Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

تاريخي ٻُڍا آشرم شڪارپور جي بحاليءَ جو ڪم روڪڻ تي شھرين جو احتجاج

ثقافتي کاتي جو ڪم رڳو ميلن، تقريبن، ادبي پروگرامن يا افتتاحن تائين محدود نہ ھجڻ گھرجي. تاريخي عمارتن جي هڪ هڪ سر، ڪاٺ جي هڪ هڪ در، پراڻي دستاويز جي هڪ هڪ صفحي ۽ شهر جي اجتماعي يادگيريءَ کي ايندڙ نسل تائين محفوظ رکڻ لاءِ مستقل نظام قائم ڪرڻ ثقافت کاتي جي اھم ذميواري اھي.

نسيم بخاري

شڪارپور رڳو هڪ شهر جو نالو ناهي، پر سنڌ جي تاريخ، واپار، ادب، فنِ تعمير، رواداري ۽ گهڻ ثقافتي سماج جي هڪ اهڙي زنده دستاويز جو نالو آهي، جنهن جي هر گهٽي، هر در، هر ڪاٺ جي نقش نگاري ۽ هر پراڻي عمارت پنهنجي اندر ڪيترين ئي صدين جون ڪهاڻيون سانڍي رکي ٿي. جڏهن ڪنهن شهر جي تاريخ کي محفوظ رکڻ لاءِ قانون موجود هجي، سرڪاري ادارا موجود هجن، کاتا موجود هجن، بجيٽون موجود هجن ۽ منصوبن جا نالا به سرڪاري فائيلن ۾ موجود هجن، تڏهن به اهي تاريخي عمارتون بار بار بي ڌياني، دير، اڻپوري منصوبابندي ۽ اوچتن حڪمن جي ور ڇو ٿيون چڙهن؟ انھيءَ جو مثال ٻُڍا آشرم جي بحاليءَ وارو ڪم آھي جنھن کي اوچتو روڪيو ويو آھي.

ٻڍا آشرم جي بحالي ۽ ڪنزرويشن جو ڪم ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي طرفان شروع ڪرايو ويو هو، جنھن کي بند ڪرڻ تي شهرين ۽ اديبن احتجاج ڪيو آھي. سندن موقف آھي ته کاتي جي مقرر ڪيل سائيٽ انجنيئر جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ ڪم جو وڏو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي سائيٽ انجنيئر کي زباني حڪم تحت ڪراچي واپس گهرائڻ ۽ ڪم روڪڻ بابت خط لکي صورتحال  افسوسناڪ پيدا ڪئي وئي آهي.

 ڪنهن تاريخي عمارت جي بحاليءَ جو ڪم واقعي ستر سيڪڙو تائين پهچي چڪو هجي ته پوءِ ان مرحلي تي ڪم روڪڻ جو فيصلو رڳو هڪ تعميراتي سرگرمي بند ڪرڻ جو فيصلو نٿو رهي؛ اهو عوامي پئسي، اڳ ۾ ٿيل ڪم، تاريخي ورثي ۽ مستقبل جي منصوبابندي بابت ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو.  2022جي برساتن ۾ عمارت کي وڏو نقصان پهتو هو.

 ھيءَ عمارت شڪارپور جي سماجي تاريخ، شهر جي مخير روايت ۽ ان دور جي گڏيل شهري زندگيءَ جو هڪ اهم نشان آهي. وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته شڪارپور جي تاريخي ورثي جي حيثيت بابت سرڪاري ۽ تحقيقي رڪارڊ به موجود آهي. شڪارپور جي تاريخي شهر کي 1998ع ۾ تحفظ هيٺ آندو ويو ۽ 2012ع ۾ 1203 تاريخي ملڪيتن جي نشاندهي ۽ نوٽيفڪيشن جو حوالو تحقيقاتي مواد ۾ ملي ٿو.

سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جو پنهنجو موجوده سرڪاري موقف به اهو آهي ته ان جون ذميواريون تاريخي ورثي جي حفاظت، ميوزيم، آرٽس ڪائونسلن، ثقافتي مرڪزن ۽ ٻين ثقافتي ادارن جي سار سنڀال تائين پکڙيل آهن. کاتي جي پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽرنگ اينڊ امپليمينٽيشن سيل جو سرڪاري مشن به تاريخي ماڳن ۽ عمارتن جي conservation، preservation، restoration ۽ rehabilitation منصوبن تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪرڻ آهي.

ان پسمنظر ۾ شڪارپور جي شهرين جو احتجاج ڪنهن هڪ عمارت تائين محدود نٿو رهي. اصل ۾ ٻڍا آشرم جي موجوده صورتحال شهر جي ثقافتي ادارن ۽ تاريخي عمارتن سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٿيندڙ سلوڪ بابت هڪ وڏي بحث جو دروازو کولي ٿي.

