موھن جو دڙو: ڏاڪڻين وارو اهرام، مٽيءَ جون مورتيون ۽ پُراسرار خانقاھ
بنگالي آرڪيالاجسٽ رکلداس بئنرجيءَ جي موھن جي دڙي بابت رپورٽ جي ٽئين باب جي ھن حصي ۾ کوٽائيءَ دوران ظاھر ٿيل آثارن، اڏاوتي هنر ۽ صديون پراڻي تهذيب جي مختلف دورن جو هڪ تفصيلي تاريخي ۽ فني جائزو پيش ڪيل آھي. صحن جي اڀرندي پاسي کان لڌل پٿرن، تبرڪات جي دٻن ۽ ٻڌمت سان تعلق رکندڙ اسٽوپا جي پليٽ فارم جي بناوٽ مان قديم سنڌ جي ترقي يافته اڏاوتي مهارت جو پتو پوي ٿو. پليٽ فارم جي حفاظتي ڀِتين، فرشن جي مٿانهين ۽ هيٺانهين سطحن جي تبديلين، ۽ قديم زماني جي عظيم هال سميت “عجيب ۽ غريب خانقاهه” جي بيهڪ پڙهندڙ کي ملبي هيٺيان دٻجي ويل تاريخ جي چئن مختلف تعميراتي دورن جو سير ڪرائي ٿي.

نصير اعجاز
صحن جي اڀرندي پاسي جي کوٽائي ۽ لڌل شيون
صحن جي اڀرندي پاسي جي کنڊرات جي صفائيءَ دوران، مختلف هنڌن تان پٿر جون ڪيتريون ئي شيون هٿ آيون. اتر-اڀرندي ڪنڊ مان ڳاڙهي پٿر (sandstone) جو هڪ وڏو ٽُڪرو مليو جيڪو 2 فٽ ٿُلهو هو. ان جي اصل ڊيگهه هن وقت معلوم نٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان جا ٻئي پاسا ڀڳل هئا ۽ گم ٿيل حصا ٻيهر هٿ نہ اچي سگهيا. ساڳئي ئي قسم جي ڳاڙهي پٿر مان ٺهيل ٻہ ٻيٺڪون يا پيڊسٽل (pedestals) پڻ لڌا ويا، پر انهن جا پاوَڙا (ڄنگهون) غائب هئا.
ساڳئي ئي علائقي مان ٻن ٿانون يا تبرڪات رکڻ وارن دٻن (reliquary caskets) جي ڍڪڻن جا ٽڪرا پڻ مليا. اهي ٽڪرا ايڏا تہ ننڍا آهن جو انهن جي ماپ جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي. هڪ ٽڪرو ٻنهي پاسن کان اڀريل (convex) آهي ۽ ڪنول جي پنکڙيءَ جي مٿئين حصي سان مشابهت رکي ٿو. ان ٽڪري جي مٿاڇري واري سطح تي پالش ٿيل ناهي. ٻئي ٽڪري جي مٿين ڪنڊ ڪنول جي پنکڙيءَ وانگر مڙيل آهي، جيتوڻيڪ ان جي اندرين سطح پَورائيءَ واري (concave) ناهي. هڪ ٻيو کھرو گول ڍڪڻ، جيڪو يا تہ چُن جي پٿر (limestone) مان يا ڀُرندڙ پٿر Sandstone مان ٺهيل هو، سو پڻ هن ئي هنڌ تان هٿ آيو.
صحن ۽ اسٽوپا جي پليٽ فارم جي بناوت
جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، صحن جي ويڪر سڀني پاسن کان هڪجهڙي ناهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو تہ صحن ان پڪين سرن جي پليٽ فارم کان گهڻو اڳ تعمير ڪيو ويو هو، جنهن تي اڳتي هلي اسٽوپا (stupa) اڏيو ويو. اتريون پاسي، پليٽ فارم جي تعمير ۾ سرن جي سڀ کان هيٺين قطار، ان پاسي جي فرش جي سطح کان 3 فٽ 2 انچ مٿي بيٺل آهي. سرن جي اها تعمير پڪين سرن جي پليٽ فارم جي هيٺان موجود رک جي تهہ ۽ ملبي جي هيٺان تائين وڃي ٿي. اترئين پاسي، موجوده پڪي مٿاڇري جي مٿان يقينن وڌيڪ اوچا پڪا فرش موجود رهيا هوندا، ۽ اهي فرش ڪنهن به صورت ۾ پليٽ فارم جي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان هيٺ نٿي ٿي سگهيا.
