پرومٿيوس، انساني عقل جو پهريون شهيد آهي
پرومٿيوس جي نالي جي معني آھي اڳواٽ سوچڻ وارو يا اڳ ڏسڻ وارو. ھن جو سڀ کان وڏو اوزار سندس عقل هو. ھُن انسانن سان محبت ۽ ھمدرديءَ جي ڪري آسمان تان ديوتائن جي باھ چوري ڪري ڌرتيءَ تي آندي، جنھن تي زيوس ديپتا کيس شھيد ڪرائي ڇڏيو
رشيد احمد خاصخيلي
تو لاءِ عين ممڪن آھي ڏند ڪٿائون ڪائي معني نہ رکنديون ھجنَ پر سچ تہ اُھو آھي مون ان ڏند ڪٿائن ۾ بہ انيڪ رستا ڳولھيا آھن، جيڪي رستا انساني عظمتَ جي وڏي ويلي ساکَ ڀرن ٿا تہ اوائلي انسان جي تخيل بہ ڪيڏي نہ سرشارَ ھُئي. غور ڪيو وڃي تہ ڏند ڪٿائون انساني تاريخ جا سڀ کان پراڻا قصا آهن، جيڪي لکيل تاريخ کان به اڳ جا آهن. جڏهن لکڻ جون اڃا ڪي سرحدون طئہ نہ ٿيون ھيون ۽ انسان جهنگلن ۾ اجنبي مسافرن وانگر رلندو وتندو ھو. پر ان ڳالھ ۾ رتيءَ برابر بہ گمان ناھي تہ ڪو اُنَ انسان وٽ سوال ۽ جواب نہ ھئا. ھن جو ذهن تہ ان اوائل ۾ بہ سوالن ۾ گهيريل نظر اچي ٿو. هن ڏٺو ته سج هر صبح نڪري ٿو ۽ شام جو الھي وڃي ٿو، رات ۾ تارا ٽمڪن ٿا، آسماني بجلي ڪڙڪي ٿي، مينهن وسي ٿو، ڪي ئي ٻوڏيون اچن ٿيون، ڪيترائي زلزلا ڌرتيءَ کي لوڏين ٿا ۽ آخر موت انسانيءَ زندگيءَ جا سڀئي ڏيئا ڦوڪَ ڏئي وسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
اُھا ڳالھ حقيقتن جي ويجھو آھي تہ انهن سڀني ڳالهين جو ڪو سڌو جواب هن انسان وٽ نه هو. پر تخيل ۽ خوف گڏجي ھنَ کي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٺاهڻ تي مجبور ڪيو. ھن قدرتي قوتن کي سمجهڻ لاءِ پھريائين تہ انهن کي انساني تصويرن ۾ پيش ڪيو. سج کي ديوتا بڻايو ويو، مينهن لاءِ الڳ ديوتا، ڌرتيءَ لاءِ هڪ ماءُ جهڙي ديوي، ۽ موت لاءِ هڪ انڌو ديوتا. هي ئي اُھي ڪردار ھُئا جيڪي آهستي آهستي پنڌ ڪندي ڏند ڪٿائن ۾ داخل ٿيا. مطلب ته ڏند ڪٿائون انسان جي ان ڪوشش جو نتيجو آهن جنهن سان هن پنهنجي سرشٽيءَ کي سمجهڻ ۽ خوف تي دسترس رکڻ لاءِ ڪيترائي جتنَ ڪيا. ڏند ڪٿائن جو ٻيو عڪس ۽ اولڙو گڏيل يادگيريون آهن. پراڻا قبيلا پنهنجن وڏن جي بهادري، شڪار، يا جنگي ڪارنامن کي ورجائيندا هئا. وقت سان اهي سادا قصا وڌي ويا، ۽ هڪ انسان کي اڌ ديوتا يا معجزاتي طاقت وارو بڻايو ويو. اهڙيءَ طرح حقيقي واقعن ۾ خيالي رنگ گڏجي ويا، ۽ ڏند ڪٿا جي اوسر وڌيڪ نکرڻ لڳي.