سوشل اينڊ لٽرري فورم جي ميزباني هيٺ ٻڍا آشرم تي ٿيل احتجاج ۾ ايس يو پي اڳواڻ ۽ سماجي شخصيت پرويز ابڙو، سينئر سٽيزن ويلفيئر ايسوسيئيشن جا اڳواڻ رحمت الله سومرو، بشير احمد چشتي، غلام علي گل، اديب انور علي سومرو، مهدي شاهه، حاڪم گل مهر، نسيم بخاري، سوشل اينڊ لٽرري فورم جا اڳواڻ آصف شيخ، ڊاڪٽر گهنشام، زوهيب شيخ، سينئر صحافي رحيم بخش جمالي، عمران سومرو، عثمان پنهوار، ابراهيم بروهي، غلام مرتضي شاهه، گوگي رام، نويد سومرو، نويد ميمڻ ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

مقررين جو بنيادي سوال اهو هو ته جيڪڏهن ثقافت ۽ سياحت کاتو پاڻ ڪنهن تاريخي عمارت جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪري، سائيٽ انجنيئر مقرر ڪري، فني نگرانيءَ جو بندوبست ڪري ۽ پوءِ ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ان کي روڪڻ جي صورتحال پيدا ٿئي ته ان عمل جي شفافيت بابت سوال اٿڻ فطري ڳالهه آهي.

شڪارپور جا شهري اهو به ياد ڏياري رهيا آهن ته ٻڍا آشرم جي پلاٽ ۽ عمارت کي مبينا قبضي کان بچائڻ لاءِ ماضي ۾ به شهر جي ساڃاهه وند ڌرين آواز اٿاريو هو. ان وقت احتجاجن ۽ مطالبن کان پوءِ بحاليءَ جو ڪم شروع ٿيڻ کي شهرين هڪ مثبت اڳڀرائي سمجهيو هو. هاڻي ساڳئي عمارت جي ڪم کي ٻيهر روڪڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ سبب انهن ۾ اهو خدشو پيدا ٿيو آهي ته ڪٿي تاريخ ٻيهر پاڻ کي ته نه ورجائي رهي آهي؟  جيڪڏهن عوامي ذهن ۾ اهڙو شڪ پيدا ٿيو آهي ته ان کي ختم ڪرڻ جي ذميواري به لاڳاپيل سرڪاري اداري تي ئي عائد ٿئي ٿي. شفافيت جو سڀ کان بهتر طريقو اهو آهي ته کاتو ٻڌائي ته ڪم ڇو روڪيو ويو، ڪهڙي اختيار تحت سائيٽ انجنيئر کي واپس گهرايو ويو، ڪم جي ڪل لاڳت ڪيتري آهي، ڪيترو ڪم مڪمل ٿيو، ڪيتري رقم خرچ ٿي ۽ باقي ڪم مڪمل ڪرڻ جو نئون ٽائيم فريم ڇا آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شڪارپور جي تاريخي عمارتن بابت پيش ٿيل معاملي ۾ به عدالت آڏو اهڙيون سفارشون سامهون آيون هيون، جن ۾ تاريخي ملڪيتن جي سروي، فهرست سازي، بحالي ۽ تحفظ لاءِ ڊگهي مدي واري فني ڪميٽي جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. رپورٽن ۾ ٻڍا آشرم سميت ڪيترين ئي تاريخي عمارتن جو ذڪر ٿيو ۽ عدالت ڊپٽي ڪمشنر کي به اهڙين ملڪيتن کي قبضي کان بچائڻ ۽ تحفظ هيٺ رکڻ بابت هدايتون ڏنيون هيون.

اهڙي پسمنظر ۾ شڪارپور جي شهرين جو سوال وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو ته آخر بار بار ساڳيون عمارتون خطري ۾ ڇو اچن ٿيون؟

مسئلو رڳو ٻڍا آشرم جو به ناهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته ثقافت کاتي جي بي ڌيانيءَ سبب شڪارپور اڳ ئي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيار ڪرايل اجرڪ ڪلب جهڙي ثقافتي سهولت کان محروم ٿي چڪو آهي. ماضيءَ ۾ ثقافت کاتي جي وزير پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ سامي ثقافتي مرڪز جو سنگِ بنياد رکيو ويو، پر اهو منصوبو پنهنجي پڄاڻيءَ تائين نه پهچي سگهيو؛ وقت گذرڻ سان سنگِ بنياد وارو پٿر ئي ڊاهي ڇڏيو ويو. اهو واقعو رڳو هڪ پٿر جي مسمار ٿيڻ جو واقعو ناهي، پر منصوبن جي تسلسل، سرڪاري اعلانن ۽ عوامي اعتماد بابت سوال پيدا ڪندڙ مثال ضرور آهي.