لُڙهي ويل اُلهندي پاسي، جتي اسٽوپا جي پليٽ فارم جو هڪ حصو ڊهي پيو هو ۽ ان ڪري اتي ڪافي گهرائيءَ تائين کوٽائي ڪئي وئي هئي، اتي پليٽ فارم جي بنياد جي هيٺان ۽ رک جي تهہ جي هيٺان موجود پڪن فرشن جي هيٺان گهٽ ۾ گهٽ چار مختلف اڏاوتي دور دريافت ٿيا. انهن چئن دورن مان هر هڪ دور دوران، صحن جي اُلهندي حصي کي نئين سر پڪو ڪيو ويو هو. هن پاسي، پليٽ فارم ۾ سرن جي سڀ کان هيٺين قطار لڳ ڀڳ ساڳي سطح تي آهي جيڪو اتريون پاسي آهي. هن پاسي وارو قديم ترين فرش يقينن پليٽ فارم جي تعمير جي سڀ کان هيٺين قطار کان ڪجهه انچ مٿي هوندو.
حفاظتي ڀِتيون ۽ فرشن جي سطح ۾ تبديليون
پوئين دور ۾، سرن جي اڏاوت کي مضبوط ڪرڻ ۽ محفوظ رکڻ لاءِ، پليٽ فارم جي اُلهندي ڪنڊ جي متوازي هڪ اوچي حفاظتي ڀِت (retaining wall) اڏي وئي. هن اضافي ڀت ۾ سرن جي سڀ کان هيٺين قطار، خود پليٽ فارم جي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان 9 انچ وڌيڪ گهري آهي. جڏهن هيءَ مددگار ڀت تعمير ڪئي وئي، تڏهن پڪي صحن کي به ٻيهر اڏڻ جي ضرورت پئي هوندي.
ان کان پوءِ، پهرين حفاظتي ڀت سان ملائي هڪ ٻي مددگار ڀت ڏيڻ جي ضرورت پڻ واضع طور محسوس ڪئي وئي. تنهن هوندي بہ، ان وقت تائين صحن جي الهندي ڪنڊ تي فرش جي سطح ڪافي مٿي ٿي چڪي هئي، ۽ ان ڪري هن ٻي حفاظتي ڀت ۾ سرن جي سڀ کان هيٺين قطار، پهرين اضافي ڀت جي سڀ کان هيٺين قطار کان 2 انچ مٿي آهي. جڏهن هيءَ ٻي حفاظتي ڀت اڏي وئي، تڏهن فرش کي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳئين فرش جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اوچي سطح تي تيار ڪيو ويو هوندو.
الهندي پاسي ڪمري نمبر 31 جي سامهون هڪ ٻيو فرش دريافت ٿيو، جيڪو ٻي مددگار ڀت جي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان 3 فٽ ساڍا 5 انچ هيٺ هو. هن چوٿين فرش کان 2 فٽ 2 انچ جي گهرائيءَ تي، اسان کي قديم ترين فرش جي سطح ملي، جنهن جو مٿاڇرو اترئين پاسي جي موجوده فرش جي سطح سان ميل کائي ٿو. پليٽ فارم ۾ سرن جي سڀ کان هيٺين قطار ۽ هن سڀ کان هيٺين فرش جي وچ ۾ اوچائيءَ جو فرق 5 فٽ 1 انچ آهي.
هن قديم ترين فرش جي هيٺان اسان کي هڪ ان کان بہ وڌيڪ قديم ڀت هٿ آئي، جنهن جي سرن جي سڀ کان مٿين قطار، پليٽ فارم جي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان 5 فٽ 8 انچ هيٺ آهي. تنهن ڪري اهو يقيني آهي تہ ان مخروبي تباھيءَ جي هيٺان، جنهن جي مٿان پڪين سرن جو پليٽ فارم اڏيو ويو هو، اڃا بہ اڳوڻيون اڏاوتون موجود هيون، جن جا باقيات هاڻي خود پليٽ فارم کان لڳ ڀڳ 6 فٽ هيٺ موجود آهن.
