چيني عورتون سخت محنتي ھُجڻ سان گڏ پيار محبت ۾ ڏاڍيون جذباتي بہ آھن
چيني مايون سگهاريون آهن. مردن وانگر ڪم ڪن ۽ هر ڪم ۾ اڳڀريون، ٽئڪسي ڊرائيور، پارڪنگ، دوڪانن تي سيلز مين کان صفائي سٿرائي جي ڪمن تائين، ٻارهن ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪن
دڪانن ۽ ٻين هنڌن تي عورتن جو وڏو انگ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، ان حد تائين جو شام جو پوڙها ۽ پوڙهيون به پڙي لڳائي ويٺل نظر ايندا. کين واندو ويھڻ ۽ اولاد تي چٽي ٿيڻ پسند ڪونهي.
چين ۾ ارڙهن سالن کان پوءِ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجن معاملن ۾ آزاد آهن. اڪثر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گرل فرينڊ يا بواءِ فرينڊ رکن ۽ هڪٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏيو، پيا هلندا آهن ۽ هوٽلنگ ڪندا آهن. هٿ ۾ هٿ به ٻانهن ۾ ٻانهن، چيلهه ۾ هٿ، همراهه دنيا جھان کان بي خبر
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
آڪٽوبر 13، 2024 تي ننڊ مان اٿي ٻاهر صوفي تي اچي ويٺس ته وشال به ننڊ مان اٿي آيو ۽ چيائين ته ابو اميءَ کي اُٿار ۽ تون به تيار ٿي ته تنگچي ڪرائي اچون. تنگچي رجسٽريشن کي چئبو آهي. چين ۾ هر ٻاهران ايندڙ ماڻهوءَ کي پوليس وٽ تنگچي يعني پنھنجي اچڻ جي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي آهي. آن لائين تنگچي ته وشال اسان جي ٻي ڏينھن ئي فوٽو ڪڍي ڪرائي ڇڏي هئي، پر تصديق جو پنو کڻڻ لاءِ پوليس اسٽيشن وڃڻ ضروري هو. سو اسان ٽئي هٿ منھن ڌوئي، برش ڪري تيار ٿي هيٺ لھي اچي روڊ تي بيٺاسين، ٻي گهڙيءَ ٽئڪسي به اچي اسان اڳيان بيٺي، جيڪا وشال آن لائين لوڪيشن ڏئي گهرائي هئي. ان ٽئڪسيءَ جا ڀاڙا مقرر آهن. پنج کان پندرهن يوآن تائين، جيڪي پڻ وي. بيٽ اڪائونٽ ذريعي ادا ڪجن ٿا. اسان ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ۽ پنجن ستن منٽن ۾ اچي پوليس اسٽيشن پھتاسين ۽ اندر گهڙياسين ته اتي ڪيترائي پوليس وارا پنھنجي ڊريسن ۾ ڪمپيوٽر جي اڳيان ويٺا هئا. اسان ٻيئي سامھون ڪرسين تي ٿي ويٺاسين. وشال ساڻن ڳالهايو ۽ ٻي گهڙيءَ، هنن ڪمپيوٽر مان ٻه پرنٽ ڪڍي وشال جي حوالي ڪيون ۽ وشال اسان کي واپس هلڻ جو چيو. ان سڄي عمل ۾ پنج منٽ به ڪونه لڳا ۽ اسان جي تنگچي يعني رجسٽريشن ٿي ويئي. هت ته بيٺي پير ڪم ٿي ويو. ان تنگچي جي پني تي اسان جي سڄي بايو ڊيٽا لکيل هئي. وشال وري به آن لائين ٽئڪسي گهرائي ۽ گهر موٽي آياسين.