رڳو ايئن چوڻ بہ ڪا ڏاھپ ڪونھي تہ ڪو ڏند ڪٿائن جو ظھور خوف سبب ٿيو، پر انهن جو هڪ وڏو ڪردار اخلاقي ۽ سماجي به هو. هر ڏند ڪٿا پويان ڪيترائي سبق لڪل آھن. مثال طور باھ چوري ڪرڻ تي زيوس ديوتا، پرومٿيوس کي سزا ڏني. ڇا انهيءَ ڪهاڻيءَ مان اهو سنديشُ نہ نڪتو ته ديوتائن يا حڪمرانن جي حڪم جي ڀڃڪڙيءَ جو نتيجو سخت هوندو آھي، پر ساڳي وقت ھي ڏند ڪٿا انساني آزاديءَ جي خواهش جو اظهار به تہ بڻجي وئي. پوءِ ٿيو ايئن تہ انساني سماج جڏهن زراعت، شهرن ۽ تهذيب ڏانهن وڌيو ته ڏند ڪٿائون به وڌيڪ پيچيده ٿي ويون. ديوتائن جا وڏا خاندان ٺاهيا ويا، جنگيون بيان ٿيڻ لڳيون، محبت، حسد ۽ انتقام جون ڪهاڻيون پيدا ٿيون. اُهي ڪهاڻيون نسل در نسل زباني روايت ذريعي منتقل ٿينديون رهيون، ۽ پوءِ جڏهن لکڻ جو آغا ٿيو تہ داستانَ تخليق ڪندڙ انھن کي اکرن ۾ جيئارڻ لڳا.
ڏند ڪٿائن دراصل انساني تخيل، خوف، اميد ۽ علم جي تلاش مان جنم ورتو. بيشڪَ تہ اهي تاريخي حقيقتون نه آهن، پر اهي انسان جي اندروني دنيا ۽ سندس ابتدائي فڪر جو آئينو ضرور آهن. انهن ۾ اسان ڏسون ٿا ته انسان پنهنجي جڳَ جھان کي ڪيئن سمجهڻ چاهيو ۽ ڪيئن پنهنجي ڪائنات کي معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. ھا اھڙي ئي ڪوشش، جھڙي ڪوشش ھن پنھنجي تخليق ڪيل ڪردار پرومٿيوس ۾ پلٽي ھُئي. جيڪو سرڪش ھو باغي ھو. ھنَ ديوتائن کان باھ چوري ڪري انسانن لاءِ ڌرتيءَ تي آندي ھئي. باھ جي اھميت کان پرومٿيوس بخوبي واقف ھو ۽ اُھو وکر انسان لاءِ ڪيترو ضروري ھو ان جو اندازو اڄ جو جديد دور بہ ڄاڻي ٿو. قدرت جي وڏن رازن ۾ سڀ کان وڏو راز روشنيءَ جو راز آهي، ۽ روشنيءَ مان ئي حياتيءَ جي حرارت پيدا ٿئي ٿي. باھ جيڪا انساني وجود جي اوسر لاءِ سڀ کان پهريون هٿيار ٿي سامھون آئي ۽ ھن انساني زندگيءَ کي انھن ديوتائن تائين کڻي پڄايو ۽ سڀَ کان پھريان انسان چنڊ ديوتا جي مٿان پير رکيا (ھاڻ تہ انسان ڪيترن ئي اھڙن ديوتائن جا مٿا لتاڙي چڪو آھي ۽ اڃا اڳتي بہ لتاڙيندو) پر ان باھ جي ڏسَ ۽ چوريءَ جي سزا سڀَ کان پھريان پرومٿيوس جي حصي ۾ آئي ۽ ھنَ ان ڪم تي سرخرو ٿي سزا قبولي.
انسان جي هٿ ۾ باھ جو اچڻ صرف ننڍڙي تبديلي نه هئي، اها تهذيب جي سڀ کان وڏي تبديلي هئي. باھ ئي انساني ثقافت جو بنياد وڌو، ۽ پرومٿيوس ان ثقافت جو پهريون معمار هو. ان جي قربانيءَ سان ئي انساني زندگي پنهنجي ابتدائي جهنگلي دور مان نڪري تمدن ۽ شهري زندگيءَ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو _ در حقيقت پرومٿيوس جي ڪهاڻي انساني عقل، بغاوت ۽ قربانيءَ جو سرخرو داستان آهي. يوناني ڏند ڪٿائن موجب پرومٿيوس ٽائٽن مان هو، (يعني انهن پراڻن ديوتائن مان، جيڪي زيوس ۽ سندس ساٿين جي اچڻ کان اڳ دنيا تي حڪمران هئا.)

