Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

شھيد الھ بخش سُومرو _ تاريخ جو وکريل ورق

شھيد الله بخش سومرو کي ڪنھن قتل ڪرايو.؟ ممڪن آ انھي سازش ۾ عالمي سامراجي ذھنيت ملوث ھجي. پر اھو ڳجھ اڃا تائين ظاھر نہ ٿي سگھيو آھي

جتوڻيڪ ھن وٽ خودمختيار سنڌ جو تصور نہ ھو پر تنھن ھوندي بہ جڏھن ھو سنڌ جو وزير اعظم ھو تہ انھيءَ وقت بہ ھو سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو

رشيد احمد خاصخيلي

سنڌ ۾ جيڪڏھن سنجيدا  سياستدانن، ۽ سيڪولر  سياست جي ڳالھ چوربي تہ ان ۾ شھيد الله بخش سومرو جو شمار پھرين صف ۾ ايندو، جيڪڏھن (ھندوستان خالي ڪريو) تحريڪ جو جنھنڊو ماضي جي دز پئجي ويل ورقن مان ڇھنڊي بلند ڪبو تڏھن بہ سنڌ مان شھيد الله بخش جو شمار اول اول نظر ايندو.! جيڪڏھن شديد مذھبي لاڙن کان پرڀري ۽ پاسيري سياست جي ڳالھ لکبي تڏھن بہ  شھيد الله بخش سومرو اسان کي ان حوالي سان بہ اڳيان اڳيان نظر ايندو.! سائين محمد ابراھيم جويو الله بخش سومري جو ساروڻيون ساريندي چيو ھو تہ   ھن کي مذھبي سياست سان انسيت نہ ھئي. ھن جي سياست مذھبن کان پاسيري ھئي. اھو ئي سبب آھي جو ھن پاڻ  کي ڪانگريس جي سياست سلھاڙيو. جتوڻيڪ ھن وٽ خودمختيار سنڌ جو تصور نہ ھو پر تنھن ھوندي بہ جڏھن ھو سنڌ جو وزير اعظم ھو تہ انھيءَ وقت بہ ھو سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو.!“ ان ڳالھ کان ڀلا ڪير انڪار ڪندو تہ ان وقت جون مسلم ليگ جي سازشن کي شھيد الله بخش وڏي برجستو دل سان مُنھن ڏنو ۽ ھن پنھنجو پاڻ کي ڪڏھن بہ ڪمزور نہ ڪيو.! جڏھن تہ ھن جا سڀ ديس واسي ھن کان مُنھن موڙي ويا پر تڏھن بہ ھن ڪنھن جي خلاف ڪا سازش دماغ ۾ نہ پالي پر پنھنجي آدرشن ۽ اصولن تي قائم رھيو تان جو اڳتي ھلي ھن کي شھيد ڪيو ويو.! عبدالواحد آريسر لکي ٿو تہ شھيد الله بخش وڏو بھادر ھو،

سنڌ اسيمبلي جي رڪاڊ مطابق ھڪ دفعو ڪو مسلم ليگي چڙ ۾ اچي ويو تہ الله بخش! جيڪڏھن تو پنھنجي اھا روش نہ بدلائي تہ تہ مجبور ٿي مسلم ليگ کي تو مان جند ڇڏائڻي پوندي (آخر ائين ئي ٿيو ۽ ھن کي بعد ۾ قتل ڪيو ويو) جنھن تي الله بخش کيس جواب ڏنو تہ مسٽر  آءُ گولي کائڻ لاءِ تيار آھيان پر مسلم ليگ جي خود ساختہ قائد اعظم کي مڃڻ لاءِ تيار ناھيان. پوءِ مسلم ليگ واقعي ھن کي پنھنجي راھ تان ھٽائي ڇڏيو آءُ اڄ شھيد اللله بخش سومرو جي شھادت جو ذميوار مسلم ليگ کي سمجھان ٿو  ۽ نڪي حرن کي. ڇو تہ شھيد الله بخش سومرو جي قتل جي الزام ۾ مسلم ليگ اڳواڻ محمد ايوب کھڙو جيل بہ ويو ھو. 