پوئين دور ۾، پليٽ فارم جي ڏاکڻي پاسي پڻ هڪ ٻي حفاظتي ڀت يا ٽيڪ (buttress) جو اضافو ڪيو ويو، جيڪا ڏنل پاسي جي ڏکڻ-الهندي ڪنڊ کان وٺي لڳ ڀڳ ٻئي حصي تائين پکڙيل هئي. اصل پليٽ فارم ۾ سرن جي سڀ کان هيٺين قطار، هن حفاظتي ڀت يا ٽيڪ جي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان 2 فٽ 2 انچ وڌيڪ گهري آهي.
ڏاکڻي پاسي وارو مندر ۽ ڏاڪڻيون (اسٽيپ پيرامڊ)
پڪين سرن جي پليٽ فارم جو هي پاسو ٻين پاسن جي ڀيٽ ۾ بهتر حالت ۾ محفوظ آهي. پهريون تہ، هن پاسي جي بلڪل وچ ۾، ڪچين سرن جي اسٽوپا جي بلڪل سامهون، هڪ مندر (shrine) آهي. هن مندر جي فرش جي سطح پليٽ فارم جي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان 5 انچ مٿي آهي. مندر جي ساڄي پاسي، يعني ڏاکڻي پاسي جي وچ کان وٺي اڀرندي حصي تائين، پليٽ فارم جي ٻاهرئين رخ سان گڏ ٽي ڏاڪا دريافت ٿيا. اهي واضع طور تي اشارو ڪن ٿا تہ پڪين سرن جو پليٽ فارم اصل ۾ هڪ ڏاڪڻين واري اهرام (step pyramid) جي شڪل ۾ تعمير ڪيو ويو هو.
پهريون يا سڀ کان هيٺيون ڏاڪو، اصل پليٽ فارم ۾ سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان 1 فٽ 9 انچ مٿي بيٺل هو. ٻيو ڏاڪو 1 فٽ 11 انچ مٿي اڀريل هو، جڏهن تہ ٽيون ڏاڪو 2 فٽ مٿي هو. ٽئين ڏاڪي کان پوءِ، باقي سڀني ڏاڪن جي اوچائي لڳ ڀڳ هڪجهڙي يعني اٽڪل 1 فٽ ساڍا 10 انچ هئي. پليٽ فارم جي مٿين سطح هاڻي ايتري تہ خراب حالت ۾ آهي جو وڌيڪ ڪنهن ڏاڪي جي سڃاڻپ نٿي ڪري سگهجي.
هن ماڳ جي کوٽائيءَ دوران، پليٽ فارم جي لاهيءَ تي ٽئين ڏاڪي جي مٿان رک جو هڪ ڍير هٿ آيو. اهو ظاهر ڪري ٿو تہ ڪچين سرن جو اسٽوپا هڪ اڳوڻي اڏاوت جي کنڊرات تي اڏيو ويو هو، ۽ ان جي ڪري ئي پڪين سرن جي پليٽ فارم جي تعمير لازمي بڻي. هيءَ رک ڏاکڻي پاسي واري سڀ کان مٿين ڏاڪي ۽ اسٽوپا جي ڍول جهڙي (drum-like) ڪچين سرن جي اڏاوت جي بلڪل وچ ۾ ملي هئي. تنهن هوندي بہ، نہ تہ خود ڏاڪڻين جي مٿان ۽ نہ ئي صحن جي اندر ڪا رک هٿ آئي.
ساڳيا ٽي ڏاڪا پليٽ فارم جي اولهندي پاسي پڻ دريافت ٿيا. ٽئين يا سڀ کان مٿين ڏاڪي تي هڪ خاص طور تي تراشيل سوراخ (mortise-hole) موجود هو، جيڪو يقيني طور تي ڪنهن مورتي جي هيٺان نڪتل چُهنب (tenon) کي ڦاسائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. اهو ممڪن آهي تہ هتي ڪا مٽيءَ جي مورتي (terracotta image) رکيل هجي، بلڪل اهڙي ئي جهڙي مسٽر ڪوزنز (Mr. Cousens) کي ميرپورخاص واري علائقي مان ملي هئي (اينوئل رپورٽ آف دي آرڪيالاجيڪل سروي آف اِنڊيا، ڀاڱو ٻيون، 10–1909، پليٽ XXXVIII)
ڏاکڻي پاسي جي موجوده باقيات مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ پليٽ فارم جي اترئين ۽ اڀرندي پاسي جون لاهيون، الهندي ۽ ڏاکڻي پاسن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اُڀيون هيون. اسٽوپا جي پٺئين اُلهندي پاسي وارو ڪچين سرن جو ڍول جهڙو حصو خاص طور تي گهڻو اُڀو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هي حصو نئين سر تعمير ڪيو ويو هو. اهو شايد ان اضافي وزن کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو هو، جيڪو ڪچين سرن جي ڍول کي پليٽ فارم جي بلڪل وچ زاوئي سان معمولي پاسيرو (off-center) اڏڻ سبب پيدا ٿيو هو.
