ڏکڻ ڪوريائي شھر چُنچيون ۾ عالمي امن ڏينھن تي 4 ڪلوميٽر ڊگھي واڪ
گڏيل قومن جي پنجيتاليھين عالمي امن ڏينھن جي واڪ ورلڊ تائيڪوانڊو پوئمساءِ چيمپئنشپ جو جشن ملهائڻ لاءِ منعقد ڪئي وئي هئي. تائيڪوانڊو بين الاقوامي تبادلي ۽ امن جو هڪ ذريعو بڻجي رهيو آهي.

رپورٽ: سيوڪ-جي ڪانگ (Seok-jae Kang)
نائب صدر، ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن
چنچيون، ڏکڻ ڪوريا: سترھين سيپٽمبر تي گنگوان صوبي جي چنچيون شھر ۾ سونگام اسپورٽس ٽائون جي ويجهو 2026ع جي چنچيون پيس واڪ (Chuncheon Peace Walk) ڪاميابيءَ سان منعقد ڪئي وئي. اها واڪ گڏيل قومن جي عالمي امن ڏينهن جي 45هين سالگرهه کي يادگار بڻائڻ ۽ 2026ع جي ورلڊ تائيڪوانڊو پوئمساءِ چيمپئنشپ جو جشن ملهائڻ لاءِ منعقد ڪئي وئي هئي.

سونگام اسپورٽس ٽائون اسڪيٽنگ رنگ کان يوئيئام اسڪائي واڪ (Uiam Skywalk) تائين چئن ڪلوميٽرن جي امن واڪ، جي سي ايس انٽرنيشنل (GCS International)، ورلڊ تائيڪوانڊو (WT)، چنچيون سٽي، دي ڪوريا ٽائمز، ۽ چنچيون ليجر ۽ تائيڪوانڊو آرگنائيزنگ ڪميٽي پاران گڏجي منعقد ڪئي وئي ھئي.
هن تقريب ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻھن حصو ورتو، جن ۾ ڏيھ توڙي پرڏيهه مان جي سي ايس انٽرنيشنل جا ميمبر، 2026ع ورلڊ تائيڪوانڊو پوئمساءِ چيمپئنشپ ۾ حصو وٺندڙ ايٿليٽس، WT ڪائونسل جا ميمبر، ۽ چنچيون جا مقامي رهاڪو شامل هئا. ان کان علاوه، انٽرنيشنل سينٽر فار ڪورين ڪلچر (ICKC) جا 25 ميمبر ۽ چنچيون هينگونگ ايسوسيئيشن (Chuncheon Hangung Association) جا 15 ميمبر پڻ امن مارچ ۾ شامل ٿيا.

2026ع جي ورلڊ تائيڪوانڊو پوئمساءِ چيمپئنشپ، جيڪا 16 سيپٽمبر تي شروع ٿي هئي ۽ جنهن ۾ 85 ملڪن مان لڳ ڀڳ 2,000 ايٿليٽس شرڪت ڪئي، سونگام اسپورٽس ٽائون ايئرڊوم ۾ 20 سيپٽمبر تائين جاري رهي.
امن واڪ ۾ شرڪت ڪندڙ شخصيتن ۾ ڊاڪٽر چونگون چوئي (Dr. Chungwon Choue)، WT ۽ GCS انٽرنيشنل جا صدر؛ يوڪ دونگ-هان (Yook Dong-han)، چنچيون سٽي جو ميئر يانگ جن-بينگ (Yang Jin-bang)، WT جا نائب صدر ۽ ڪوريا تائيڪوانڊو ايسوسيئيشن جا صدر؛ ماهر مگيبلھ (Maher Magableh)، WT ڪائونسل ميمبر ۽ GCS آسٽريليا جا صدر؛ ۽ سوه جو-هوان (Suh Joo-hwan)، GCS ڪوريا جا صدر شامل هئا.