منھنجي هاڻ عادت ٿي ويئي آهي ته معمول موجب ڇھين بجي جاڳ ٿيندي اٿم ته اُٿي اچي ٻاهر صوفي تي ليٽي پوندو آهيان، يا ته ڪو ڪتاب پڙهندو آهيان، يا وري نوٽس لکندو آهيان. ڪلهه کان ’ڦو اي‘ جي آتم ڪھاڻي جي ترجمي کي وري به هٿ ڳنڍيا اٿم. ان دوران وشال جي گهر واري کشين اٿي تيار ٿي پنھنجي جاب تي هلي ويندي آهي ۽ شام جو ڇھين تائين اتي هوندي آهي. هتي نجي طور نوڪري ڪندڙن وٽ موڪل جو تصور به نه آهي، هِتي هفتي جا ست ئي ڏينھن ڪم، سندن پگهارون به ايتريون گهڻيون ڪونهن، ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ کشين جي وڏي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ به اٿندي آهي، جيڪا ساڻن گڏ رهندي آهي ۽ مريم کي سنڀاليندي آهي، ڇو ته يارهين ڌاري وشال به هوٽل تي هليو ويندو آهي. وشال ٻڌايو ته کشين پنھنجي ڀيڻ کي مريم جي سنڀالڻ جا ٽي هزار يوان معاوضو ڏيندي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته رشتي ناتي جي ڪابه اهميت ڪونهي. پاڻ ۾ مٽ مائٽ هوندي به هڪٻئي کان معاوضو وٺندا آهن.

چين ۾ مرد توڙي عورتون ڪم ڪن ۽ سخت محنتي آهن. مون ڏٺو ته شام جو پنجين کان پوءِ مرد توڙي عورتون ۽ نوجوان ڇوڪرا گاڏي توڙي لوڊر ٽائپ گاڏين تي ڪوبه وکر کڻي اچي فوٽ پاٿ تي وڪرو ڪرڻ لاءِ بيھندا آهن. دڪانن ۽ ٻين هنڌن تي به عورتن جو وڏو انگ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، ان حد تائين جو شام جو پوڙها ۽ پوڙهيون به پڙي لڳائي ويٺل نظر اينديون آهن. کين واندو ويھڻ ۽ اولاد تي چٽي ٿيڻ پسند ڪونهي.
صبح جو اٿي ڏسندو آهيان ته سڄي ميز فروٽ، جوسن ۽ ڊبل روٽين سان ڀري پئي هوندي آهي. فروٽ ۾ وڏا انگور، سردو، صوف، ڪيلا، ڏاڙهون ۽ ٻه چار ائٽم اهڙن چائنيز فروٽن جا، جن جا نالا ئي ياد نه ٿا بيھن. سڀ وشال ۽ سندس وني وٺيو اچن. چوندو آهيانس ابا هيترو ڪير کائيندو ته کلي چوندو آهي، اوهان ٻيئي ٻيو وري ڪير؟ سچي ڳالهه اها آهي ته انهن مان هڪ هڪ داڻو يا ذرو ذرو کائجي ته به سڄو ڏينھن پيٽ ڀرجيو وڃي، وري جي شام جو هوٽل تي وڃي ويھان ته وشال هر هر ڪانه ڪا شئي، شوارمو، ڪباب، ٻوٽيون يا بوتل کڻيو اچي. بس هي وشال ته ڄڻ اسان کي کارائي کارائي مم ڪندو. پاڪستان مان سوچي آيو هئس ته هتي کاڌي پيتي ۾ ڪنٽرول ڪري ۽ واڪ ڪري وزن گهٽائيندس، پر وشال جيڪو هٿ ورتو آهي، ان مان لڳي ٿو ته مرڳو پنج ست ڪلو وزن وڌي نه وڃي.
چيني مٺاڻ ڪونه کائين. جو سندن چوڻ آهي ته مٺاڻ بيماريون ٿو پيدا ڪري ۽ وزن ٿو وڌائي. باقي کائڻ جا صفا کرا آهن. سڄو ڏينھن چرچران. وشال جي هوٽل جا گهڻا گراهڪ چيني آهن، سو ڏسندو آهيان ته کائڻ تي ٿا ويھن ته پوءِ ڄڻ دشمن جي در تي ٻڌڻ جھڙا آهن. تڏهن ته چوڻي مشھور آهي ته چيني چارپائيءَ کان سواءِ باقي هر شئي چٽ ڪريو وڃن. پر هڪ ڳالهه مڃبي ته کائڻ جا کرا ضرور آهن، پر ڪم لاءِ اصل ٻرَو نه ٿو چڙهين. نھايت محنتي، ڪم جا سَچلا آهن، جيڪو ڪم حوالي ڪرين، اصل منٽ ڪريو ڇڏين. چين جي هيڏي وڏي ترقي جو راز اها ”محنت“ ئي ته آهي.
چيني مايون سگهاريون ۽ جڙد مرد آهن. مردن وانگر ڪم ڪن ۽ هر ڪم ۾ اڳڀريون، ٽئڪسي ڊرائيور، پارڪنگ، دوڪانن تي سيلز مين کان صفائي سٿرائي جي ڪمن تائين، ٻارهن ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪن. ايئن چين جي ترقي ۾ مردن سان گڏ عورتن جو به حصو آهي. باقي اها ڳالهه ضرور آهي ته چيني مرد توڙي عورتون گهڻيون جذباتي آهن. شادي شده جوڙا جي گس هلندي ڪنھن ڳالهه تان اٽڪيا ته مڙس لت هڻي زال کي اُتي ئي ڇڏي روانو ٿي ويندو ته زال به. ۽ جي ٻار هوندن ته اتي پيو روئندو. چين ۾ ٻارن جي چوري به جام آهي. اڪثر مايون ٻارن کي چورايو وڃيو ٻي هنڌ وڪڻن، تنھنڪري مائٽ اڪثر ٻارن جي معاملي ۾ الرٽ هوندا آهن.

