تعليمي محاذ تي ذهانت جي مڃتا ماڻيندڙ شڪارپوري شاگردياڻيون
سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ نياڻي ماھما کان پوءِ، نائين ڪلاس جي شاگردياڻي مسڪان فاطمه ميمڻ، پاڪستان پوسٽ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪيل خط نويسيءَ جي مقابلي ۾ سڄي ملڪ اندر ٻي پوزيشن حاصل ڪري شڪارپور جو نالو روشن ڪري ڪيو آھي
نسيم بخاري
سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي امتحان ۾ 180 مان 179 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ ۽ سوشل، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجندڙ نياڻي ماھما کان پوءِ، شڪارپور جي حصي ۾ قومي سطح تي حوصلي واري هڪ ٻي وڏي ڪاميابي جي خبر سامهون آئي آهي.

ماهمه هريش، ڊاڪٽر هريش جي نياڻي آهي. ڊاڪٽر هريش نه سرڪاري ملازم آهي، نه ئي ڪو مالدار ماڻهو، ۽ نه وري کيس ڪنهن طاقتور يا سياسي گهراڻي جو پسمنظر حاصل آهي. هاٿي در واري علائقي ۾ پير فقيرالله شاهه علويءَ جي ويجهو علوي محلا ۾ رهندڙ ۽ رستم روڊ تي ذاتي ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر هريش پنهنجي محنت، ايمانداري، ذاتي صلاحيتن ۽ ديانتداريءَ سان سڃاڻپ ماڻيندڙ شخص آهي. سندس نياڻيءَ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ، شڪارپور جي شاهي بازار ۾ ڪافي عرصي کان ڪپڙا وڪڻي حلال روزي ڪمائيندڙ، مذهبي خيال رکندڙ هڪ واپاري اياز ميمڻ جي نياڻي صلاحيتن جو اڀرندڙ سج بڻجي سامهون آئي آهي، جنهن شڪارپور سميت سڄي ملڪ جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ اڻٿڪ محنت، جاکوڙ ۽ اڳتي وڌڻ جا نوان گس نروار ڪري ڇڏيا آهن، جن ڪاميابين اميد، حوصلي ۽ روشن مستقبل ڏانهن وڌڻ جو هڪ نئون دڳ پڻ ڏيکاريو آهي.

شڪارپور جي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول صديق ماڙيءَ جي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي مسڪان فاطمه ميمڻ، پاڪستان پوسٽ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪيل خط نويسيءَ جي مقابلي ۾ سڄي ملڪ اندر ٻي پوزيشن حاصل ڪري شڪارپور جو نالو روشن ڪيو آھي . سندس ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول صديق ماڙيءَ جي هيڊمسٽريس وسيمه قادريءَ جي ميزبانيءَ هيٺ اسڪول ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان پوسٽ جي پوسٽ ماسٽر آغا محمد علي پٺاڻ ڪامياب شاگردياڻي مسڪان فاطمه ميمڻ کي 20 هزار رپيا نقد انعام ۽ گلدستو پيش ڪيو.
شاگردياڻيءَ جي شاندار ڪاميابيءَ تي اسڪول انتظاميا ۽ استادن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته سندس ڪاميابيءَ کي شڪارپور لاءِ هڪ اعزاز قرار ڏنو پيو وڃي.
پاڪستان پوسٽ پاران نوجوانن لاءِ 55 هين عالمي خط نويسيءَ جي مقابلي جي سلسلي ۾ قومي سطح تي مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ٽي بهترين ليک چونڊيا ويا. اسلام آباد ماڊل اسڪول فار گرلز، جي-7/1، جي شاگردياڻيءَ پهرين، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول صديق ماڙيءَ، شڪارپور جي مسڪان فاطمه ميمڻ ٻي، جڏهن ته پشاور جي سينا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي دعا اختر ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
يونيورسل پوسٽل يونين جي سهڪار سان پاڪستان پوسٽ پاران منعقد ڪيل 2026ع جي خط نويسي واري مقابلي جو موضوع هو ته ڊجيٽل دنيا ۾ انساني رابطن جي اهميت بابت پنهنجي ڪنهن دوست ڏانهن خط لکيو وڃي. مقابلي ۾ 9 کان 15 سالن جي عمر وارن شاگردن کي حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو ويو، جڏهن ته خط هٿ سان لکڻ ۽ ان کي 800 لفظن ۾ پورو ڪرڻو ھو .

عالمي پوسٽ جو ڏينهن هر سال 9 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. 1969ع ۾ ٽوڪيو ۾ يونيورسل پوسٽل يونين جي ڪانگريس پاران اهو ڏينهن عالمي سطح تي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. خط نويسيءَ جو عالمي مقابلو 1971ع کان ٻارن ۾ لکڻ جي صلاحيت، تخليقي سوچ ۽ خيالن جي اظهار کي هٿي ڏيڻ لاءِ منعقد ٿيندو اچي ٿو.