ٻين معزز مهمانن ۾ ڪم يونگ-سن (Kim Young-sun)، WT ايڊوائيزري ڪميٽي جا چئيرمين؛ لي سانگ-من (Lee Sang-min) ۽ چو يونگ-ٽيڪ (Cho Young-taek)، چنچيون آرگنائيزنگ ڪميٽي جا نائب چئيرمين؛ پارڪ ايوئي-گون (Park Eui-geun)، ICKC جا صلاحڪار؛ ڪانگ سيوق-جي (Kang Seok-jae)، GCS انٽرنيشنل جا نائب صدر ۽ WT ايڊوائيزري ڪميٽي جا ميمبر؛ ڪم وان-سو (Kim Wan-soo)، WT ايڊوائيزري ڪميٽي جا ميمبر؛ هانگ ڊڪ-هوا (Hong Duck-hwa)، GCS انٽرنيشنل جا سيڪريٽري جنرل؛ ۽ لي ون-جونگ (Lee Won-jong)، GCS ڪوريا جا سيڪريٽري جنرل شامل هئا.
واڪ کانپوءِ، شرڪت ڪندڙن کي يادگاري واڪ مڪمل ڪرڻ جا ڪِي رنگ ڏنا ويا، WT پرفارمنس ٽيم پاران مظاهرو ڏنو ويو، ۽ منجھند جو ورچوئل تائيڪوانڊو ۽ لائيو پوئمساءِ ميچون ٿيون.

GCS انٽرنيشنل ۽ WT پاران گڏجي منعقد ڪيل 2026ع چنچيون پيس واڪ، 2018ع جي جيجو ورلڊ پيس واڪاٿون (Jeju World Peace Walkathon) کانپوءِ ڪوريا ۾ منعقد ٿيل پهرين اهڙي تقريب هئي، جيڪا 2018ع جي جيجو ڪوريا اوپن تائيڪوانڊو چيمپئنشپ جي موقعي تي منعقد ٿي هئي. اڳتي هلي، چنچيون پيس واڪ هر سال چنچيون ۾ منعقد ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي.

15 سيپٽمبر تي، ورلڊ تائيڪوانڊو جي نئين هيڊ ڪوارٽر جي سنگِ بنياد رکڻ جي تقريب ۽ 2026ع ورلڊ تائيڪوانڊو پوئمساءِ چيمپئنشپ جي افتتاحي تقريب سونگام اسپورٽس ٽائون ايئرڊوم ويجهو منعقد ڪئي وئي هئي. WT هيڊ ڪوارٽر جي تعمير جُون 2028ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.

چنچيون پيس واڪ جي افتتاحي تقريب دوران پنهنجي تقرير ۾ WT ۽ GCS انٽرنيشنل جي صدر ڊاڪٽر چوئي چونگ-ون چيو: “تائيڪوانڊو صرف مقابلي لاءِ راند ناهي؛ پر اها هڪ اهڙي نظم ضبط جو نالو آهي جيڪا احترام ۽ امن جي قدرن کي شيئر ڪري ٿي.”
“مون کي اميد آهي ته هيءَ تقريب، جيڪا عالمي تائيڪوانڊو خاندان ۽ چنچيون جي شهرين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ٿي، امن جو پيغام پري پري تائين پکيڙڻ لاءِ هڪ وڏو موقعو ثابت ٿيندي.”

چنچيون سٽي جي ميئر يوڪ دونگ-هان تاريخي تعلق کي اجاگر ڪندي چيو: “گڏيل قومن جو عالمي امن ڏينهن 1981ع ۾ WT صدر چوئي جي والد، مرحوم ڊاڪٽر چوئي يونگ-سيڪ (Dr. Choue Young-seek) جي قيادت ۾ قائم ڪيو ويو هو. اهو معجزي کان گھٽ ناهي ته تائيڪوانڊو بين الاقوامي تبادلي ۽ امن جو ضامن بڻجي رهيو آهي، ۽ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اهي امن جون سرگرميون چنچيون جهڙي شهر ۾ ٿي رهيون آهن.“
________

سيوڪ-جي ڪانگ – نائب صدر، ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