چين ۾ ارڙهن سالن کان پوءِ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجن معاملن ۾ آزاد آهن. اڪثر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گرل فرينڊ يا بواءِ فرينڊ رکن ۽ هڪٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏيو، پيا هلندا آهن ۽ هوٽلنگ ڪندا آهن. هٿ ۾ هٿ به ٻانهن ۾ ٻانهن، چيلهه ۾ هٿ، همراهه دنيا جھان کان بي خبر.

چين ايندڙ اڪثر ٻين ملڪن جا شاگرد هتي اچيو چيني ڇوڪرين سان دوستيون رکن. هتي عام تاثر اهو آهي ته چيني سِکڻي آهي ته چيني ڇوڪرين سان دوستي رکو، باقي چيني ڇوڪري گهڻي جذباتي آهي، پنھنجي بواءِ فرينڊ کي تحفا ڏينديون ۽ سندن خرچ به ڀرينديون آهن، پر جي ڇوڪرو ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ سان ملندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺائين ته پوءِ اُن ڇوري جو سر ويو، ساڻس اهڙو حشر ڪنديون آهن، جھڙو ٻُرڙي ڪيو ٻارن سان. ڇوري کي ڏنل سڀ تحفا کانئس ڳڻي وٺنديون ۽ ٻاهر ڦٽو ڪري در بند ڪري روئندي هليون وڃن ۽ اهو سامان ڦٻيو ٻين کي. جي ڇوڪرو، ڇوڪريءَ سان گڏ ٿو رهي ته سندس سامان ٻاهر اڇلي کيس ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ڇڏين، پوءِ پيو ڇورو ڌڪا جهلي، جي ٺھي ويا ته وري ڪجهه ڏينھن ۾ اهڙي جا اهڙا، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو. اهڙا ڪيترا ئي قصا هتي ٻڌڻ ۾ آيا.
_______________

يوسف سنڌي نامياروليک ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھن وقت چين ۾ رھيل آھي