ساڳيءَ ريت آرٽس ڪائونسل جي عمارت جو خواب به ڏهاڪن کان شڪارپور جي ادبي ۽ ثقافتي حلقن جي ذهن ۾ موجود آهي، پر اهو خواب اڃا تائين مڪمل حقيقت جو روپ اختيار نه ڪري سگهيو آهي. شهر جو سٽي ميوزيم به هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن بابت ڊگهي عرصي کان ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن.

هتي هڪ اهم سرڪاري تضاد به نظر اچي ٿو. سنڌ اسيمبليءَ جي 28 آڪٽوبر 2024ع واري سوالن ۽ جوابن جي رڪارڊ موجب ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ٻڌايو هو ته شڪارپور ۾ کاتي جي آفيس موجود آهي ۽ ان جي جاءِ ”سٽي ميوزيم، شڪارپور“ طور درج ٿيل آهي، جڏهن ته ان وقت ان آفيس سان لاڳاپيل ڪو به ongoing scheme درج نه هو.

انهيءَ رڪارڊ کي ڏسندي اهو سوال جائز طور اڀري ٿو ته جيڪڏهن شڪارپور ۾ سٽي ميوزيم سرڪاري رڪارڊ ۾ موجود اداري طور درج آهي ته ان جي عملي حيثيت، عمارت، نمائش، مجموعن، بجيٽ ۽ مستقبل جي منصوبي بابت عوام کي واضح معلومات ڇو نه ڏني وڃي؟

شڪارپور جي ماڻهن جو اصل ڏک شايد اهو ئي آهي ته سندن شهر بابت اعلان تمام گهڻا ٿين ٿا، پر انهن اعلانن جو انجام گهڻو ڪري فائيلن، تختين، سنگِ بنيادن يا اڌورن منصوبن کان اڳتي وڌندي نظر نٿو اچي.

ثقافت ۽ سياحت جي اڳوڻي وزير سيد سردار علي شاهه جي شڪارپور جي دوري دوران اديبن سان ڪيل واعدن جو حوالو به شهر جا ادبي حلقا ڏين ٿا. پوءِ کليل ڪچهري شڪارپور ۾ موجوده وزير ثقافت ذوالفقار علي شاهه طرفان ڪيل اعلانن کي به شهرين اميد جي نگاهه سان ڏٺو. پر جيڪڏهن ٻڍا آشرم جهڙي اهم عمارت جي بحاليءَ جو ڪم ان مرحلي تي اچي بيهي وڃي ٿو، جڏهن شهرين موجب وڏو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي، ته انهن اعلانن جي عملي نتيجن بابت سوال اٿڻ لازمي آهي.

هتي ڪنهن وزير يا آفيسر کي ذاتي طور ذميوار قرار ڏيڻ مقصد نه  آھي. اصل سوال ادارتي ڪارڪردگي جو آهي.

ثقافتي کاتي جو ڪم رڳو ميلن، تقريبن، ادبي پروگرامن يا افتتاحن تائين محدود نہ ھجڻ گھرجي. تاريخي عمارتن جي هڪ هڪ سر، ڪاٺ جي هڪ هڪ در، پراڻي دستاويز جي هڪ هڪ صفحي ۽ شهر جي اجتماعي يادگيريءَ کي ايندڙ نسل تائين محفوظ رکڻ لاءِ مستقل نظام قائم ڪرڻ ثقافت کاتي جي اھم ذميواري آھي.

شڪارپور جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي سرڪاري منصوبابنديءَ ۾ به ٻڍا آشرم جو نالو موجود آهي. سنڌ جي 2024-25 واري ترقياتي پروگرام جي دستاويز ۾ ”Conservation, Preservation, Restoration and Rehabilitation work of Heritage Building Buddha Asharam at District Shikarpur“ نالي منصوبو شامل ڪيو ويو، جنهن جي تخميني لاڳت تقريباً 100 ملين رپيا ڏيکاري وئي. بعد جي 2026 واري سرڪاري ترقياتي فهرست ۾ به اهو منصوبو شڪارپور لاءِ درج آهي.

هي دستاويزي حقيقت پاڻ ۾ هڪ اهم سوال پيدا ڪري ٿي: جڏهن منصوبو سرڪاري ترقياتي پروگرام ۾ شامل آهي، ان لاءِ مالي منظوري ۽ ڪم جو ڍانچو موجود آهي، ته پوءِ ان جي اڳڀرائي، خرچ، فني نگراني ۽ باقي رهيل ڪم بابت مڪمل تفصيل عوام اڳيان رکڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟

شهرين کي  جواب ڏيڻ سان ئي شڪ ختم ٿي سگهن ٿا.

