سويرا خاصخيلي انڌي غيرت جي اونداھ ۾ قتل ٿي وئي
سويرا خاصخيليءَ جي ڪھاڻي ڪنھن ھڪ نياڻيءَ جي نہ پر هزارين ناريُن جي ڪهاڻي آهي جيڪي روز هن ڌرتيءَ تي غيرت جي نالي ۾ ماريون وڃن ٿيون.
انٽر نيٽ جي دنيا ۾ اُھا خبر بہ گردش ۾ آھي تہ پير ڳوٺ ۾ قتل ڪيل نياڻيءَ کي ٻہ جاڙا ٻار بہ پيٽ ۾ ھُئا جيڪي پڻ ممتا سان گڏ قتل ٿي ويا.
رشيد احمد خاصخيلي
وڏيرڪي نظام ۽ انڌي غيرت ھڪ دفعو ٻيھر ھڪ نياڻيءَ جي زندگيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيو _ ان ڏيئي وسائڻ لاءِ جواز فقط ۽ فقط ڪارنھن جو الزام_ ڪلري محلي پير جي ڳوٺ ۾ سويرا خاصخيلي نالي ھڪ ڇوڪريءَ کي چار مھينا اڳ پنھنجي مڙسَ ھٿان طلاق ملي ٿي (اُھا طلاق ڪھڙن سببن ڪري ڏني وئي ڪا خبرَ نہ پئجي سگھي آھي) ان طلاق جي ٺيڪ چئن مھينن پڄاڻان ھڪ ڏينھن ساڳي نياڻيءَ کي وارثن پاران ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو آھي_ انٽر نيٽ جي دنيا ۾ اُھا خبر بہ گردش ۾ آھي تہ قتل ڪيل نياڻي کي ٻہ جاڙا ٻار بہ پيٽ ۾ ھُئا جيڪي پڻ ممتا سان گڏ قتل ٿي ويا. ڪيڏي نہ بي حسي ۽ المناڪ صورتحال آھي جو هڪ ڀيرو ٻيهر غيرت جي نالي ۾ وحشت جي انتها ڪئي وئي آهي. سويرا خاصخيليءَ جو نالو اڄ هر زبان تي آهي، پر سندس معصوم چهرو هاڻي صرف تصويرن ۾ باقي آهي. هن ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي عام نه آهي، پر هزارين ناريُن جي ڪهاڻي آهي جيڪي روز هن ڌرتيءَ تي غيرت جي نالي ۾ ماريون وڃن ٿيون. رت جا رشتا، جيڪي سويرا لاءِ سڀ کان وڌيڪ سهارو هجڻ گھرجن ھا پر نہ اُھي تہ ھن نياڻيءَ لاءِ موت جا سوداگر بڻجي ويا جڏھن ھن نياڻيءَ کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ته ڪنهن به هڪ لمحي لاءِ بہ اُھو ڪونہ سوچيو ته هي ڌرتيءَ جي ڌيءَ به انسان آهي، هن کي به زنده رهڻ جو حق آهي، هن جي پيٽ ۾ ٻه اڻ ڄاول ٻار به پلجي رهيا آهن. پر رت جا اهي رشتا جن کي محبت، سهاري ۽ حفاظت جي نشاني تصور ڪيو وڃي ٿو_ اڄ قتل، جبر ۽ وحشت جي تصوير بڻجي چڪا آهن.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڇا هي رت جا رشتا ايترا بي حس ٿي ويا آهن جو پنهنجي ئي گهر جي نياڻيءَ کي قتل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا؟ ڇا هن سماج جي غيرت جو معيار رڳو عورت آهي؟ مرد جڏهن ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ڌوڪو ڏئي ٿو، ظلم ڪري ٿو، نشي ۾ غرق ٿئي ٿو، ڌاڙيل بڻجي ٿو، تڏهن تہ ھن کي غيرت جا تير کيس زخمي نٿا ڪن. پر عورت جي ننڍڙي خطا تي سڄو سماج هن کي بغاوت ۽ بي غيرتيءَ جو نالو ڏئي کيس موت جي حوالي ڪري ٿو. سويرا جو قتل اصل ۾ رت جي رشتن جي منافقت ۽ بزدليءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي. ڇا اهو رشتو جيڪو هڪ ڀيڻ کي قتل ڪري عزت بچائڻ سمجهي ٿو، اهو واقعي رشتو سڏجڻ لائق آهي؟ حقيقت اها آهي ته اسان جو سماج مرد جي ڪمزوري کي عزت ۾ بدلائي ٿو ۽ عورت جي طاقت کي بغاوت ۾ بدلائي ٿو.
رت جا رشتا جڏهن قاتل بڻجن ٿا ته پوءِ عورت لاءِ وک وک قبرستان بڻجي پئي ٿي. سويرا خاصخيليءَ جي پيٽ ۾ ٻه جاڙا ٻار هئا، جيڪي پنهنجي ماءُ سان گڏ قتل ٿي ويا. ڇا انهن معصوم ٻارن کي به غيرت جي تلوار سان ڪُهي ڇڏڻ ضروري هو؟ ڇا هو به هن سماج لاءِ خطرو هئا؟ هن منظر کي تصور ۾ آڻڻ لاءِ بہ جگر کپي، پر رت جا اهي رشتا، جيڪي پنهنجي ئي جگر جا ٽڪرا قتل ڪن ٿا، انهن جي اکين ۾ نه رحم آهي، نه محبت، نه انساني وقار. اهي قاتل آهن، جيڪي پنهنجي هٿن تي رت لڳائي پوءِ به پنهنجو پاڻ کي غيرتي سمجهن ٿا. پر حقيقت ۾ اهي سماج جا سڀ کان وڏا بزدل آهن، جيڪي هڪ معصوم ڇوڪريءَ کي زندھ ڏسڻ جي همت نٿا رکن.