اهو ممڪن ٿو لڳي تہ پليٽ فارم جي الهندي پاسي ڪو طاق يا جارو (niche) موجود هو جيڪو مورتي رکڻ لاءِ ٺاهيو ويو هوندو. پر هن وقت، ان مندر جو ڪو به نشان باقي ناهي بچيو، سواءِ هڪ سادي هموار فرش جي، جيڪو ڪچين سرن جي ڍول جي بنياد سان مليل آهي.
هال ۽ ٿنڀن وارا بنياد (Pedestal Bases)
مستطيل صحن جي چاڙھي طرف ڪمرن جون قطارون موجود آهن. صحن جي اتر-الهندي ڪنڊ تي هڪ وڏو هال آهي جيڪو 42 فٽ 9 انچ ڊگهو ۽ 19 فٽ 6 انچ ويڪرو آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو تہ مکيہ لنگهه (داخلا) شايد هن ئي پاسي کان هو. هن هال جي اُلهندي ۽ ڏاکڻي پاسن تي، ڪيترن ئي چورس ٿنڀن (pillars) جا بنياد مليا، جيڪي هيٺان کان مٿي تائين سوڙها (tapering) ٿيندا پئي ويا.
هال جي فرش تي ٻن مختلف دورن سان تعلق رکندڙ سرن جون ڪيتريون ئي اڏاوتون آهن. مجموعي طور تي اهڙيون چورس اڏاوتون ڇهہ آهن. هال جي بلڪل وچ ۾ ٻہ چورس ٻيٺڪي بنياد (pedestal bases) آهن، جيڪي ڪمري جي ٻين ساڳين اڏاوتن جي ڀيٽ ۾ اڳوڻي دور جا لڳن ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻن بنيادن ۾ سرن جي سڀ کان هيٺين قطار، ان سان مليل مٿين ۽ هيٺين چورس ٻيٺڪي بنيادن جي سڀ کان هيٺين قطارن کان 1 فٽ 7 انچ وڌيڪ گهري آهي. اهي مشاهدا چورس ٻيٺڪي بنيادن جي پهرين جوڙي بابت آهن. مٿيان بنياد جزوي طور تي هيٺين بنيادن جي مٿان اڏيا ويا هئا.
اهڙي ئي نموني، ٻيٺڪي بنيادن جو ٻيو جوڙو، پهرين جوڙي کان ترتيبوار 5 فٽ 3 انچ ۽ 6 فٽ 2 انچ ڏکڻ ڏانهن واقع آهي. پهرين ۽ پوئين دورن جي وچ ۾ سطح جو اهو فرق، جيڪو سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان ماپيو ويو آهي، 1 فٽ ۽ ساڍا چار انچ آهي.
ٻئي گروپ جي اڳوڻي دور وارن ٻيٺڪي بنيادن تي سرن جا ٻہ مرڪزي گول گهيرا (concentric circular rings) ٺهيل آهن. ٻاهريون ۽ وڏو گهيرو 4 فٽ 2 انچ قطر جو آهي، جڏهن تہ اندرين ننڍي گهيري جي ماپ 3 فٽ 8 انچ آهي. تعمير جي نموني مان معلوم ٿئي ٿو تہ اهي گول سرن جا گهيرا گول ٿنڀن لاءِ قالبدار بنياد (moulded bases) هئا. اهو ممڪن ٿو لڳي تہ سرن جي انهن ٻيٺڪي بنيادن تي ڪاٺ جا گول ٿنڀا کڙا ڪيا ويا هئا. ڪاٺ جي ٿنڀن جي هيٺان مرڪزي جهريون يا سوراخ (sockets) ٺاهيا ويا هئا، جيڪي سرن جي گهيرن تي بلڪل پوريءَ طرح ٺهڪي اچي پيا ۽ ٿنڀن کي پنهنجي جاءِ تي مضبوطيءَ سان بيهارڻ ۾ مدد ڪندا هئا.