ماھما جو ايم ڊي ڪيٽ ۾ پھرين ۽ مسڪان فاطمه ميمڻ جي قومي سطح تي ٻي پوزيشن حاصل ڪرڻ واري ڪاميابي ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردياڻيون به پنهنجي محنت، صلاحيت ۽ تخليقي سوچ جي آڌار تي ملڪ جي سطح تي اهم مقام حاصل ڪري سگهن ٿيون.
شڪارپور جي ٻن شاگردياڻين جي مڃتا جو سفر ان حوالي سان به حوصلو بخشيندڙ آهي ته ڪاميابي ڪنهن طبقاتي فرق، سماجي حيثيت يا مالي وسيلن توڙي ذات پات جي محتاج نه هوندي آهي. صلاحيت، محنت، مستقل مزاجي ۽ موقعن جي مناسب استعمال سان عام گهراڻن جا ٻار به غيرمعمولي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهندا آھن .
اسان جي سماج ۾ هيٺئين طبقي ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو اڪثر احساس محروميءَ جو شڪار رهندا آهن. کين اهو محسوس ٿيندو آهي ته وڏا منصب، اعليٰ تعليمي ادارا ۽ نمايان ڪاميابيون رڳو وسيلن وارن ماڻهن جي پهچ ۾ آهن. پر شڪارپور جي انهن نياڻين جي ڪاميابين غريب ۽ وچولي طبقي جي شاگردن ۾ اڳتي وڌڻ جي جستجوءَ کي نه رڳو جاڳائي جواني بخشي آھي پر وڌيڪ تقويت به وٺراني آهي.
انهن ڪاميابين اهڙن خاندانن لاءِ به حوصلي جو سبب پيدا ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي پگهر جي پورهئي سان گهر جي چلھه ٻارن ٿا ۽ پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ محدود وسيلن باوجود جدوجهد ڪن ٿا.
انهن مثالن سان اهو تاثر به ڪمزور ٿيو آهي ته اعليٰ تعليمي مقام يا ڪنهن اهم حيٽيت تائين پهچڻ لاءِ سياسي مداخلت، سفارش يا وڏي رقم جو هجڻ لازمي آهي. جڏهن ادارا اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي موقعا فراهم ڪن ٿا ته عام گهراڻن جا ٻار به پنهنجي صلاحيتن جو مڃتا ماڻي وٺن ٿا.
هيءَ صورتحال انهن والدين لاءِ به سوچڻ جو موقعو فراھم ٿي ڪري ، جيڪي اڄ تائين پنهنجي نياڻين جي تعليم کي پٽَن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اهميت ڏيندا رهيا آهن ۽ پڙهائڻ، سهولتون فراهم ڪرڻ توڙي مستقبل جي تعمير جي معاملن ۾ پٽن کي اوليت ڏيندا رهيا آهن. ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته پٽن کي ترجيح نه ڏني وڃي؛ اصل مقصد اهو آهي ته جتي پٽن کي موقعا ملن، اتي نياڻين کي به برابر جا حق ڏنا وڃن. تعليم، روزگار، اڳتي وڌڻ ۽ زندگيءَ جا اهم فيصلا ڪرڻ جا موقعا ڇوڪرين کي به ملڻ گهرجن،
جيڪڏهن اڄ جي سماجي حالتن جو جائزو وٺجي ته ڪيترن ئي خاندانن ۾ والدين جي خدمت، سندن عزت ۽ احترام توڙي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ جي حوالي سان نياڻين جو ڪردار ن اھم نظر اچي ٿو. شادي شده هجن يا غير شادي شده، ڪيتريون ئي نياڻيون پنهنجي والدين جو اهڙو خيال رکن ٿيون، جيڪو انهن پٽن کان به وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو، جن جي تعليم ۽ تربيت تي لکين ڪروڙين رپيا خرچ ڪري کين زندگيءَ ۾ اڳتي آندو ويندو آھي .
هيءَ ڳالهه سڀني پٽن بابت هڪجهڙي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ناهي، پر والدين جي خدمت ۽ محبت کي رڳو پٽن سان مخصوص سمجهڻ واري سوچ تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت ضرور اجاگر ٿيڻ گھرجي.
ماضيءَ ۾ سول سوسائٽيءَ جا ادارا ۽ مخير حضرات اهڙين سرگرمين کي هٿي وٽرايندا هئا، جن وسيلي محنت ۽ صلاحيت سان ڀرپور ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا هئا. اهڙيون ڪوششون نوجوانن جي همت وڌائينديون ھيون ، سندن حوصلو بلند ڪندي کين پنهنجي قابليت ثابت ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم فراهم ڪنديون هيون. افسوس جو اهڙين سرگرمين جو تسلسل هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ انتھائي گهٽ نظر اچي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ اهي سرگرميون ڪنهن اهڙي خوبصورت سپني جو حصو بڻجي ويون هجن، جيڪو پنهنجي تعبير کان گهڻو پري ڀٽڪندو رهيو آھي.
اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر هريش ۽ اياز ميمڻ جي همت، اعتماد ۽ پنهنجي نياڻين جي صلاحيتن تي ڀروسي کي ساراهڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي. اسان جي سماج ۾ ڪيترائي والدين پنهنجي نياڻين جي حفاظت بابت خدشن ۽ امڪاني خطرن سبب کين گهر کان ٻاهر تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلڻ وقت گهڻي ڳڻتي محسوس ڪندا آهن. اهڙين حالتن ۾ پنهنجي نياڻين تي اعتماد ڪندي کين تعليم ۽ ڪاميابيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ والدين جي حوصلي ۽ روشن خياليءَ جو ثبوت آهي.

ڊاڪٽر هريش ۽ اياز ميمڻ جي نياڻين پنهنجي محنت، ذهانت، صلاحيت، ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ سان پنهنجي خاندانن جو مان مٿانهون ڪيو آهي. سندن ڪاميابين مان اتساهه وٺندي ٻيا شاگرد ۽ شاگردياڻيون به پنهنجي خاندانن لاءِ فخر جو سبب بڻجي سگهن ٿا. اهڙيون ڪاميابيون اهو پيغام ڏين ٿيون ته اولاد جي مستقبل جي تعمير ۾ والدين جو اعتماد، سهڪار ۽ مناسب رهنمائي بنيادي اهميت رکي ٿي.
جن والدين ڪنهن به خوف، سماجي دٻاءَ يا روايتي سوچ سبب پنهنجي نياڻين کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ کان پاسو ڪيو آهي، تن لاءِ به وقت ۽ حالتن سنجيده سوچ ويچار جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. تعليم نياڻين کي نه رڳو معاشي طور پاڻڀرو بڻائي ٿي، پر کين پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ، درست فيصلا ڪرڻ ۽ سماج ۾ باوقار مقام حاصل ڪرڻ جو موقعو پڻ ڏئي ٿي.
شڪارپور جي نياڻين جي شاندار ڪارڪردگيءَ شھر جي نوجوانن، خاص طور ڇوڪرن، لاءِ به سنجيده غور فڪر جو جواز پيدا ڪيو آهي. کين وقت ۽ حالتن جي تقاضائن موجب پنهنجي ترجيحن، محنت ۽ ڪردار جو تعين ڪرڻ گهرجي، جيئن هو پنهنجي صلاحيتن کي بهتر نموني استعمال ڪري سگهن. مقابلي جي اصل روح هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ سان گڏ پاڻ کي بهتر بڻائڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي سماج لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ به آهي.
آءِ بي اي سکر هجي يا پاڪستان پوسٽ، اهڙن ادارن پاران اهليت کي اهميت ڏيڻ ٻين ادارن لاءِ به حقيقت شناسي ۽ انصاف پسنديءَ جي راهه اختيار ڪرڻ جو مثال بڻجي سگهي ٿو. جڏهن قابليت جي بنياد تي نوجوانن کي مڃتا ملي ٿي ته ادارن تي اعتماد وڌي ٿو ۽ شاگردن ۾ محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. اهڙي پذيرائيءَ تي ٿيندڙ بحث به سماج کي اهو سوچڻ جو موقعو ڏئي ٿو ته تعليم جي ميدان ۾ ميرٽ، شفافيت ۽ برابر موقعن کي ڪيئن وڌيڪ مضبوط بڻائجي .
نااميدي، مايوسي ۽ بيچينيءَ جي هن دور ۾، جتي قدم قدم تي منفي خبرون ۽ ڏکوئيندڙ واقعا سامهون اچن ٿا، اتي اميد جي ڪا لهر ۽ حوصلي جو ڪو حوالو زندگيءَ جي سونهن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏي ٿو. جڏهن ڪنهن عام گهراڻي جي نياڻي پنهنجي محنت سان قومي سطح تي مڃتا ماڻي ٿي ته اها رڳو هڪ خاندان جي خوشي نه هوندي آهي، پر سڄي سماج لاءِ اميد جو پيغام بڻجي ويندي آهي.
ماهمه هريش ۽ مسڪان فاطمه ميمڻ جون ڪاميابيون شڪارپور جي تعليمي تاريخ ۾ حوصلي، محنت ۽ امڪانن جي اهم ڪڙين طور ياد رکڻ جهڙيون آهن. انهن نياڻين ثابت ڪيو آهي ته صلاحيتن کي اڳتي وڌڻ لاءِ رڳو وڏو نالو يا طاقتور پسمنظر نه، پر محنت، اعتماد، موقعن ۽ اهليت توڙي مڃتا جي ضرورت هوندي آهي.
اهڙين ڪاميابين کي رڳو خبر بڻائي وساري ڇڏڻ بدران، اسڪولن، تعليمي ادارن، سماجي تنظيمن، مخير حضرات ۽ سرڪاري ادارن جي ترجيح ھئڻ کپي هو باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائيءَ لاءِ مستقل پروگرام شروع ڪن. ڇو ته جڏهن هڪ نياڻيءَ جي ڪاميابيءَ کي مڃتا ملي ٿي ته ان سان رڳو سندس ذاتي مستقبل روشن نٿو ٿئي، پر ڪيترن ئي ٻين ٻارن جي دلين ۾ به اڳتي وڌڻ جو خواب جاڳي پوي ٿو. اميد جي اها ئي روشني سماج کي مايوسيءَ مان ڪڍي ٿي.
___________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