پر سوال آهي ته جيڪڏهن رت جا رشتا قاتل بڻجي ويا آهن ته پوءِ انهن خلاف ڪير بيهندو؟ ڇا وقت جي حڪومت جيڪا هر شهري جي حفاظت جو واعدو ڪندي آهي، اهڙن قتلن خلاف ڪڏهن واقعي ۾ قدم کڻندي؟ ڇا حڪومت، جيڪا عورت جي حقن جا وڏا وڏا نعرا هڻندي آهي، ڪنهن به قاتل کي انجام تائين پهچائيندي؟ افسوس اهو آهي ته هر ڀيري جيئن ئي غيرت جي نالي ۾ قتل ٿئي ٿو، وقت جي حڪومتن جون زبانون به خاموش بڻجي وڃن ٿيون، پوليس ڪيس دٻائي ڇڏيندي آهي، عدالتون ثبوت جي کوٽ جو بهانو ڪري ڇڏينديون آهن، ۽ آخرڪار قاتل بي خوف ٿي آزاديءَ سان گهمندا آهن. سويرا جي قتل کان پوءِ به اهو ئي ٿيندو، ڪجهه ڏينهن خبرون، ڪجهه ڏينهن سوشل ميڊيا تي ماتم، ڪجهه ڏينهن احتجاج، ۽ پوءِ خاموشي. پر ڇا هي خاموشي اسان جي بي حسيءَ جي انتها نه آهي؟
رياست هن ملڪ ۾ عورت لاءِ نه امڙ آهي، نه محافظ. جيڪڏهن عورت لاءِ انصاف هجي ها ته پوءِ غيرت جي نالي ۾ عورتون قتل نه ٿين ها. جيڪڏهن قانون زنده هجي ها ته پوءِ رت جا رشتا سويرا کي قتل ڪرڻ کان اڳ ڏھ ڀيرا سوچين ها. پر جڏهن قاتل کي خبر آهي ته کيس ڪو ڪجھ نه چوندو، ته پوءِ هن کي عورت جو رت وهائڻ ۾ ڪهڙو خوف ٿيندو؟ ھتان جو قانون ڪتابن ۾ ته سخت آهي، پر عمل ۾ ڪمزور آهي. قانون چوي ٿو ته غيرت جي نالي ۾ قتل ڪندڙ کي سزا ملندي، پر حقيقت ۾ قاتل ٿورن ڏينھن اندر ئي ضمانت تي آزاد ٿي وڃي ٿو ۽ ٻيهر ساڳئي سماج ۾ عزت وارو بڻجي ٿووقت جي حڪومت جي بي حسي سماج جي بيماري کي وڌائي رهي آهي. جڏهن حڪومت قاتلن کي سزا ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي، تڏهن سماج کي حوصلو ملي ٿو ته وڌيڪ عورتون قتل ڪيون وڃن. حڪومتن جو ڪم ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ آهي، پر جڏهن اها ڪمزوري ڏيکاري ٿي، تڏهن عورتن لاءِ هر گهر، هر رستو، هر ڳوٺ موت جو کوھ بڻجي وڃي ٿو. سويرا خاصخيليءَ جو قتل ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته هن رياست ۾ عورت لاءِ نه تحفظ آهي، نه انصاف، نه عزت.
اسان کي اڄ اهو سوال ڪرڻو آهي ته جيڪڏهن وقت جي حڪومت پنھنجي ڏيھ جي انسان کي بچائي نٿي سگهي ته پوءِ ان جي دعوائن جو ڇا مطلب آهي؟ حڪومت جي ڪهڙي حيثيت آهي جيڪڏهن اها رت جي رشتن جي وحشت کان به هڪ ڇوڪريءَ کي زنده نٿي رکي سگهي؟ جيڪڏهن عدالتن ۾ عورت لاءِ انصاف ناهي ته پوءِ اهي عدالتون ڇا لاءِ آهن؟ جيڪڏهن پوليس عورت لاءِ تحفظ نه ٿي ڏئي سگهي ته پوءِ اها پوليس ڇو آهي؟ جيڪڏهن پارليامينٽ عورت لاءِ قانون ٺاهڻ باوجود به قاتلن کي سزا نه ٿي ڏيئي سگهي ته پوءِ اها پارليامينٽ ڇو آهي؟
سويرا جو رت اسان کان سوال ٿو ڪري ته ڇا عو رت رڳو ملڪيت آهي؟ ڇا عورت جو وجود رڳو عزت جي نالي ۾ دفن ڪرڻ لاءِ آهي؟ ڇا عورت جي زندگيءَ جي ڪا قيمت ئي ناهي؟ جيڪڏهن عورت کي زندھ رهڻ جو حق ناهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي سماج کي مهذب چوائڻ جو به ڪو حق ناهي.
_______________________