ساڳي ڳالھ سوڀي گيانچنداڻي بہ لکي آھي ۽ ھن ڪجھ سوال بہ رکيا آھن.” شھيد الله بخش سومرو کي ڪنھن قتل ڪرايو.؟ ممڪن آ انھي سازش ۾ عالمي سامراجي ذھنيت ملوث ھجي. پر اھو ڳجھ اڃا تائين ظاھر نہ ٿي سگھيو آھي. ظاھري طور اھو ڪيس محمد ايوب کھڙي تي ھلايو ويو جنھن ۾ ڪجھ حرن کي بہ شامل ڪيو ويو. ججن پنھنجو فيصلو ڏيندي  تڏھن  ايوب کھڙي کي ان وقت ڪيس کان بري ڪيو. بھرحال  تاريخ ۾ اھو سوال اڄ تائين ڪر کنيون بيٺو آھي تہ  شھيد الله بخش سومرو جو قتل نيٺ ڪنھن ڪرايو.؟ “  جيتري تائين حرن جو مامعلو شھيد الله بخش جي قتل سان ڏيکاريو ٿو وڃي تہ ان حوالي آريسر جي راءِ سان گھڻي حد تائين اتفاق  ڪري سگھجي ٿو.”  جيتوڻڪ ڪن ھٿرادو شاھدن تي ايوب کھڙو آزاد ٿي ويو، ۽ الله بخش جو خون حرن جي ڳيچي ۾ پئجي ويو.! حالانڪہ حرن کي ساڻس  وير نہ ھو. اھو ان ڪري آءُ چوان ٿو تہ جيڪا ريل گاڏي ٽنڊو آدم وٽ ڪري ھئي ان ۾ شھيد سوار ھو. انھي سلسلي ۾ ھڪ واقعو  سائين جي ايم سيد لکيو آھي تہ ھڪ دفعي ڄيٺي سپاھيملاڻي مون سان گڏجي خانبھادر کھڙي جي گھر ھلي. کھڙي صاحب چانھ گھرائي تہ ڄيٺي کھڙي جي چانھ پيئڻ کان انڪار ڪيو ۽ کھڙي کي چيو تہ تنھنجي چانھ ۾ مون کي شھيد الله بخش  جي رت جي بوءِ ٿي اچي.“

 آئون سائين محمد ابراھيم جويو جي ھن ڳالھ سان بہ اتفاق ڪريان ٿو تہ : ” الله بخش سياسي طور ھڪ وڏو ڏورس ماڻھو ھو. پاڪستان توڙي  جناح جي باري ۾ چيل جيڪي بہ ڳالھيون ھيون، اھي اڳيان ھلي بلڪل صحيح ثابت ٿيون. جن کي سائين جي ايم سيد پڻ قبول ڪيو.! مون کي ياد آھي تہ ھڪ ڀيري آئون ۽ سائين جي ايم سيد الله بخش سومرو جي مزار تي وياسين تہ انھي وقت سائين جي ايم سيد ان ڳالھ جو اعتراف ڪيو تہ  شھيد الله بخش صحيح چيو ھو جيتريون ڪوششون آئون پاڪستان ٺاھڻ لاءِ لڳائي رھيو آھيان ايندڙ وقت ۾ انھي جي خلاف ئي ويڙھ ڪندو رھندس.! “ ڪيڏي نہ مفڪرانا اڳڪٿي ھئي جيڪي اڳتي ھلي واقعي سچ ثابت ٿي .(ياد رھي تہ اھڙي اڳڪٿي سوريھ بادشاھ پڻ ڪئي ھُئي جيڪا بہ سچ ثابت ٿي.)

سوڀي گيانچداڻي لکيو آھي ” 1940ع واري رام ڳڙھ آل انڊيا ڪانگريس ۾ شرڪت لاءِ  ٽرين ذريعي وڃي رھيا ھئاسين تہ انھي سفر ۾ شھيد الله بخش بہ شريڪ ھو  انھي ڪانگريس ۾ مشھور انقلابي سڀاش چندر بوس سميت ٻيو شخصيتون بہ شريڪ ھيون. شھيد الله بخش سومرو سنڌ جو ھڪ سورمو ۽ سچو سپوت ھو، ان سنڌ جي ماڻھن کي يعني سنڌي ھندن ۽ مسلمانن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ انتھائي ڪوششون ڪيون جن کي تاريخ جي ورقن ۾ سنھري لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو.“ نہ صرف الله بخش سٺو ۽ سنجيدا فڪري نگاھ رکندڙ سنڌ جو سياستدان ھو پر ھو سنڌ جي روايتن جو وڏو ڄاڻو بہ ھو ھن کي مھمان نوازي جي ڀرم جي پروڙ وڏڙن کان ورثي ۾ ملي ھئي. سوڀي گيانچنداڻي لکيو آھي”  ھو تمام وڏو مھمانواز ھو ۽ دسترخوان سڌائين ڪشادو رھندو ھو، ھن جي گھر وڃڻ جو ٽي چار ڀيرا شرف نصيب ٿيو ۽ سڌائين ماني کارائي پوءِ ڇڏيائين. مولانا ابولڪلام آزاد سردار ولڀ ڀائي پٽيل ۽ جواھر لال نھرو سميت  ٻين شخصيتن جي ھن وٽ اچ وڃ ٿيندي رھندي ھئي،  ۽ ھو ھنن جي مھمانوازي ڪندو رھندو ھو.  شھيد الله بخش سومرو جي گھر ۾ مون  ڄيٺي سپاھيملاڻي کي ڏٺو  جيڪا ڪانگريس جي چوٽي جي ليڊرن مان ھئي تڏھن مون کي يقين ٿيو تہ الله بخش فرشتہ صفت انسان آھي. ھن فسادن وقت سنڌي  ھندن ۽ مسلمانن کي ھڪ ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. پر اھا ڀڙڪيل باھ وسامي نہ سگھي. ۽ مسجد منزل گاھ جي فسادن جي شروعات ٿي. ان وايو منڊل کي تبديل ڪرڻ لاءِ الله بخش ڏھن ئي آڱرين جو زور ڏنو  ۽ آل انڊيا بنياد تي ڪانگريس ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ٺاھ جي ڪوشش ڪندو رھيو!.“ (ياد رھي تہ ان فسادن ۾ سائين جي ايم سيد بہ شريڪ ھيو. جنھن جو اعتراف سائين پنھنجي ڪتاب ديارِ دل داستان جي پيش لفظن ۾ ڪيو آھي.) سائين جي ايم سيد لکيو آھي تہ  خواجہ محمد حسن جان سرھندي جي مذھبي فڪر جو اثر منھنجي سياسي زندگي تي سالن جا سال ھلندو رھيو. مون سان گڏ ڪيترائي ساٿي بہ ان ڳالھ جو شڪار ٿيا، ويندي پير علي محمد شاھ راشديءَ تائين، جنھن مون کي انھيءَ تصنع ۽ شريعتي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ کان منع ٿي ڪئي.

