هزار ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار ٿيا، جيڪو هڪ مهيني ۾ سڀ کان وڏو انگ آهي۔ جُون ۾ علاج هيٺ ٻارن جو تعداد 6,344 هو، جيڪو جولاءِ ۾ وڌي 11,877تي پهتو۔ غذائي کوٽ سبب جولاءِ 2025 ۾ 24 ٻار فوت ٿيا، جيڪو سڄي سال ۾ غذائي سبب مرڻ وارن ٻارن جو پنجاسي سيڪڙو آهي۔ يونيسيف ۽ ڊبليو ايڇ او خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن امداد فوري طور نه پهتي، ته ٻارن ۾ موت جي شرح وڌيڪ وڌي سگهي ٿي. انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته بک کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جنگي ڏوھ آهي ۽ بين الاقوامي قانون جي چٽي ڀڃڪڙي آهي۔ گڏيل قومن بار بار خبردار ڪيو آهي ته غزہ ۾ انساني بحران هاڻي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي رهيو آهي۔ عالمي برادري طرفان امدادي رستن کولڻ لاءِ دٻاءُ وڌايو پيو وڃي، پر روڪاوٽون اڃا برقرار آهن. سي اين اين جي جاچ واضح ڪري ٿي ته اسرائيلي حڪمتِ عملين ــ امدادي قافلن تي حملا، ضروري سامان جي رڪاوٽ، امداد کي فوجي ڪنٽرول ۾ رکڻ، ۽ خوراڪ جي ڍانچي جي تباهي گڏجي هڪ مصنوعي ڏڪارپيدا ڪيو آهي، جيڪو هاڻي پوري آبادي کي وڪوڙي چڪو آهي۔ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته غزہ جا ماڻهو هاڻي صرف بک نه پر بقا جي جدوجهد ۾ مبتلا آهن، ۽ خاص طور ٻار ان بحران جو سڀ کان وڏو نشانو بڻجي رهيا آهن۔
______________