پرومٿيوس جي نالي جي معني آھي، اڳواٽ سوچڻ وارو يا اڳ ڏسڻ وارو. ھن جو سڀ کان وڏو اوزار سندس عقل هو. جڏهن زيوس آسمانن جي بادشاهي سنڀالي ۽ دنيا کي پنهنجي حڪم ۾ آندائين، تڏهن پرومٿيوس ڏٺو ته انسان بي حس، ڪمزور ۽ اونداهين ۾ رهندڙ آهي. انهن وٽ نه اوزار هئا، نه رهائش جو تحفظ، نه زراعت جا طريقا ۽ نه ئي ڪا اهڙي قوت جيڪا کين جانورن ۽ قدرتي آفتن کان بچائي سگهي. پوءِ ٿيو ڇا جو پرومٿيوس جي دل ۾ انساني همدرديءَ جي لهر ڊوڙڻ لڳي ۽ هن فيصلو ڪيو ته هو انسان کي اهو تحفو ڏيندو جنهن سان انسان پاڻ پنهنجي قسمت جو مالڪ بڻجي سگهي. زيوس جي حڪمن موجب، باھ رڳو ديوتائن لاءِ هئي. انساني دنيا لاءِ اها حرام هئي. پرومٿيوس ڄاتو ته جيڪڏهن هو اهو راز چوري ڪندو ته زيوس جي قهر جو شڪار ٿيندو، پر پوءِ به هن انساني محبت کي ترجيح ڏني. هڪ ڏينهن هن پنهنجي عقل ۽ حڪمت سان ديوتائن جي مقدس چُلھ مان باھ چوري ڪئي ۽ اُھا لڪائي زمين ڏانهن کڻي آيو. جڏهن انسان پهريون ڀيرو باھ ڏٺي ته هن جي دنيا ئي بدلجي وئي. سرد راتيون گرم ٿي ويون، جهنگلي جانور پٺتي هٽي ويا، ڌاتن کي ڳارڻ ۽ اوزار ٺاهڻ ممڪن ٿيو، زراعت ۽ پوک جو علم وڌيو، ۽ تهذيبن جا ڪيترائي درَ کلڻ لڳا. پر جيئن ئي زيوس کي اها خبر پئي ته پرومٿيوس باھ چوري ڪري کڻي ويو آهي، تڏهن ھن جو ڏمرَ، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ آسمان کي لوڏڻ لڳو. زيوس کي اهو لڳو ته انساني دنيا ۾ باھ جي موجودگي ديوتائن جي بالادستيءَ لاءِ خطرو بڻجي ويندي، ڇو ته انسان عقل ۽ فن ۾ وڌندا ۽ ديوتائن جي فرمانبرداري گهٽ ٿيندي. تنھن ڪري هن پرومٿيوس لاءِ هڪ اهڙو عذاب تيار ڪيو جيڪو صديون جاري رهي.
زيوس حڪم ڏنو ته پرومٿيوس کي هڪ وڏي جبل جي چوٽيءَ تي زنجيرن ۾ ٻڌيو وڃي، ۽ هر ڏينهن هڪ عقاب اچي ھنَ جي جگر کي پنھنجي نوخيز نھنَ سان پٽي. وري ساڳيو جگر هر رات ٻيهر پيدا ٿي، ۽ صبح ايندي ئي اهو عقاب وري اچي نئين سر ان کي چيري ڦاڙي ڇڏي. هي عذاب لامحدود هو، وقت جي حدن کان ٻاهر ھو. زيوس جي سوچ ۾ ھو تہ پرومٿيوس هر ڏينهن اذيتن ۾ رهندو، ۽ ھنَ کي پنھنجي ڪئي جو احساس ٿيندو ۽ ھو معافي لاءِ واجھائيندو.
پرومٿيوس جي ڏيکاريل خيالي تصوير مان واضح آھي تہ ھن جي چهري تي اذيتن جو عڪس آهي پر ساڳئي وقت هن جي مُکَ تي ضد جو انقلابي لڪيرون بہ آھن، جيڪي ٻڌائين ٿيون تہ ھنَ جي قرباني رائيگان نه وئي. ڀلي تہ ھنَ جو جسم زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، پر سندس روح ھر آئي ڏينھن آزاديءَ جي گُلنَ ۾ ڦُٽندو رھيس ٿو_ پرومٿيوس انساني تاريخ جي عظيم استعارن مان منجھان ھڪَ آهي. جيڪو ٻڌائي ٿو تہ انسانن جي آزاديءَ لاءِ قرباني ڏيڻي پوي ٿي، پرومٿيوس اُهو اُھڃاڻَ آهي جنهن ثابت ڪيو ته عقل ۽ محبت ديوتائن جي حڪم کان به وڏي شيءِ آهي. هو انساني عقل جو پهريون شهيد آهي، جنهن پنهنجي تڪليف کي انساني خوشحاليءَ جي عيوض قبوليو.