ٻيٺڪي بنيادن جي هن ٻئي جوڙي جي ڏکڻ ۾ هڪ ٻيو جوڙو آهي، جيڪو اوڀر-اولهه محور تي ترتيب ڏنل آهي. اهي ٻئي بنياد، جيڪي هڪ قديم ڀت جي مٿان اڏيا ويا آهن، هڪٻئي کان 4 فٽن جي فاصلي تي آهن. هن قديم ڀت جو صحن جي مٿان هن وقت ظاهر بيٺل اڏاوتن سان ڪو به تعلق ناهي. اهي ٻئي ٻيٺڪي بنياد، جيڪي هال جي آخري ساڄي يا ڏاکڻي ڇيڙي تي واقع آهن، شڪل ۽ ماپ ۾ بلڪل انهن پوئين دور جي بنيادن جهڙا آهن، جيڪي اترئين پاسي پراڻن ٻيٺڪي بنيادن جي مٿان اڏيا ويا هئا. اهو ظاهر ڪري ٿو تہ اهي سڀئي اڏاوتون هڪ ئي دور سان تعلق رکن ٿيون.
لڳي ٿو تہ هن هال ۾ اصل ۾ چار ٿنڀا هئا. انهن مان ٽي هڪ سڌي لڪير ۾ بيٺل هئا، جڏهن تہ چوٿون بلڪل ڏاکڻي پاسي انهن سان ڪاٽو زاويه (right angle) تي بيٺل هو. انهن چئن ٿنڀن هال جي ڇت کي سهارو ڏنو ٿي. ڇت شايد يا تہ ٽائلن جي يا وري اس ۾ سڪايل مٽيءَ جي سرن جي ٺهيل هئي، جهڙيون اڄ به سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڏسي سگهجن ٿيون.
پراڻا ۽ وڌيڪ گهرا ٻيٺڪي بنياد لڳ ڀڳ صحن جي اترئين ۽ اڀرندي پاسي جي فرشن واري زماني جا آهن. مٿيان ۽ پوئين دور جا بنياد، تاريخ جي لحاظ کان صحن جي اڀرندي پاسي جي مٿين فرشن جي سطحن سان ميل کائين ٿا.
هن هال جي اڀرندي ڀت مڪمل طور تي ڊهي چڪي هئي، ۽ ان جي برباديءَ ۾ مقامي ڳوٺاڻن پاران پنهنجن گهرن لاءِ اڏاوتي سامان کڻڻ جي مسلسل ڪوششن پڻ تيزي آندي. هاڻي اتي ڪجهه بہ باقي ناهي بچيو سواءِ هڪ سنئين ڀت جي، جيڪا اٽڪل 2 فٽ 6 انچ ٿُلهي آهي ۽ خالي هال جي آرپار اتر کان ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿي.
هن هال جي فرش جي سطح ۽ سائيٽ نمبر 1 تي مکيہ پليٽ فارم جي اڀرندي پاسي سامهون لڌل وڏي ڏاڪڻ (gigantic staircase) جي سطح جي وچ ۾ فرق جي وضاحت ڪرڻ ڏکيوئي آهي. اهو ممڪن آهي تہ هن هال جي اترئين يا اڀرندي ڀتين ڏانهن ڪي ڏاڪڻيون موجود رهيون هجن، پر اهڙيون سڀئي وچوليون اڏاوتون هاڻي مڪمل طور تي غائب ٿي چڪيون آهن.
ڪمرو نمبر 2 (عجيب ۽ غريب خانقاهه)
هن هال يا لنگهه جي ڏکڻ ۾ هڪ ڊگھو ۽ سوڙهو ڪمرو واقع آهي، جنهن جو اصل مقصد اڄ معلوم ڪرڻ ڏکيو آهي. هيءُ 23 فٽ 8 انچ ڊگهو ۽ صرف 3 فٽ 4 انچ ويڪرو آهي. ڪمرو ايترو تہ سوڙهو آهي جو ان جي اندر ٻن ماڻهن جو ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي گڏ هلڻ بہ ڏکيو هوندو. ان جو فرش سرن سان ٻڌل آهي، ۽ فرش جي سطح صحن جي اڀرندي پاسي واري سڀ کان مٿين يا پوئين پڪي ڪيل سطح کان صرف اڌ انچ مٿي آهي.