جيڪڏھن منزل گاھ جھڙي بوسيده ۽ غير آباد مسجد جي آزاديءَ کي سياست جو جزو بنائي نادانستہ ھندو مسلم فسادن جو ڪارڻ بنيس تہ ان لاءِ وقت گذرڻ بعد انھي اثر کي جوابدار ڄاڻان ٿو. منزل گاھ مسجد تحريڪ جي سرپرستي ڪرڻ وقت سنڌ جا صوفي منش مسٽر جمشيد مھتا، ۽ دادا ڄيٺيمل پرسرام مون کي سمجھائڻ آيا تہ اھو طريقو تنھنجي روايات جي خلاف ھو، پر مون تي ان وقت مذڪوره بالا اثر ڪري فرقہ پرستيءَ جو ڀوت سوار ھو، سو درست ٿي نہ سگھيس بعد ۾ جمشيد مرحوم ھڪ دوست سان گفتگو ڪندي ظاھر ڪيو تہ ” سيد جي عابدانہ زندگي کيس نور الاھي جي تجلي حاصل ڪرڻ جي عيوض ڊارڪ فورسز (ظلمت) جي سايہ ھيٺ آڻي ڇڏيو آھي.

جڏھن ان کان پوءِ مسلمانن جي جداگانہ قوم جي غلط نظريي ھيٺ ھندو مسلم نفرت جي بنياد تي پاڪستان جي حصول لاءِ جدوجھد ڪيم تہ بہ ان جو ڪارڻ اھو ئي اثر ھو.“ سائين عطا محمد سان جڏھن بہ شھيد الله بخش سومرو واري قتل تي گفتگو ٿي تہ ھن ان کي عالمي گريٽ گيم جي سازش طور پيش ڪيو. نہ صرف روبرو گفتگوءَ ۾ پر سائين عطا محمد شھيد الله بخش تي ان حوالي سان ھڪ مضمون پڻ لکيو ھو جيڪو مضمون ( جديد سنڌ جو قومي سرواڻ شھيد الله بخش سومرو ۾ موجود آھي جنھن جي ترتيب ۽ تحقيق محبوب علي سومرو ڪئي آھي.) شھيد الله بخش جي قتل جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگھن ٿا، پر سائين عطا محمد جي ھن ڳالھ ۾ ويساھ رکجي ٿو تہ وقت ڪلاڪار جيئان ھوندو آھي جيڪو ڪنڀر بڻجي  مقتل جا ماڊل ۽ ڪپڻ لاءِ ڪنڌ ۽ ڪات گھڙيندو آھي ۽ الله بخش سومرو کي ٺپڻي سان ٺپي ٺاھي عشق جي آويءَ ۾ پچائي مقتلن جي نقش تي بيھاري ڇڏيندو آھي. شھيد الله بخش سومرو جا رت ڦڙا جيڪي زمين تي ڪريا ھئا، اھي رت ڦڙا ڪڏھن نہ ڪڏھن تاريخ اندر دودا ۽ درياءَ خان زمين مان سوڀن جا گولا ٿي ڦٽندا ۽ سنڌ ضرور پنھنجو سوراج ماڻي وٺندي.

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button