پرومٿيوس جي ڏند ڪٿائي ڪهاڻي ھر دور جي فلسفين، شاعرن ۽ ليکڪن لاءِ الهام جو سرچشمو بڻجي وئي. آيسڪلَس، جيڪو يونان جو وڏو ڊراما نگار هو، پنهنجي ڊرامي “پرومٿيوس بائونڊ” ۾ داستان کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪيو آھي، جو اڄ به پڙهندڙن کي سوچ جي وڏي گھري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿو. پرومٿيوس کي هن اهڙو شهيد ڏيکاريو جنهن جي بغاوت انساني وقار جي نمائندگي ڪري ٿي. فلسفي ۾ به پرومٿيوس کي انساني عقل جو استعارو سمجهيو ويو، جيڪو اندهين قوتن ۽ ظالمن جي حڪمرانيءَ آڏو سر نہ ٿو جُھڪائي_ ۽ اُھا ئي سوڀَ آھي جو پرومٿيوس جي بغاوت ۽ اذيت جا منظر تاحيات ياد رکيا ويندا، ڏٺو وڃي تہ ھنَ مٿان ڇڏيل زيوس ديوتا جو عقاب، درحقيقت طاقتور قوتن جو نمائندو آھي، جيڪي انساني آزاديءَ ۽ ترقيءَ کي دٻائڻ جي ناممڪن ڪوشش ڪري ٿو. پر پرومٿيوس جي جگر جو هر رات ٻيھر وجود ۾ اچڻ، اهو ٻڌائي ٿو ته انساني عقل ۽ قوت کي ھر دور ۾ جنم ملندو رھندو، اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.
پرومٿيوس جي ڏند ڪٿا جو هڪ ٻيو پاسو به آهي جيڪو زيوس جي حڪمرانيءَ ۽ ديوتائن جي خوف کي به ظاهر ڪري ٿو. ديوتا جيڪي پاڻ کي مقدس ۽ ناقابل شڪست سمجهن پيا اهي به انساني ترقيءَ کان ڊڄندڙ رھيا آھن. زيوس جو قهر اهو ظاهر ڪري ٿو ته هر طاقتور حڪمران کي اهو خوف هوندو آهي ته شايد سندس اقتدار ڪنهن نئين ڄاڻ يا نئين اوزار سان ٽٽڻ نہ لڳي. پرومٿيوس جي ڪهاڻيءَ مان ڪيترائي اخلاقي سبق به ملن ٿا، ھنَ باغيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته علم ۽ ترقيءَ لاءِ قرباني ڏيڻ ضروري آهي. ڪو به نئون علم، ڪا به نئين ڳولا بغير تڪليفن جي پلئي نہ ٿي پئي. پرومٿيوس کي پنهنجي تڪليف ۾ به راحتَ محسوس ٿي نظر اچي، ڇو ته هن ڄاتو ته انساني دنيا لاءِ هن جو ڪم هميشه ياد رکيو ويندو، تيئن ئي هر دور ۾ انساني ترقيءَ جا سپاهي بہ پنهنجي ذات کي قربان ڪري وڏي مقصد کي اڳتي وڌائيندا رهندا آھنَ، ھو پاڻَ تڪليفن ۾ گھاري آئيندن کي سنواريندا آھن، ھو امر آھن امر رھندا.
ھن ڏند ڪٿا جو ھڪ پاسو اُھو بہ چتائي سگھجي ٿو تہ پرومٿيوس، کي صديون عذاب ڀوڳڻا پيا پر آخرڪار هڪ ڏينهن هرڪولس، اچي کيس آزاد ڪيو. ھي اُھو منظر آھي جيڪو پڌرو ڪري ٿو تہ ظلم جا زنجيرَ هميشه لاءِ نه رهندا آھنَ آزاديءَ جو وقت بہ آخر ڪار اچي ڀليڪارَ ڪندو آهي. هرڪولس جي هٿن سان پرومٿيوس جي آزاديءَ جو مطلب آهي ته انسان جي قربانيءَ جو نتيجو آخرڪار آزاديءَ ۽ ڪاميابيءَ ۾ نڪرندو. قصو ڪوتاھ_ پرومٿيوس جو ھي ڏند ڪٿائي داستان هڪ مڪمل انساني ڪيڏارو آھي، جيڪو انساني عقل، بغاوت، قرباني ۽ اميد کي گڏ ڪري ٿو. ھي ڏند ڪٿا صرف يونان جي نه آهي، پر سموري انسانيت جي آهي. هر قوم، هر دور، ۽ هر جدوجهد ۾ پرومٿيوس جي عڪس کي ڏسي سگهجي ٿو. هن جي ڪهاڻي اڄ به ٻڌائي ٿي ته انسان جي سڀ کان وڏي طاقت سندس عقل آهي، ۽ ھن جي تڪليفن جو ثمرَ انسانيت آھي.
______________



