Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جڏھن وڏا وڻ ڪرندا آھن تہ ڌرتي ڌُڏي ويندي آھي

بشير خان وٽ وڏو دماغ  ھو يا  نہ، يا ھُو ڪو وڏو اديب ھو يا نہ، پر سندس سيني ۾ سنڌ جيڏي ڪُشادي دل ضرور ھُئي.! ھا اُھا دل جيڪا دراوڙن جي رت جو تفسير ھُئي جنھن ۾ وطن جي تانگھ ۽ تحفظ جا ڪيترائي اکر سَولن  ۽ سادن لفظن ۾  عيان ٿيل ھُئا.!

رشيد احمد خاصخيلي

ھڪڙا وڻ پنھنجي ظاھري وجود ۾ تہ وڏا ھوندا آھن، پر جڏھن اُنھن جي اھميت جو چوڏسان جائزو ورتو ويندو آھي ۽ ان جائزي جو وڌيڪ باريڪ بيني سان تعين ڪري جڏھن ڪي خاص نتيجا اخذ ڪبا آھن تہ بظاھر تہ وڏا وڻ بہ ڪو خاص ڪارج ناھن ڏئي سگھندا. ڏٺو وڃي تہ اُنھن ڊگھن وڏن وڻن جو باقي وجود بہ پرٿويءَ تان  وقت سان گڏو گڏ آھستي آھستي ٿي ميسارجي ئي ويندو آھي ۽ اُھي ديو قداور وڏا وڻ پنھنجي ھستيءَ جي وکرڻ جو ترانو بہ ناھن ٻڌي سگھندا.! ڀلا اُھي ترانو ٻڌي بہ ڪيئن سگھن، جڏھن تہ انھن پنھنجي وجود سان ڪا خاص ڇانوَ بہ راھ ويندڙ واٽھڙوئن کي نہ آڇي.! جنھن ڇانوَ جي سانوري بَزمَ ۾ ويھي ڪو راھ ويندڙ واٽھڙو آزاديءَ جا گيت ڳائي وياڪل خيالن کي ڪو ارڏائيءَ جو سھارو ڏئي سگھن ھا.!

ٻيا اُھي وڏا وڻ ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي ظاھري وجود ۾ تہ  نھايت غمگين ۽ وکريل ھوندا آھن، پر انھن جي ڪارج جي ھاڪ ملڪان مُلڪ ھُوندي آھي.! جيڪا ھاڪ اڳتي ھلي مُلھ بجاءِ املھ جو جھنڊو کڻي پنھنجي فتح جا نقش پرٿويءَ تي اھڙا تہ چٽيندي آھي، جو اُھي نقش مٽجي ناھن مٽجندا.! نہ ئي اُھي نقش ڪا ننڊ ئي ڪندا آھن.!

نيڻ نہ ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين،

اجھاميو ئي ٻرن، توکي ساريو سپرين.

(شاھ)

 يقينن بشير خان قريشي بہ اھڙن وڏن وڻن مان ھڪڙو وڻ ھُيو جنھن جي ڇانوِري ۾ ويھي ڪيترن ئي آزاديءَ جي پکيئڙن ڪيترائي آزاديءَ جا گيت وڏي حُب مان ڳاتا! جنھن گيتن  جو پڙاڏو اڄ بہ سنڌ جي چوڏسان سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ واڪا ڪندي ٻُڌي سگھجي ٿو:

ھڪ مان نہ چوان ٿو پر قومن جي ضرورت آ،

(نامعلوم)

 مون کي يقين آھي تہ ڀٽائي سرڪار اھڙن ئي وڏن وڻن ( يعني اھڙن ئي وڏن ڪردارن ) لاءِ آزاد سنڌ جي آزاد پٽن تي ويھي طنبوري کي تاڻي چئي ويو ھو :

سرھا ڏٺم سي، جن ساڃاھ سراڻ سين،

 تيغ تنين جي کي، ڪٽ نہ لڳي ڪڏهن.

(شاھ)

سرھا اُھي سرويچ ئي ھوندا آھن جيڪي پنھنجي جرئتمنديءَ جو ڀرم رکندا آھن. دماغ ڀلي تہ ڪيڏا بہ وڏا ھُجن پر وري بہ اُنھن وڏن دماغن جي اخذ ڪيل نقطن کي تڪميل وري بہ وڏيون دليون ئي ڏينديون آھن.! بشير خان وٽ وڏو دماغ  ھو يا  نہ، يا ھي ڪو وڏو اديب ھو يا نہ، پر ايترو سو آھي تہ ھن جي سيني ۾ سنڌ جيڏي ڪُشادي دل ضرور ھُئي.! ھا اُھا دل جيڪا دراوڙن جي رت جو تفسير ھُئي جنھن ۾ وطن جي تانگھ ۽ تحفظ جا ڪيترائي اکر سُولن  ۽ سادن لفظن ۾  عيان ٿيل ھُئا.!  آريسر بشير خان جي جرئتمنديءَ کي ساريندي ئي تہ لکيو ھو ”  آءُ اُهو ڪونہ ٿو چوان تہ هُو نِڪروما ۽ لوممبا وانگر جادوئي اثر رکندڙ مقرر هو، پر سنڌ جي ماڻهن جي نفسيات مطابق مادر وطن سنڌ جي خوبين ۽ خاصيتن تي ڳالهائيندو هو. هو بيپناھ جرئتمنديءَ سان ڳالهائيندو هو، ۽ سنڌي ماڻهو جرئتمنديءَ جا تاريخي طرح عاشق رهيا آهن- ۽ هن پنهنجي لفظن ذريعي سنڌين جي دلين ۾ اهڙي حرارت ۽ حِدت پيدا ڪئي، جو سنڌ جو ’سُتل شينهن جاڳي پيو.“

 آريسر، جيڪو بشير خان جي مُحبتن جو وڏو مداح ھُو.! جيڪو سندس سمرتين کي ساري ڏور نگاھ رکندڙ اکين کي روڪي نہ سگھيو ھو ۽ ھن جون اکيون ائين اُٺيون ھُيون جيئن سانوڻ جون گھنگھور گھٽائون وڏي مُدت کان پوءِ ٿر جي اڃايل واريءَ تي وسنديون آھن.! ھا وڏي جي جسماني جُدائي تي آريسر جي دل ائين ئي ماٺ ميٺ ۾ سُڏڪا ڀري روني ھُئي، جيئن راجيو گانديءَ جي مرتيي تي اندرا گانديءَ جي دل سُڏڪا ڀريا ھا.! تنھن آريسر پنھنجي لکڻين ۾ لکيو آھي تہ ”جڏھن وڏا وڻ ڪرندا آھن تہ ڌرتي ڌُڏي ويندي آھي.!“ ڇا اسين پويان لفظ شھيد  بشير خان قريشي جي ڪردار سان منسوب نہ ٿا ڪري سگھون.!؟

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button