هن غير معمولي ڪمري جي دروازي جي چائنٺ (threshold) پَوري پٿر جي هڪ سادي ٽڪري مان ٺهيل آهي. ايئن لڳي ٿو تہ هي ننڍو ۽ سوڙهو ڪمرو ڪنهن زماني ۾ هڪ اهم مندر يا خانقاهه رهيو هوندو، ڇاڪاڻ تہ بعد ۾، لڳ ڀڳ ٻي صدي عيسويءَ جي آس پاس، ان جي اترئين ۽ ڏاکڻين ڀتين سان ملائي حفاظتي ڀِتيون يا ٽيڪون (buttresses) اڏيون ويون هيون.
حقيقت ۾، هن ڪمري جون اصل ڀتيون 2 فٽ 6 انچ ٿُلهيون هيون، پر پوءِ مضبوطيءَ لاءِ هڪ اضافي ٻاهرين ڀت شامل ڪئي وئي، جنهن سان ڀتين جي ٿولهه وڌي 5 فٽ ٿي وئي. هن ڪمري جي اترئين حفاظتي ڀت سان گڏ اهي ٻيٺڪي بنياد اڏيا ويا هئا، جيڪي مٿي ذڪر ڪيل هال جي ڏاکڻي ڀت جي ڀرسان واقع آهن، ۽ گڏوگڏ نقشي ۾ ڏيکاريل لنگهه نمبر 1 (Passage No. 1) پڻ اتي ئي آهي.
نقشي ۾ هن سوڙهي ڪمري کي “ڪمرو نمبر 2” (Chamber No. 2) طور نشانزد ڪيو ويو آهي.
ڪمرو نمبر 3 ۽ فرشن جي تعمير جو عمل
ان سان گڏوگڏ ڏکڻ ۾ موجود ڪمرو، جيڪو “ڪمرو نمبر 3” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اهو اڃا بہ وڌيڪ دلچسپ آهي ڇاڪاڻ تہ مسٽر اين. اي. وارٽيڪر (Mr. N. A. Wartaker) کي اتان کان چُن جي گچ مان ٺهيل ٻڌ مت جون مورتيون (stucco Buddha images) هٿ آيون هيون. هن هنڌ تي موجود اڏاوتون صحن جي قديم ترين فرش کان بہ وڌيڪ پراڻيون آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن جون ڀتيون وڌيڪ گهري سطح تي رکيل آهن. پوءِ واري دور ۾، انهن اڳوڻين اڏاوتن کي ڀتين جي اندر بند ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمرو نمبر 3 وجود ۾ آيو.
پوءِ جڏهن صحن جي چئني پاسي ڪمرا تعمير ڪيا ويا، تڏهن هڪ اڏاوت جنهن جي ڊيگهه 3 فٽ 6 انچ هئي ۽… …هڪ ڏاڪو جيڪو 3 فٽ 6 انچ ڊگهو ۽ 1 فٽ 1 انچ ويڪرو هو، سو تعمير ڪيو ويو تہ جيئن ماڻهو صحن جي اڀرندي پاسي کان آسانيءَ سان هيٺ لهي هن ڪمري ۾ داخل ٿي سگهن.
ھوريان ھوريان، پراڻين اڏاوتن جو ملبو فرش تي گڏ ٿيندو ويو، جنهن جي ڪري ڪمري جي فرش جي سطح مٿي کڄي وئي. ان کان پوءِ مٿاڇري کي هموار ڪرڻ ۽ ان جي مٿان هڪ نئون فرش اڏڻ ضروري ٿي پيو. سرن جي پراڻي فرش جي باقيات جي مٿان، اٽڪل 3 کان 4 انچ ٿُلهو واريءَ جو هڪ تهہ وڇائيو ويو. هن واريءَ جي تهہ جي مٿان، اس ۾ سڪايل مٽيءَ جي سرن جون ٽي قطارون رکيون ويون. آخر ۾، نئون فرش جوڙڻ لاءِ مٽيءَ جي سرن جي سڀ کان مٿين قطار جي مٿان پڪين سرن جو هڪ تهہ لڳايو ويو. معلوم ٿئي ٿو تہ پڪين سرن جي هيءَ آخري قطار وڇائڻ کان اڳ، مٽيءَ جي سرن جي مٿين مٿاڇري تي چُن جي گچ (lime plaster) جو لَيپو ڏنو ويو هو. (ھلندڙ)
___________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