جيڪڏهن ڪم فني سببن ڪري روڪيو ويو آهي ته فني رپورٽ جاري ڪئي وڃي. جيڪڏهن مالي مسئلو آهي ته بجيٽ جي صورتحال ٻڌائي وڃي. جيڪڏهن ٺيڪيدار سان مسئلو آهي ته ان جو رڪارڊ سامهون آندو وڃي. جيڪڏهن ڪم جي معيار بابت خدشو آهي ته آزاد فني معائنو ڪرايو وڃي. جيڪڏهن انتظامي سبب آهي ته ان جو حڪم عوام کي ڏيکاريو وڃي. ۽ جيڪڏهن ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي ته پوءِ ڪم فوري طور ٻيهر شروع ڪيو وڃي.

اهو ئي شفافيت جو سادو اصول آهي.

شڪارپور جا اديب ۽ شهري ثقافت کاتي جا دشمن ناهن. هو ته اصل ۾ ان کاتي کان وڌيڪ توقع رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن شهر جي تاريخ، ادب، فن ۽ ثقافتي ورثي سان ان کاتي جي سڌي ذميواري جڙيل آهي.

پر جڏهن هڪ ئي شهر ۾ اجرڪ ڪلب جو قصو، سامي ثقافتي مرڪز جو اڌورو خواب، آرٽس ڪائونسل جي ڊگهي انتظار ۽ سٽي ميوزيم بابت سوالن سان گڏ ٻڍا آشرم جو بحاليءَ وارو ڪم به بي يقينيءَ جو شڪار ٿيندو ته پوءِ شهرين ۾ اهو تاثر پيدا ٿيڻ فطري آهي ته شايد شڪارپور ثقافت کاتي جي ترجيحن ۾ پوئتي ڌڪجي ويو آهي.

هي تاثر ختم ڪرڻ لاءِ تقريرن کان وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.

ٻڍا آشرم کي بچائڻ جو مطلب صرف هڪ عمارت کي بچائڻ ناهي. ان جو مطلب شڪارپور جي ان گڏيل ماضي کي بچائڻ آهي، جنهن ۾ مختلف برادرين شهر جي تعمير، واپار، تعليم، سماجي خدمت ۽ ثقافت ۾ پنهنجو حصو وڌو. سنڌ حڪومت پاڻ چئي ٿي ته سنڌ جو ورثو سڀني برادرين جو گڏيل ورثو آهي ۽ ان کي احتياط ۽ وقار سان محفوظ رکڻ گهرجي.

تنهن ڪري هاڻي شڪارپور کي اعلان نه، نتيجو گهرجي؛ تختي نه، مڪمل عمارت گهرجي؛ واعدو نه، عمل گهرجي.

ثقافت کاتي کي گهرجي ته ٻڍا آشرم بابت مڪمل سرڪاري وائيٽ پيپر جاري ڪري: منصوبي جي منظوري، PC-I، مجموعي لاڳت، جاري ٿيل رقم، خرچ ٿيل رقم، فني نگرانيءَ جو نظام، سائيٽ انجنيئر کي واپس گهرائڻ جو سبب، ڪم روڪڻ جو حڪم ۽ باقي ڪم مڪمل ڪرڻ جي آخري تاريخ عوام اڳيان رکي.

ساڳئي وقت شڪارپور جي ٻين ثقافتي منصوبن—اجرڪ ڪلب، سامي ثقافتي مرڪز، آرٽس ڪائونسل ۽ سٽي ميوزيم—جي به الڳ الڳ موجوده حيثيت جاري ڪئي وڃي.

ڇو ته تاريخ سان انصاف صرف پراڻي عمارت جي ڀت رنگڻ سان نٿو ٿئي؛ تاريخ سان انصاف تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ان عمارت جي ملڪيت محفوظ هجي، ان جو رڪارڊ محفوظ هجي، ان جي اصل تعمير محفوظ هجي، ان جو استعمال عوامي هجي ۽ ان جي حفاظت لاءِ ادارا جوابده هجن.

شڪارپور جا شهري اڄ اهو سوال پڇي رهيا آهن ته ڇا ٻڍا آشرم جو بحاليءَ وارو سفر وري ڪنهن فائيل ۾ دفن ٿي ويندو يا هن ڀيري سرڪاري کاتو پنهنجي ئي شروع ڪرايل ڪم کي منطقي انجام تائين پهچائيندو؟

هن سوال جو جواب احتجاج ڪندڙ اديبن ۽ شهرين وٽ نه، ثقافت کاتي وٽ آهي. ۽ شايد هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهو جواب لفظن سان نه، ٻڍا آشرم جي مڪمل ٿيل بحاليءَ جي صورت ۾ ڏنو وڃي.

__________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button